عيد ۽ ٻوڏ متاثرن جا هزارين درد

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ آفتاب علي ميرجت طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2010۔

  1. آفتاب علي ميرجت

    آفتاب علي ميرجت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاعر ۽ ليکڪ
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جيئن جيئن عيد ويجهو ايندي ٿي وڃي تئين تئين ٻوڏ متاثرن جي دردن ۾ اضافو ٿيندو ٿو وڃي. ٻوڏ سٽيلن کي پنهنجون ماضي واريون عيدون ياد اچڻ لڳيون، ماضي جون عيدون ياد اچڻ تي سندن اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويا. هي عيد هنن جي لاءِ واحد عيد ثابت ٿي. جيڪا هڪ ئي وقت ۾ هزارن جي لاءِ سواءِ درد ۽ ماتم جي ٻيو ڪجهه به نه کڻي آئي. سڄڻن بنا به عيد ڪهڙي جن جا پنهنجا سڳا سڄڻ وڇڙي ويا. هجن انهن جي به ڀلا ڪا عيد هوندي. زماني جي اکين ۾ خوشي جا آثار آهن مگر ٻوڏ سٽلين جي اکين ۾ سواءِ اداسي جي ٻيو ڪجهه به ناهي. هو پنهنجي ٻچن سان هيڻي حال ۾ آهن. اڄ هو بيوسي ۽ لاچاري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن. وس وارن به انهن کي وساري ڇڏيو آهي. هي زمانو به ڪيڏو نه خود غرض آهي. پنهنجي مفادن لاءِ تي در تي به اچي پڄندو آهي. يعني ووٽن وقت هڪ به غريب انهن کان نه وسرندو متان هڪ ووٽ نه ملڻ جي ڪري منهنجي عيش عشرت واري ڪرسي مونکي نه ملي سگهي. اڄ جڏهن انهن غريبن تي ڏکيو وقت آيو آهي. ۽ انهن کي هڪ سهاري جي ضرورت آهي. انهن جي هن ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ لاءِ اڄ ڪير به ظاهر ڪونهي. اڄ هر ڪرسي ۽ وس واري ٻوڏ سٽلين کي ڏکن جي ٽانڊن تي آخر ڪنهن جي آسري ڇڏيو آهي. اڄ هن سڄي زماني ٻوڏ وارن کي وساري ڇڏيو آهي. سڀ ڪو پنهنجن جو آهي. ڪنهن کي به دل ۾ ڪو قياس ۽ درد ناهي. زماني وارن انهن جا درد وڌائڻ جي لاءِ پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون آهن. متان ڪنهن مسڪين جي مدد ڪرڻ جي لاءِ کيس زحمت نه ڪرڻي پئجي وڃي. هڪ طرف ٻوڏ سبب ايترو سارو نقصان ۽ اچانڪ ٻوڏ جي اچڻ سبب سڄڻن جو هي وڇوڙو ۽ جدائي ۽ ڪيترن ئي سڄڻن جا اموات، ته ٻئي طرف حڪومت جي لاپرواهي بک ، بدحالي، ٻوڏ جي عذاب مان بچي ويل مسافرن کي جئيري ئي ماري ڇڏيو آهي. هو هاڻي اهڙن رستن جا راهي ٿيا آهن جن رستن سان زندگي ۾ پهرين هو ڪڏهن به واقف نه هئا. هاڻي ته هر پاسي هنن جي لاءِ ڏک ۽ درد آهي. ڪا اهڙي راه ناهي بچي جنهن پاسي وڃي چند گهڙين جي لاءِ هنن کي ڪو سک جو ساه ملي.
    حڪومت جي واهر به عجيب آهي. انسانذات جي مدد کان وڌيڪ انهن کي شهرت جي وڏي فڪر آهي. ڪابه سياسي تنظيم هجي يا حڪومت جا ئي ڪي عهديدار ڇو نه هجن جيستائين اٽي يا کنڊ جي ٿهيلي ڏيڻ وقت يا ٻيو ڪو ضرورت جو سامان ٻوڏ وارن کي ڏيڻ وقت پنهنجي تصوير نه ڪڊرائن، ته سمجهو هنن ڄڻ مدد ئي نه ڪئي. اڄڪلهه ماڻهو پنهنجي ذاتيات ۽ شهرت جي لاءِ ڏاڍا مرڻ لڳا آهن. افسوس جي ڳالهه آهي ته شهرت ۽ ناءِ کان سواءِ هو ڪنهن کي ڏهه رپيا به ڏيڻ گوارا ڪونه ٿا ڪن. يعني جتي به هي ڪنهن کي ٿوري امدادي يا سامان ڏين ته پوءِ لازمي آهي. انهن جون خاص اٺ ڏهه تصويرون لازمي ڪڍيون وڃن. نه ته دنيا کي ڪئين خبر پئي ته فلان نالي واري همراهه ايتري ساري مدد ڪئي آهي. اهڙن شخصن جو اهو ايمان ۽ عقيدو آهي. ته اسان جيڪو ڏيون ان جي تعريف دنيا وارن جي زبانن تي هجي. مگر ان جي برعڪس اگر ديني نقطي نگاهه سان ڏٺو وڃي. ته اسلام ته اهو درس ڏيندي نظر اچي ٿو. ته خدا جي راهه ۾ يا غريب ۽ مسڪين کي خير، خيرات، يا صدقو اهڙي طرح ڏيو. جو کاٻي هٿ کي ساڄي هٿ جي به خبر نه پوي. ڇا اڄ واقعي ائين ٿي رهيو آهي؟ نه نه اڄ ان جي بلڪل برعڪس ٿي رهيو آهي. ٻئي هٿ کي ته ڇا سڄي مخلوق کي خبر پئجي ٿي وڃي ته فلان همراهه ڏاڍو نيڪ ڪم ڪيو آهي. ايتري ساري امداد ڏني اٿائين. جيڪڏهن اڄ جون تنظيمون ۽ اڄ جا حڪمران ۽ عهديدار صرف پنهنجي نالي ۽ شهرت جي لاءِ ايترو سارو خرچ ٿا ڪن ته اهي خير ،خيرات، صدقا ۽ امداد واري نيڪي فقط ئي فقط دنيا تائين ئي محدود رهجي ويندي. ڇو جو خدا به اهڙي نيڪي کي هرگز پسند نٿو ڪري. جيڪا صرف ماڻهن جي تعريف ۽ دنيا کي نمائش ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وئي هجي. جنهن ۾ صرف ڏيکاءِ ۽ پنهنجي نفس جي خوشي شامل هجي نه نه پروردگار ته هر اهي نيڪ عمل پسند ڪندو آهي. جيڪو خالص خدا جي لاءِ انجام ڏنو ويو هجي جنهن ۾ ذرو به رياڪاري جو عيب نه هجي.
    هڪ طرف عيد مٿان اچي بيٺي آهي. ۽ رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو الوداع چوڻ تي آهي. ته ٻئي طرف ٻوڏ متاثرين جي دردن ۾ اڃان اضافو ٿي ويو آهي. عام عوام ٻوڏ جي ماريلن کي وساري پنهنجين خريدارين ۾ مصروف ٿي وئي آهي. ڪنهن کي به ذرو احساس دل ۾ ناهي. ٻوڏ سٽلين جا ننڊڙا ننڊڙا ٻارڙا بک ۾ تڙپي رهيا آهن ته ٻئي پاسي هي عوام پنهنجي قيمتي ڪپڙن ۽ ٻين قسمن جي اشياءِ جي خريداري کي وڌيڪ اهميت ڏئي رهي آهي. عوام کي پنهنجي ٻچن جا ناز ۽ نکهرا ته نظر اچي رهيا آهن. مگر ڪيمپن ۾ بکايل، کير پياڪ، ۽ ڪمسن ٻارن جي بک ۽ بدحالي نظر نه ٿا اچي. ڇا اها ساڳي سنڌ آهي. جنهن جي تعريف وڏڙا پنهنجي ڪچهري ۾ ڪندي نه ٿڪبا آهن. ته سنڌ پنهنجي مهمانوازي جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ ڏاڍي مشهور آهي. اڄ اها ساڳي ئي سنڌ جي سرزمين آهي. ۽ عرصي کان وٺي ڪجهه مصيبت جا ماريل مهمان اچي ترسيا آهن. جن کي هر سنڌي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. مهمانوازي ته پري جي ڳالهه آهي. انهن کي ڪنهن وڃي اهو دلاسو به ناهي ڏنو ته اسان توهان سان گڏ آهيون يا اسانکي توهانجي تقليفن جو وڏو احساس آهي. شايد انهن مصيبت جي مارن وساري ڇڏيو آهي ته “ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو” انهن ويچارن کي ڪهڙي خبر ته اڄ سنڌ اها ساڳي ناهي رهي آهي. اڄ سنڌ ۾ اهي دردمند انسان ناهن رهيا جيڪي ٻئي جي درد کي پنهنجو درد سمجهندا هئا.جيڪي ٻئي جي تقليف کي پنهنجي تقليف سمجهي سڄي سڄي رات پيا تڙپندا هئا. اڄ اهي هڏ ڏوکي انسان ناهن رهيا. اڄ سنڌ ۾ هر ڪو پنهنجي مفادن جي لاءِ جيءِ رهيو آهي. ڪير به ڪنهن جو سڄڻ يا هڏ ڏوکي ناهي.“خبر ناهي اسانجي سون جهڙي سنڌ کي ڪنهن بد نظر جي نظر کائي وئي آهي” جو اڄ ايتري ساري تباهي سنڌ ۾ ڪاهي پئي آهي.
    هي ايترا سارا متاثر خاندان جيڪي مجبوري جي حالت ۾ پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي اڻڄاڻ ماڻهن ۽ اڻڄاڻ ماحول ڏانهن دل ۾ هزارين درد رکي سفر ڪري رهيا آهن.انهن جا ڪيترا ئي خواب ۽ خيال دل ۾ ئي رهجي ويا ،انهن سڀني جون حسرتون ۽ جذبات هن ٻوڏ جو تيز وهڪرو پاڻ سان گڏ وهائي ويو.ڇا گذرندي هوندي انهن جي دلين تي ڪيترو نه سخت وقت آهي انهن تي ان جو اندازو ڪو دردمند انسان ئي لڳائي سگهي ٿو باقي پنهنجي مفادن جي لاءِ جيئڻ وارا ماڻهو ان جي درد جو اندازو هرگز نه ٿا لڳائي سگهن هاڻي ته انهن درد جي ماريل مسافرن کي اها به خبر ناهي ته هاڻي اڳيون پل هنن جي لاءِ خوشي آڻيندو يا غم زماني وارن ته انهن کان اکيون ڦيري ڇڏيون آهن.
    ماڻهن ته هن عيد تي پنهنجي ڀريل پيٽ ڀرڻ جو وري به بندوبست ڪري ڇڏيو مگر افسوس ته هنن ٻوڏ سٽلين جي خالي پيٽ ڏانهن ڪنهنجو به ڌيان نه ويو. پنهنجن ٻچن جي لاءِ ته سٺا سٺا جوڙا به خريد ڪري ورتائون ،مگر ٻوڏ سٽلين جي ٻارن جي اگهاڙين پٺين تي ڪنهنجي به نظر نه پئي نه ئي ڪنهن کي رحم آيو.
    خبر ناهي ته عيد جو اڀرندڙ سج ٻوڏ سٽلين جا اڃان به ڪيترا زخم تازه ڪندو عيد جو ذڪر ڪرڻ تي ئي انهن جي اکيون آليون ٿي ٿيون وڃن. هن عيد انهن جي لاءِ خوشي نه بلڪه ماتم جي خبر آندي آهي.صرف آٿتون ۽ دلاسا ڪافي ناهن هاڻي عملي ڪم ڪرڻ جو وقت آهي.شهرت ۽ تصويرين جي شوق کي ڇڏي هڪ درمندانا دل سان انهن جي مسئلن تي غور ۽ ويچار ڪيو وڃي. ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي انهن جي درد کي پنهنجو ذاتي درد سمجهي اڳتي قدم وڌايو. هن عيد تي جيترو ٿي سگهي انهن جي مدد ڪئي وڃي. اگر مدد جي سگهه نه ٿا رکو ته گهٽ ۾ گهٽ انهن جو درد ونڊائڻ جي لاءِ سادگي واري عيد ڪيو. متان ڪجهه انهن جي زخمن جي دوا ٿي سگهي


    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: عيد ۽ ٻوڏ متاثرن جا هزارين درد

    ادا وڏا۔۔۔ توهان جو هي آرٽيڪل به تمام بهترين آهي، ٻوڏ جي ستايل غريب ماڻهن کي هن عيد تي پنهنجي اباڻي ڪکن ۾‌ وسندڙ ويڙهن ۾ گذاريل عيدون ياد اينديون ته واقعي ڏاڍو ڏکندا هوندا۔۔ الله انهن جي پريشاني دور ڪري کين جلدي وطن پهچائي۔۔۔
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: عيد ۽ ٻوڏ متاثرن جا هزارين درد

    آمين ادا مست

    ادا آفتاب جو آرٽيڪل تمام پيارو ونڊ آهي سنڌ سلامت تي۔۔۔۔۔۔ ادا کي اوهان کي عيد جون لکين واڌايون قبول پون۔۔۔۔۔۔

    ادا آفتاب کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادبي ماڻهو هن اوطاق جي ميمبر ٿي هن اوطاق کي شرف بخشيو اٿن۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو