دريا جا بند ضرور ٽُٽا آهن پر اسانجا حوصلا نه!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    دريا جا بند ضرور ٽُٽا آهن پر اسانجا حوصلا نه!​
    [INDENT

    [​IMG]

    علي قاضي
    سنڌ ۾ لکيل تاريخ جي آيل سڀني کان وڏي تباهيءَ کانپوءِ سنڌ ڪيئن هوندي، ماڻهن جا سماجي، سياسي، معاشي رويا ڇا هوندا؟ وغيره، اهڙا سوال آهن، جيڪي سماجيات ۽ سياسيات جي موضوعن جي استادن ۽ شاگردن جي ذهنن ۾ گردش هيٺ آهن. عام طرح حال ۾ ٿيل ڪنهن واقعي ۽ سانحي جي اثرن کي سمجهڻ لاءِ ان نوعيت جي ئي ماضي ۾ ٿي گذريل ڪنهن واقعي/سانحي کي ريفرنس يا حوالي طور سامهون رکي تجزيو ڪيو وڃي ٿو. مثال طور جيڪڏهن آمريتي دور اچي ٿو ته ماضي جي آمريتي دورن کي آڏو رکي تجزيو ڪبو آهي. ڪنهن سياسي تحريڪ کي ماضي جي تحريڪن، ڪنهن جهاز يا ٽرين حادثي کان ويندي زلزلي جي Impacts (اثرن) کي به ماضي ۾ آيل زلزلي سان ڀيٽيو ويندو آهي، پر سنڌ ۾ آيل تازي تباهي جي اثرن کي سمجهڻ لاءِ ڪو ماضي جو مثال، حوالو يا ريفرنس نٿو ملي، جنهن کي آڏو رکي پڪو پختو تجزيو ڪريون ته هاڻوڪي تباهي اسان جي سماجي، معاشي ۽ سياسي منظر تي ڪهڙي قسم جا نشان ڇڏي ويندي. پر اهو طئي آهي ته اهي نشان تمام گهرا ۽ تڪڙ ۾ مٽجڻ وارا ڪو نه هوندا ۽ اسين اڄ هڪ نئين سنڌ ۾ رهون پيا. جيتوڻيڪ اڌ سنڌ ان ٻوڏ جي تباهي کي سڌي ريت ڀوڳيو آهي ۽ اڌ سنڌ ان جي تباهي کان محفوظ رهي آهي، پر ان تباهي درياهه جي ٻنهي پاسن تي رهندڙن جي دل ۽ دماغ تي اثر ضرور ڇڏيا آهن. اهي جن جا شهر، ڳوٺ، زمينون، ملڪيتون، ڍور ڍڳا وغيره ٻڏي ويا، جيڪي هاڻ ڪئمپن ۾ دربدري جي زندگي گهارين پيا، اهي جن ٻڏڻ جي خوف سبب لڏپلاڻ ڪئي ۽ راتيون جاڳي ڪاٽيون، پر قدرت جي مهرباني سبب آخر ۾ ٻڏڻ کان بچي ويا، يا اهي جن پنهنجن سنڌ واسين کي ان تباهي کي منهن ڏيندي پنهنجي ٽي وي اسڪرينز تي ڏٺو، سڀني لاءِ هيءُ ايڏو وڏو ذهني، جسماني ۽ جذباتي جهٽڪو هو، جنهن سڄي سنڌ کي لوڏي به ڇڏيو ۽ جهنجهوڙي به ڇڏيو آهي، جنهن سبب پيڙهين کان موجود سياسي، سماجي تعلق بدلجندي صاف نظر اچي رهيا آهن. ڪٿي دوست هڪ ٻئي کان اجنبي ۽ ڪٿي دشمن ان ڏک ۾ برابر جا شريڪ نظر اچن پيا. برادرين جي نالي ۾، تڪرار ۾ آيل هاڻ هڪ ئي برادري يعني ”ٻوڏ متاثر“ جا ٿي، هڪ ٻئي جي سار لهندي نظر اچن پيا. ڪالهه تائين ڀوتار آڏو ڪنڌ هيٺ ڪري پَٽ تي ويهندڙن جي اکين ۾ اِنهن ئي ساڳين ڀوتارن لاءِ باهه صاف نظر اچي رهي آهي. ڪالهه جنهن جي وڏين گاڏين آڏو ”جيئي، جيئي“ جا نعرا هڻي پنهنجون نڙيون خشڪ ڪندڙن جي چپن تي اڄ انهن ساڳين صاحبن لاءِ اهڙو ڪجهه آهي، جيڪو اخلاقيات جي دائري ۾ نه اچڻ سبب لکي نٿو سگهجي. ان کانسواءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ان تباهي جي After shocks (تباهيءَ کان پوءِ واري اثرن) طور تي مهانگائي، امن و امان، بيمارين ۽ مجموعي طور تي سماج ۾ سهپ جي کوٽ، پئسي ۽ اخلاقي ڪرپشن سبب جيڪا سماج ۾ ڀڃ ڊاهه ٿيندي، ان کي سوچي ڪري وار ڪانڊارجي وڃن ٿا ۽ هڪ خوشحال، پرامن، ترقي يافته سنڌ جي خواب جي ساڀيان جي ڪاوش ان تباهي سبب وڌيڪ ڏکئي سفر جو ڏس ڏئي ٿي.
    دُعا ڪرڻ جي نفيس ۽ خوبصورت عمل دوران انسان پنهنجي مالڪ آڏو پنهنجي دل جو حال ته اوري رهيو هجي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ هو اڻ سڌي ريت پنهنجي پاڻ سان به ڊائيلاگ ڪري رهيو هوندو آهي. دعا گهرڻ مهل انسان جي اندر جا مونجهارا به ختم ٿي رهيا هوندا آهن ۽ کيس چٽي ريت سمجهه ۾ اچي رهيو هوندو آهي ته کيس ڇا گهرجي، سندس خواهش ڇا آهي ۽ ان سان گڏوگڏ انسان کي پنهنجين ترجيحات جي به پروڙ ٿي رهي هوندي آهي. مثال طور ڪو ٻار جڏهن هوم ورڪ ڪرڻ کانسواءِ اسڪول وڃي رهيو هوندو آهي ته سندس دُعا هجي ٿي ته اڄ ڪلاس ۾ استاد کي هوم ورڪ چيڪ ڪرڻ وسري وڃي، پر جڏهن ساڳيو ٻار وڏو ٿي پاڻ والد يا والده ٿئي ٿو ته سندس دُعا هجي ٿي ته سندس ٻار ڪلاس ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري. هڪ نوجوان اڳ ۾ نوڪري ۽ پوءِ اڃا سٺي نوڪري لاءِ دعا گهري ٿو، غرض ته انسان سڄي ڄمار پنهنجي دعائن ۾ ترجيحات به مٽائيندو رهندو آهي. دعا پنهنجي رب ۽ خود پنهنجي پاڻ سان ملڻ جو هڪ Pure (خالص) طريقو آهي، جنهن سان خود ماڻهو جو اندر به ڌوپجي ويندو آهي. دعا هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن سان ماڻهو کي آٿت به ملي ٿي ته گڏوگڏ همت ۽ حوصلو به، ڇاڪاڻ ته ڪنهن مشڪل ۾ يا ڪنهن خواهش جي تڪميل لاءِ جڏهن اسين دعا ڪريون ٿا ته اسان منجهه اها اميد هجي ٿي ته رب ڌڻي آڏو اها دعا ضرور اگهامندي، پر گڏوگڏ اسان ان مالڪ جي مدد جي اميد آڌار انهن خواهشن جي تڪميل لاءِ پاڻ به عمل ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وڃون ٿا. مثال طور ڪو به شاگرد امتحان ۾ پاس ٿيڻ جي دعا ان اميد سان نه ڪندو ته هو امتحان ڏيندو ئي نه، بس ائين ئي پاس ٿي ويندو! اهڙن کوڙ دنياوي مثالن سان گڏ اهو مثال به ڏئي سگهجي ٿو ته جڏهن ڪو آخرت ۾ دوزخ جي عذاب کان بچائڻ لاءِ دعا گهري ٿو ته گڏوگڏ هو پنهنجا اعمال ۽ افعال به بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته جيئن هو آخرت ۾ عذاب کان بچي سگهي، سو دعا نه صرف انسان کي پراميدي ڏئي ٿي، بلڪه عمل لاءِ همت ۽ حوصلو به ڏئي ٿي، پر شرط آهي ته دعا جو عمل خالص جذبي سان ڪيو وڃي.
    24 جنوري تي جڏهن لکين سنڌ واسين اها دعا پئي ڪئي ته اسان جي سنڌو ۾ ٻيهر موجون اچن ته ڪنهن پئي ڄاتو ته ان اجتماعي دعا کي اگهامڻ ۾ صرف ڇهه (6) مهينا لڳندا ۽ سنڌو گجگوڙ ڪندي نظر ايندو، پر جيئن وڏا چوندا آهن ته جنهن شيءِ لاءِ به دعا ڪريو ته گڏوگڏ دعا ۾ ان جي سار لهڻ ۽ هضم ڪرڻ جي به رب کان دعا ڪريو. مثال طور جيڪڏهن دعا پئسي يا دولت لاءِ هجي ته خدا کان ان پئسي کي صحيح ڪتب آڻڻ ۽ ان ۾ برڪت جي دعا به ڪجي. جيڪڏهن دعا شهرت لاءِ هجي ته خدا کان تڪبر کان بچڻ جي دعا به ڪجي. جيڪڏهن دعا طاقت جي لاءِ هجي ته گڏوگڏ ان طاقت کي هضم ڪرڻ لاءِ به دعا ڪرڻ گهرجي.
    لکين سنڌ واسين وٽ سنڌو ۾ موجون موٽي اچڻ جي دعا اٺ مهينا اڳ به هئي ۽ اڄ به آهي، پر هاڻي ان دعا سان گڏ رب ڌڻي آڏو اها به التجا آهي ته، ”اي رب، اسان کي ان رحمت کي سنڀالڻ جي سگهه ۽ اهليت به ڏي، اسان کي اها توفيق ڏي ته سنڌو جي پيٽ کي سوڙهو ڪندڙ ڪچي جي علائقن ۾ ٺاهيل سمورين رڪاوٽن کي ٽوڙي سگهون، جيئن درياهه جي وهڪري ۾ سوڙهه نه اچي. اي رب! اسان کي صلاحيت ڏي جو اسان جا بند ۽ بيراج ايترا مضبوط بڻايون جو دريا جو موجون حفاظت سان سمنڊ تائين پهچي سگهن. انهن بندن جي سار سنڀال، مرمت ۾ ڪرپشن جو خاتمو آڻي سگهجي. اي منهنجا خدا! اسان تنهنجا شڪر گذار آهيون، جو تو اسان جي درياهه کي ٻيهر موجون بخشيون، پر اسان جي ناقص گورننس سبب بند ٽٽا ۽ تنهنجا لکين بندا دربدر ٿيا ۽ سنڌ کي ان تباهيءَ جو منهن ڏسڻو پيو. اسان کي تون حوصلو ڏي، همت ڏي جو اسين ان ڏکئي گهڙي مان پار ٿي سگهون. اسان کي ايتري سگهه ۽ صلاحيت ڏي، جو اسان ان بربادي مان نڪري ٻيهر آباد ٿيون. ان بربادي مان جيڪي ٻيون برباديون جنم وٺنديون، انهن کان اسان کي محفوظ رک ۽ انهن کي ٽارڻ لاءِ عمل ڪرڻ لاءِ، فهم ڏي. يا رب العزت اسان سنڌ واسين ۾ ايڪتا ڏي، اجتماعي فهم کي وڌاءِ، اجتماعي سگهه کي وڌاءِ ۽ عمل ڪرڻ جو حوصلو ڏي، جيئن اسان هڪ تبديل ٿيل خوشحال ترقي يافته سنڌ ٺاهي سگهون، جيڪا سنڌ بند ٽٽڻ جي خوف، ڪرپشن جي ناسور، صحت جي سهولتن جي اڻاٺ، بدامني جي عذاب، غرض ته خراب حڪمراني کان آجي هجي...(آمين)
    هينئر سنڌ واسين کي جيتري حوصلي، فهم ۽ ايڪتا جي ضرورت آهي، اها شايد ئي ڪڏهن رهي هجي. اسان کي پنهنجي ڪاوڙ، ڏک ۽ تڪليفن کي سهيڙي هڪ اهڙي ڌارا ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، جيڪا خود هڪ ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري، جيڪا تبديلي جي ٻوڏ جي صورت اختيار ڪندي سمورن فرسوده سياسي، سماجي بندن کي لوڙهي ڇڏي. اهو سمجهڻ ۾ ڪابه عربي ۽ فارسي ناهي ته اسانجي پڪي جي علائقن کي سنڌوءَ جي ٻوڏ ناهي ٻوڙيو، بلڪه اها تباهي ڪرپشن، خراب سياسي ڪلچر ۽ خراب حڪمرانيءَ جي ٻوڏن آندي آهي. سو جيستائين تبديليءَ جي ٻوڏ آڻي خراب حڪمرانيءَ جي بندن کي ٽوڙيو نه ويندو، لوڙهيو نه ويندو، تيستائين پاڻي، بيمارين، مهانگائي، بدامني وغيره جي ٻوڏن مان نڪرڻ ممڪن نه هوندو.
    هن سال اڌ سنڌ جا فصل ٻڏڻ ڪري مڪمل طور تباهه ٿي ويا، جڏهن ته ٻئي اڌ جا فصل سوڪهڙي سبب شديد متاثر ٿيا پر هاڻ خريف جو فصل به ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيئن ٿي سگهندو ۽ ايندڙ سال ربيع جي فصل تائين ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اريگيشن جو تباهه ٿي ويل نظام ڇا بحال ٿي سگهندو، جو ايندڙ ربيع جو به فصل ٿي سگهي؟ ۽ مسئلو صرف ڪئنالن ۽ واٽر ڪورسن کي ٻيهر ٺاهڻ جو ناهي پر مسئلو اهو به آهي ته، ماڻهو پوکي لاءِ پئسا ڪٿان آڻيندا ۽ اهو سڄو عرصو اهي ڪٿان پنهنجو گذر سفر ڪندا؟ ساڳي ريت ڀوائتي ڳالهه اها آهي ته اگر ايندڙ سال يا ان کانپوءِ واري سال ۾ به سنڌو ۾ وڏا وهڪرا آيا ته پوءِ ڇا باقي بچيل سنڌ.....؟؟؟ اچو ته هڪ دفعو وري لکين سنڌ واسي دعا لاءِ هٿ کڻون ته،”يا خدا! سنڌ کي قدرتي توڙي Man made (انسان جي آندل ) آفتن کان بچائي. منهنجي خواهش آهي ته دعا جي ڏهاڙي جو سڏ ڏجي ۽ جنهن ڏينهن اسين سڀ سنڌ واسي رب ڌڻي کان گڏيل طور دعا گهرون ته هو پنهنجي ٻاجهه ڪري، اسانکي صبر ڏئي، حوصلو ۽ فهم به ڏئي ته جيئن اسين نه صرف ان مشڪل جي گهڙيءَ مان نڪري سگهون، بلڪه آئنده اهڙي تباهي ٿيڻ جي سببن کي اڳواٽ ختم ڪري سگهون. ان ڏينهن لکين سنڌ واسي پختو وچن ڪن ته هو هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته سنڌ لاءِ عملي قدم ضرور کڻندا. ان ڏهاڙي تي اگر لکين سنڌ واسي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائيندا ته هو هڪ ٻئي لاءِ آٿت ۽ حوصلي جو سبب به بڻبا ۽ سڀني کي نياپو به ملندو ته ايڏي تباهيءَ باوجود اسانجا حوصلا ٽُٽا ناهن. اسين ٻيهر سنڌ کي ٺاهينداسين ۽ هن ڀيري اها سنڌ تبديل ٿيل سنڌ هوندي ۽ اسانکي پنهنجي ڌرتي سان به محبت آهي ۽ سنڌوءَ ۾ آ ساهه اسانجو. سو ٻوڏ جا ڊپ ڏئي ڪير سنڌو دريا تي وري ڪو ڊيم ٺاهڻ جو رينگٽ شروع نه ڪري. منهنجي خواهش آهي ته ان تڪليف جي وقت ۾ اسان سڀ ايڪتا جو مظاهرو ڪريون ۽ دعا جي ڏهاڙي تي لکين سنڌ واسي گڏ ٿي سڄي جهان کي اهو نياپو موڪلين تي خراب حڪمرانيءَ جي ڪري اسانجي دريا جا بند ضرور ڀڳا آهن پر اسانجا حوصلا ناهن ٽُٽا ۽ هڪ بدليل سنڌ جو خواب ناهي ٽُٽو.
    جنهن ريت سوين جڳهين تي بندن ۾ پوندڙ روڻين ۽ رنگ بندن کي ڳوٺاڻن ۽ شهرين پنهنجي مڙسيءَ سان بند ڪيو، ساڳئي جذبي هيٺ هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته سنڌ لاءِ سنڌ واسين کي پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نه ته خدا نه ڪري، اسانکي خراب حڪمرانيءَ سبب پيدا ٿيندڙ مختلف ٻوڏن جو منهن، ايندڙ نسلن تائين ڏسڻو پوندو. آئون سمجهان ٿو ته سنڌ واسين وٽ هاڻ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، سواءِ تباهين جي. سو ان کان اڳ جو اهي ٻيون ٻوڏون اچن، خدا ڪري ته سنڌ واسي پنهنجي فهم ۽ حوصلي سان تبديليءَ جي ٻوڏ ايتري وڏي ۽ مضبوط ڪري وٺن، جنهن ۾ اهي ٻيون ٻوڏون فنا ٿي وڃن، گم ٿي وڃن. (آمين)​
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: دريا جا بند ضرور ٽُٽا آهن پر اسانجا حوصلا نه!

    بيشڪ ادا۔۔۔ سنڌ واسين جي حوصلي کي سلام آهي، خاص ڪري هينئر جوهي جي علائقي جي ماڻهن جنهن حوصلي سان پنهنجي وسندي کي بچايو آهي اهو تاريخ ۾ ڏيڻ جهڙو ۽ ساراهه لائق آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو