جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏11 سيپٽمبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ۔
    منهنجي فرزند محمد علي سمون جي شادي واريون تقريبون پهرين آگسٽ 2010ع کان وٺي 7 آگسٽ 2010ع تائين هليون ، جيئن ئي پنهنجي پٽ جي شادي جا ڏينهن ٻڌا تڏهن کان برسات جي موسم شروع ٿِي وئي ايتري قدر جو 5 آگسٽ 2010ع منهنجي پُٽ جي نڪاح واري ڏينهن ايترو ته مينهن پيو جو گوڏي جيڏي پاڻي ۾ منهنجي ڳوٺ هوسڙي وڃڻو پيو، فقط 7 آگسٽ 2010ع وليمي وارو هڪڙو ڏينهن ئي صرف قدرت جي طرفان اسان کي مليو جنهن ۾ برسات ڪانه وسي ، نتيجي ۾ سموري سنڌ مان آيل ديسي پرديسي خوش ٿِي وليمي ۾ شريڪ ٿيا۔ مون سنڌ سلامت جي سموري ساٿين کي دعوت ڏني هُئي انهن مان صرف هڪڙو سنڌ سلامت جو دوست محترم عبدالستار چنا صاحب ٺيڪ صُبح جو ساڍي يارهين وڳي سڀ کان پهرين شريڪ ٿيو، ان کان پو وليمي جي تقريب ختم ٿين کان صرف اڌ ڪلاڪ اڳ سنڌ سلامت جو منتظم اعلى محترم عبدالرشيد سمون ، ادا اسد ڄامشورائي مست، ۽ سنڌ سلامت جو سينئر ساٿي محترم عرس پريو شريڪ ٿيا، انهن جا لک ٿورا، سنڌ سلامت جي ساٿين شاديءَ جي تحفي کان علاوه هڪڙي مختلف ڳالهه اها ڪئي ته سنڌ سلامت جي موجوده ٽيمپليٽ جو لوگو هڪڙي پرنٽ ٿيل خوبصورت فريم ۾ کڻي آيا ۽ منهنجي حوالي ڪيائون۔ منهنجي پُٽ جي شاديءَ ۾ منهنجي عزيز رشتيدارن کان علاوه آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن جي ڄام آف سنڌ جناب ڏاڏا حاجي هاشم سمون، آف سيکاٽ ، آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن سنڌ جي صدر محترم غلام رسول سمون صاحب ، پوري سنڌ جي سمان برادري جي ضلعي صدرن پڻ شرڪت ڪئي، ان کان علاوه منهنجو پيارو ننڍو ڀاءُ جيڪو بلوچستان صوبي ۾ هڪ سي ايس ايس آفيسر پڻ آهن انهن جي ڪافي سارن دوستن شرڪت ڪئي، منهنجي پٽ محمد علي سمون جيڪو پاڪستان جي هڪڙي مشهور تيل ڪمپني ۾ ملازم آهي ان جي اسٽاف سميت يارن دوستن به پنهنجي شرڪت يقيني بڻائي۔، وليمي جي ماني صُبح جو ٺيڪ يارهين وڳي کان هلائي وئي۔ جيئن ته مون پنهنجي پٽ جي وليمي جي شرڪت ۾ جملي 600 ڪارڊ ڇپايا هُئا جنهن مان 500 عزيز رشتيدارن شرڪت ڪئي ۔ مان رمضان ڪريم ۾ منهنجي پُٽ محمد علي جي شاديءَ جون تصويرون ضرور توهان سان ونڊ ڪريان ها پر منهنجي ڪمپيوٽر جي خرابي سبب اهي تصويرون ڊيليٽ ٿي ويو هيُون ، ٻه ٽي ڏينهن پهرين سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون جيڪو منهنجو قريبي عزيز پڻ آهي ان جي ڪئميرا جي ميموري واري ڪارڊ مان هڪ دفعو ٻيهر هي تصويرون حاصل ڪري توهان دوستن سان ونڊ ڪري رهيو آهيان تصويرون ته جام ساريون آهن پر في الحال هي تصويرون ونڊ پيو ڪريان عيد جي موقعي تي۔ دوستو اسان پنهنجون خوشيون غميون سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ضرور ونڊ ڪيون، ڇاڪاڻ ته سنڌ سلامت اسان جو محبتي اڱڻ آهي، اسان جو پنهنجو گهر آهي۔
    منهنجي پُٽ محمد علي سمون جون هي تصويرون فوٽو شاپ ۾ بنايل آهن

    [​IMG]

    [​IMG]

    منهنجو پُٽ محمد علي سمون پنهنجي ننڍي ڀا شاهه زيب سمون سان گڏ نڪاح واري موقعي تي

    [​IMG]

    وليمي واري ڇني ۾ منهنجو پُٽ محمد علي شريڪ ٿي رهيو آهي سندس آجيان ڪري رهيو آهيان۔

    [​IMG]

    آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر حاجي محمد صديق سمون منهنجي پُٽ گهوٽ محمد علي سمون کي هار پارائي رهيو آهي

    [​IMG]

    ڄام آف سنڌ ڏاڏا حاجي محمد هاشم سمون منهنجي پٽ جي دعوت وليمي ۾ شرڪت ڪرڻ لا آيو ته مون سندس آجيان ڪئي۔

    [​IMG]

    دعوت وليمي ۾ گهوٽ محمد علي سمون سان گڏ حاجي محمد صديق سمون ، ڄام آف سنڌ ڏاڏا حاجي هاشم سمون آف سيکاٽ ۽ جان محمد جاني سمون

    [​IMG]

    آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن ضلع حيدرآباد جو صدر محتر ڌڻي بخش سمون، آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن سنڌ جو صدر محترم ادا غلام رسول سمون صاحب ، ٽنڊو محمد خان جي نامور شخصيت محترم پير اسدالله جان سرهندي صاحب ۽ ڄام آف سنڌ ڏاڏا حاجي محمد هاشم سمون نمايان آهن

    [​IMG]

    منهنجي ننڍي ڀا نوراحمد سمون جا ٻه فرزند ماسٽر مجيب نور ۽ ماسٽر جُنيد نور ٿري پيس سوٽ ۾ وليمي واري تقريب ۾ شريڪ آهن۔

    [​IMG]

    منهنجي ٻي ننڍي ڀا مُشتاق احمد سمون جا ٻه ننڍڙا ٻارڙا ماسٽر ريحان سمون ۽ بي بي صبا سمون پڻ شريڪ هُئا۔

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    سائين وڏا۔۔۔ وعليڪم السلام پهرين ته عيد جون لک لک واڌايون قبول پون۔۔۔ ان کان پوءِ اوهان جي فرزند محمد علي سمون جي شاديءَ جي هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان کي مبارڪ باد ڏيندس۔۔۔۔ سچ پڇو ته وليمي جي تقريب ۾ اچي ڏاڍو سٺو لڳو، اوهان کان ڪيتري ئي عرصي سان ملاقات نه ٿي هئي، ان جو به موقعو اتي ئي مليو۔۔۔ بس ٽنڊو محمد خان جي رڪشا ڊرائيورن جي ڪري ٿورو اڌ ڪلاڪ دير ٿي۔۔۔۔ نه ته اڃان به اڳ ۾ اچون ها توهان وٽ۔۔ سنڌ سلامت جا سڀئي دوست سمجهو ته اسان جي توسط سان انهيءَ‌محفل ۾ شريڪ هئا۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    پيارا اسد بلڪل اهي توهان دوستن جون مهربانيون هيون جو توهان سنڌ سلامت جي دوستن پاران شريڪ ٿيا، لک لائق ڪجهه وڌيڪ تصويرون توهان سان ونڊ ڪرڻ چاهيم پي پر ڪمپيوٽر ري اسٽارٽ ٿي ويو، وري ويچاري ڪمپيوٽر کي هٿ ادب جي ٻڌي ڦيڻا ٻيڻا ڪري کوليو اٿم ۽ ڪجهه اهم تصويرون منهنجي پُٽ جي شادي ۾ شريڪ ٿيندڙن جو حاضر آهن۔

    محترم حاجي محمد صديق سمون ۽ بدين شهر جي معزز شخصيت محترم شاهنواز سمون صاحب

    [​IMG]

    محترم عرس پريو، مان نثار ناز، سنڌ سلامت جو ساٿي بلاول سمون آف ٺٽو سنڌ، سنڌ سلامت جو منتظم اعلى جادوگر عبدالرشيد سمون صاحب، محترم ڄامشورائي اسد مست صاحب، ۽ سنڌ سلامت کان في الحال ڪاوڙيل دوست محترم عبدالستار چنا صاحب مونکي سنڌ سلامت سٿ پاران ڏنل سنڌ سلامت جي ٽيمپليٽ لوگو جي فريم سميت۔ وليمي جي تمام يادگار تصوير

    [​IMG]

    منهنجو ننڍو ڀاءُ نوراحمد سمون ، ادا عبدالرشيد سمون ، محترم عرس پريو ، محترم اسد ڄامشورائي مست، عبدالستار چنا صاحب ۽ نثارناز هڪ ٻي يادگار تصوير

    [​IMG]

    محترم عرس پريو، محترم اسد ميرجت ڄامشورائي مست صاحب، سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون صاحب، ۽ عبدالستار چنا صاحب نمايان آهن۔

    [​IMG]

    محترم عُرس پريو صاحب ، محترم اسد مير جت ڄامشورائي مست صاحب، مان نثار ناز ۽ ادا عبدالستار چنا صاحب، وليمي جي هي به هڪ يادگار تصوير آهي۔

    [​IMG]

    آخر ۾ منهنجي پُٽ محمد علي سمون جون شادي ءَ جي موقعي تي ورتل ٻه تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    نثار ناز صاحب توهان کي عيد مبارڪ هجي ۽ توهان جي هن ونڊ اسان کي توهان جي پٽ جي وليمي ۾ شريڪ ڪري ڇڏيو مهرباني
     
  5. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    سائين نثار احمد ناز صاحب هاڻي ته بس رڳو ڀَتَ رهجي ويو باقي شادي ۾‌شريڪ ٿي ويا سين اوهان پنهنجي فرزند جي شادي کي اهڙي طرح پيش ڪيو آهي ڄڻ‌ته ويلمي ۾ شريڪ ٿي ويا سين بس هڪڙي تصوير ڀَتَ جي به هڻي ڇڏيو ها ته اصل ڍئو ٿي پئي ها۔۔ (مذاق ۾ ) باقي سائين تمام بهترين طريقي سان ونڊ ڪئي آهي۔ اوهانکي عيد سميت پُٽَ جي شادي جي به مبارڪ ڏيان ٿو شال قبول پوي۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    يار ٺلهو ڀت۔۔۔! ادا اتي ته قسمين قسمين گوشت جا ٻوڙ، بريانيءَ‌جا قسم، حلوي جا قسم۔۔۔ مٿان وري سافٽ ڊرنڪس الڳ۔۔ بس مان ڏسڻ سان ئي سائين نثار ناز کي چيو۔۔۔ اڄ ته گوڏا کوڙي کائبو۔۔۔۔ ها ها ها۔۔ سچ پڇو ته سائين نثار ابڙو واري ڳالهه وانگر پاڻ کڻائڻ واري ڪيفيت ٿي وئي هئي۔۔۔
    سائين جيترو هن وليمي جي تقريب کي انجواءِ ڪيوسين، ڪاٿي انجواءِ نه ڪيوسين۔۔ اونيئن به منهنجي طبيعت عام طور تي اها آهي ته شادين مرادين ۾ گهٽ ويندا آهيون پر هي سائين نثار ناز جي فرزند جي شادي هئي۔۔۔ ان ڪري ڪيئن به اتي پڄڻو هو، نه پڄڻ جي صورت ۾ ڏنڊ لازم هو۔۔۔۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    واهه سائين۔۔ اوهان ته محمد علي جي شاديءَ جي هن موضوع ۾ سهرا هلائي شاديءَ‌جهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو۔۔ جيئو۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    پيارا عمران درويش سومرا ڇو تو گهٻرائين ڀَتَ جي هڪڙي ڇا پر ٽي چار تصويرون ڀَتَ جون ان جي کائيندڙن سميت هڻي ٿو ڇڏيان ، دل سان ڍَئو ڪريو، ڇا ياد ڪندين آخر ته سنڌ سلامت جي جهوني نثار ناز جي پُٽ جو وليمو هو۔

    وليمي جو ڀت ۽ ان جي کائيندڙن جون تصويرون​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    پيارا عمران درويش سومرا ڪيئن ڀَتِ مان مزو آيو يا نه ! يقينن محبت واري مانِي هُئي مزو ته آيو هوندو، پر بيهو بيهو هي تصويرون به ڏسو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    پُئو (گهور) لکندڙ محترم قادر اقبالاڻي، ڊي او روينيو، محترم پروفيسر اياز شاهه، منهنجو ڀاءُ نوراحمد سمون ڊپٽي سيڪريٽري S& GADبلوچستان پنهنجي ساٿين سميت​


    [​IMG]

    [​IMG]

    مطلب ته پُئي (گهور) وارِي تصويرن مان ڳالهه سمجهي ويا هُوندا، ته مان ڇا ٿو چوڻ چاهيان ؟ ڀئي ايترن آفيسرن گهور لکِي پي، سو بنا گهور ڏيڻ جي توهان ڪيئن ٿا وڃي سگهو!! چلو جلدي جلدي کيسن ۾ هٿ وجهو! وارو ڪريو۔ ها ها ها ها يار مذاق مان به ڪري ٿو ڄاڻان ۔ الله توهان کي خوش رکي جو توهان منهنجي پُٽ جي خوشين ۾ حاضر نه هوندي به شريڪ هُئا۔ توهان کي ڀي عيد جون کوڙ ساريون واڌايون۔
     
  10. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    ۔


    [​IMG]
    ۔ [​IMG]
    واه واه اصل مزو اچي ويو هاڻي وڃي هي بچايم ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    [​IMG]
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    [​IMG]
    سائين ٿورو جلدي کڻي وٺجو متان وري مست جون نظرون پئجي وڃن،، ان مونکان اڌارا گهريا هئا پر بهاني سان ٽاري ڇڏيو هيو مانس، جي هاڻي نوٽ ڏٺائين ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    بس درويش يار۔۔۔۔ ڳالهه به ايتري ۔۔۔ 1000 جي هن هڪ نوٽ جي ڪري دوست تي شڪ ٿو ڪرين۔۔
    لڳي ٿو فقيرن جي سنگت ۾ اچي ويو آهين۔۔۔۔

    هي وٺ ڇا ياد ڪندين ته مست به ايڏي پئسن ۾ کيڏي ٿو۔
    [​IMG]
    [​IMG]

    ۔۔۔۔



    پر وري به دوستن تي شڪ نه ٿو ڪري۔۔۔ مان بهاني سان ڪونه ٽاريندم >:D< ۔۔۔ آخر سنگت کان وڌيڪ پئسا ٿوڙئي آهن۔ [-X
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    هي ڏس ڏاڙهيءَ سان منهنجو ڦوٽو ، جڏهن ڪراچي ۾ پاڻ گڏجي نقلي نوٽ ڇاپيندا هئاسين۔۔۔


    [​IMG]
     
  13. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    السلام عليڪم سائين ،

    سائين توهان جي ڏنل تصويرون ۽ توهان جو بيان ڪيل انداز مان ائين لڳو ڄڻ مان به اتي ئي موجود هيس

    سائين ٻوڏ واري ڪيفيت جي ڪري مان توهان جي ننڍڙي جي شادي ۾ شرڪت ڪري نه سگهيس سو ان جو افسوس آهي ۽ رهندو
    بهرحال الله ڪندو ته توهان کي اهڙا خوشين جا موقعه آئنده به نصيب ٿيندا ۽ انهن موقعن تي اسان سڀ توهان سان گڏ هونداسين
    سائين توهان جو ڀت ڏسي ڪري ائي اصل ڍئو ٿئي ويو

    سو سائين هي فقير طرفان به پئوت قبول ڪندا

    [​IMG]


    سائين ٻيو عرض اميد ته قبول پوندو

    پنهنجي مست جي ماني کائيندي جي هڪ تصوير شيئر ڪريو ته واه واه ٿئي وڃي

    سدائين گڏ
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    ادا فقير سائين مست جي قسمت ڀلي جو سائين جي وليمي جو ڦوٽوگرافر ادو عبدالغفور به مست اينڊ ڪمپني جي انتظار ۾ هو ته اهي اچن ته ساڻن گڏجي ماني کائجي، ان ڪري توهان واري حسرت پوري نه ٿي ڪري سگهجي ۔۔۔۔ باقي ادا توهان جو انتظار به ڏاڍو ڪيوسين۔۔
     
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    سائين نثار ناز صاحب اوهان کي پٽ جي شادي جي وري وري مبارڪ۔
    مون معذرت اڳ به ڪئي هئي ته نه اچي سگهندس۔
    توهان سان گڏ ڪافي دوستن جو پهريون دفعه ديدار ٿيو، ان لاءِ اوهان جي مهرباني۔
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    منهنجي طرفان سائڻ عابده پروين جو هي لاڏو قبول

    http://www.youtube.com/watch?v=NJfPdp1dJ3M
     
  17. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    پيارا علي اڪبر شر ۔ السلام عليڪم خير مُبارڪ مهرباني اهو توهان جو خلوص آهي جو منهنجي خُوشين ۾ توهان هميشهه شريڪ آهيو۔ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا !
     
  18. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

     
  19. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    مهرباني فقير جو توهان منهنجي خوشي ۾ هميشهه کان شريڪ آهيو، توهان مونکي پُئي ۾ وڏو نوٽ ڏنو آهي لڳي ٿو هيلوڪو رمضان نيڪ بابا نيڪ مائي وارو توکي زبردست لڳو آهي چلو دير آيد درست آيد۔مست کي ڀت کائيندي ضرور توهان ڏسندا رڳو مووي ٺهي اچي۔
     
  20. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو

    ادا طاهر سنڌي صاحب مون اڳ ۾ به توهان جون خلوص واريون مُبارڪون قبول ڪيون هُيون، مٺا توهان دُعائون ۽ مُبارڪون نه ڏيندا ته وري ڪير ڏيندو۔ منهنجا پيارا ڀا شڪر الله سائين جو جو توهان کي سنڌ سلامت جي ڪافي دوستن جو پهريون ڀيرو ديدار نصيب ٿيو منهنجي ونڊ ڪيل تصويرن جي ڪري۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو