عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن



تمام دوستن کي به عيد جي هن پرمسرت ۽ ڀلاري ڏينهن تي مبارڪون چئجن ٿيون۔ ۽دعا آهي ته
الله رب العالمين اوهان ۽اوهانجي گهر وارن تي پنهنجي رحمتن جي ڇانون برقرار رکي۔۔
ٿو سڄي سنڌ ۾ سور ڏسان، سڀ سانگي ٿو مجبور ڏسان
سڀ ڏکن ۾ ٿو چور ڏسان، جن پنهنجن جا ٿو پور ڏسان
مان ڪهڙي عيد ڪريان، مان ڪهڙي عيد ڪريان
دوستو۔۔۔ ٻوڏ متاثرين جا ڏکڙا اسان جي خوشين کان وڌيڪ آهن۔۔۔ ٿي سگهي ته کين ٿوري ئي سهي پر خوشي ضرور ڏيو۔۔۔ مهرباني
۔
۔![]()
![]()
تمام دوستن کي به عيد جي هن پرمسرت ۽ ڀلاري ڏينهن تي مبارڪون چئجن ٿيون۔ ۽دعا آهي ته
الله رب العالمين اوهان ۽اوهانجي گهر وارن تي پنهنجي رحمتن جي ڇانون برقرار رکي۔۔
بلڪل ادا رشيد اوهان صحيح پيا چئو سڄي سنڌ جا ماروئڙا انهن ويري ويرن جي ور چڙهي پنهنجي اجهن ۽ ٻچن جي ڏکن ۾ ايترو ته ٻڏي ويا آهن ته عيد جو ڏينهن به کين ڳوڙها هارڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي۔ کين گذريل عيدون ياد اچن ٿيون جڏهن هو پنهنجي ٻچڙن جي لا نوان ڪپڙا ۽ رانديڪا وٺي ڏئي ٻچڙن جي مرڪن سان من کي موهيندا هئا۔
اسان سڀني سنڌ واسين کي انهن ٻوڏ متاٽر ماروئڙن سان ڏک ونڊيندي عيد جا ڏينهن ساڻن گڏ گذارڻ گهرجن۔۔
سائين زاهد پيارا اوهان جي مهرباني جو اوهان کي ته هن عاجز جو نالو ياد آهي باقي ادا عمران سڀني انتظاميه وارن جي لفظ ۾ ته اسان کي شامل ڪيو آهي باقي نالو ڪڏهن ذهن مان نڪري به ويندو آهي بهرحال ان جي باوجود اوهان جون عيد جون مبارڪون اسان جي اکين تي هن عاجز طرفان به سڀني مان وارن ساٿين کي عيد جو واڌايون قبول پون سائين عبدالرشيد جن جي تحرير تي نظر وجهڻ سان اسان کي به ائين محسوس ٿيو ته هي عيد جو ڏينهن اداس اداس پئي لڳو الله تعالى کان دعا آهي ته شال رب العزة پنهنجي خصوصي ڪرم سان اسان جي متاثرين سنڌي يا غير سنڌي ڀائرن کي صبر جي توفيق ڏئي ۽ سندن غيبي مدد فرمائي جو اڄ ڪلهه همدردي جو جذبو ٿورن ماڻهن ۾ ٿو نظر اچي پاڻ ڪريم پنهنجو ڪرم ڪري انهن سڀني مسلمان ڀائرن کي پنهنجي ڪکن ۾ وري ساڳيون خوشيون نصيب فرمائي. آمين.