• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻوڏ متاثرن جو پاڻي بند ڪري ڪراچيءَ مان تڙڻ جي ڪوشش

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ٻوڏ متاثرن جو پاڻي بند ڪري ڪراچيءَ مان تڙڻ جي ڪوشش​
pakistanflood+-+sindh+flood-+lahore+flood+-+flood+-+paki+flood+-+dukkur+flood+-+punjab+flood+multan+flood+(10).jpg
خبر آئي آهي ته ڪراچيءَ جي ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ 12 هزار ٻوڏ متاثرن جو ڪراچي واٽر بورڊ ٻن ڏينهن کان پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، پر اقتدار جي سرور ۾ مسرور اسان جي حڪمرانن کي 2 ڏينهن بعد خبر به ميڊيا جي ذريعي پئي آهي. سنڌ حڪومت جي شهري اتحادين ٻوڏ ستايلن جي ڪراچيءَ ۾ رهڻ جي مخالفت پئي ڪئي آهي ۽ هاڻي انهن جو پاڻي بند ڪري کين شايد اڃ مارڻ جو ارادو اٿن. اهو آئون ان ڪري ويساهه سان پئي چوان ته، ڪراچي واٽر بورڊ به سندن انتظامي گرفت ۾ آهي. سنڌ حڪومت آخر ڇا پئي ڪري؟ جڏهن ڪراچيءَ ۾ ٻوڏ ستايلن جو پاڻي به بند ڪيو ويو هجي، اتي انهن سار سنڀال وارن حڪومتي اعلانن تي ڪهڙو اعتبار ڪجي؟ ٻوڏ ستايلن لاءِ قائم ڪيل ڪئمپن جي هونئن ته تمام گهڻي خراب حالت آهي، پيئڻ لاءِ صاف پاڻيءَ جي فراهمي نه هجڻ ڪري اهي گدلو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، صحت ۽ صفائيءَ جي صورتحال بنهه خراب آهي، جنهن سبب گيسٽرو ۽ ٻيون بيماريون تيزيءَ سان پکڙجي رهيون آهن ۽ ڪئمپن مان لاشن پٺيان لاش کڄي رهيا آهن، پر اسان جي حڪمرانن کي ڪا به پرواهه ناهي. حڪمران پيئڻ جو صاف پاڻي به فراهم نه پيا ڪري سگهن! صحت کاتي کي ته شايد سُتي ئي نااهليءَ جي پيل آهي، جيڪو ماڻهن جون زندگيون بچائڻ لاءِ ڪو به قدم نه پيو کڻي، ته پوءِ ”هي ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي!“ سنڌ جي وڏي وزير کي گذارش آهي ته ڪراچيءَ جي ٽينٽ سٽي ۾ ٻوڏ ستايلن جو پاڻي بند ڪري کين تڙڻ وارين ڪوششن جو نوٽيس ورتو وڃي. واٽر بورڊ تي سنڌ حڪومت جو ڪو اختيار هلي ٿو ته پوءِ ان جي ذميوارن کان سخت پڇاڻو ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن واٽر بورڊ عملدارن کي اها ڳالهه ڦٻي ويئي ته ڪراچي ۾ اهي هر هنڌ ٻوڏ متاثرن جو پاڻي بند ڪري کين ڪراچي ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا.

مومل اوڏ /هالا ( هائيڊ پارڪ ڪاوش )
 
جواب: ٻوڏ متاثرن جو پاڻي بند ڪري ڪراچيءَ مان تڙڻ جي ڪوشش

ادا سچ پڇيو ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ سنڌين سان اها حالت لڳي پئي آهي، فرق اهو آهي ته سنڌ جي ٻين حصن ۾ سنڌي حڪمران آهن ۽ ڪراچي ۾ وري اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت ۾ حڪومت آهي، الله انهن ظالم حڪمرانن کي سندن نتيجا جلد ڏيکاريندو
 
Back
Top