اصل هيرو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏11 سيپٽمبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هڪ بادشاهه جي درٻار ۾ دنيا جو هڪ مشهور جوهري مهمان طور آيو ۽ ان سان گڏ بادشاهه لاءِ هو ٻه هڪ جهڙا هيرا تحفي طور کڻي آيو۔ بادشاهه انهن هيرن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو۔ ان بادشاهه اهڙا خوبصورت هيرا آڻڻ‌تي جوهري جا ٿورا مڃيا. کيس شاهي مهمان بڻائڻ جي لاءِ وزير کي انتظام جو چيو.
    جوهري چيو:” ٿوري دير صبر ڪيو بادشاهه سلامت۔۔۔“
    بادشاهه دريافت ڪيو” ڇو اي جوهري! ڇا توکي اهي هيرا ڏيڻ تي دل نه ٿي ڪري۔۔۔“
    جوهري چوڻ‌لڳو:” نه بادشاهه سلامت اها ڳالهه نه آهي، مان هڪ امتحان وٺڻ چاهيان ٿو“
    بادشاهه پڇيو:” ڪهڙو امتحان اي جوهري؟“
    جوهري: ” جيڪڏهن مان توهان کي اهو ٻڌايان ته اهي جيڪي توهان جي هٿ ۾ مون ٻه هيرا ڏنا آهن اهي هيرا نه آهن بلڪه انهن مان هڪ هيرو ۽‌ هڪ پٿر آهي ته پوءِ ڇا توهان يقين ڪندو؟“
    بادشاهه هڪ ڀيرو غور سان ٻنهي هيرن کي ڏٺو ۽‌ وري چوڻ لڳو: ” نه جوهري مون کي ته نه ٿو لڳي ڇو ته ڏسڻ ۾ ۽ وزن ۾ ٻئي هيرا برابر آهن، سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي “
    جوهري: ”سائين مان سچ پيو چوان مان توهان کي ڌوڪو نه ٿو ڏيڻ چاهيان، ان سان گڏ مان اوهان جي سلطنت ۾ موجود ماڻهن جو امتحان وٺڻ ٿو چاهيان. ان امتحان ۾ جيڪو ڪامياب ٿيو مان ان کي ان جي سمجهداريءَ جي انعام طور پنهجو وارث بڻائيندس ۽ پنهنجي نياڻي جو سڱ ڏيندس“
    اهو ٻڌي بادشاهه پهرين اهي هيرا پنهنجي درٻار ۾ موجود جواهرين ۽ سونارن کي ڏيکاريا، سڀني اصلي هيري کي سڃاڻڻ کان عاجزي ظاهر ڪئي... ان کان پوءِ بادشاهه وزير کي چيو ته حڪومت جي مختلف شهرن ۾ اعلان ڪرايو ۽ سڀاڻڪي ڏينهن ۾ جيڪو ان فرق کي ظاهر ڪندو ان کي مختلف انعامن اڪرامن سان نوازيو ويندو.
    بادشاهه جي چوڻ موجب سڀني جڳهن تي اعلان ڪيا ويا، ڪيترائي ماڻهو آيا قسمت آزمائي ڪندا رهيا پر ڪنهن کي به ان ڳالهه ۾ ڪاميابي نه ملي. غريب ڇوڪرو جيڪو اڪيلو هيو ۽ مڇيون ماري پيٽ گذر ڪندو هو انهيءَ به جڏهن اعلان ٻڌو ته درٻار جو رخ ڪيائين..
    درٻار ۾ پهچندي ماڻهن جي هجوم سبب کيس اڳتي اچڻ جو موقعو نه پئي مليو. سندس پراڻو ڦاٽل لباس ڏسي کيس ڪنهن اڳتي اچڻ نه پئي ڏنو، ڪيئن به ڪري هو وزير تائين پهتو.
    وزير پهرين ته مٿس ڌيان نه ڏنو، پر جڏهن هن چيو ته مان اوهان کي هيري جي پرک سو سيڪڙو ڪري ٻڌائي سگهان ٿو ته وزير چيس اهو ڪيئن..
    ڇوڪري وراڻيو: ” تمام آسان آهي، اها پرک ته ڪو انڌو به ڪري سگهي ٿو“
    وزير چيو: ” اهو چوڻ سولو آهي پر پرک ڪرڻ ڏکي آهي، بهرحال ايترا ماڻهو آيا آهن ته توکي به موقعو ملڻ گهرجي“
    ڇوڪري چيو ته سائين اها پرک ڪرڻ لاءِ مون کي شاهي باغ ۾ هلڻو پوندو، جيڪڏهن تڪليف نه سمجهو ته توهان ۽ بادشاهه سلامت صاحب مون سان گڏ ٿورو اچن. بادشاهه ۽ وزير ۽ جوهري سڀ ڇوڪري سان گڏ باغ ۾ آيا.. ڇوڪرو ٻنهي هٿن ۾ ٻئي مختلف هيرا جهلي ڪجهه ساعتن تائين اُس تي بيٺو، جڏهن تيز اس جي ڪري پٿر گرم ٿيڻ لڳو ته ڇوڪري جلدي سان اصلي هيرو بادشاهه کي ڏيندي چيو ته ”بادشاهه سلامت هي آهي اصلي هيرو، ۽ هي اٿوَ نقلي هيرو يعني پٿر جو ٺهيل هيرو“
    بادشاهه خوش ٿيڻ سان گڏ ڇوڪري جي صلاحيت مان ڏاڍو خوش ٿيو، کيس چيائين ته توکي اها ڄاڻ ڪيئن پئي ته انهن ٻنهي مان هي هيرو آهي؟
    ڇوڪري وراڻيو: ”بادشاهه سلامت پٿر جي فطرت آهي ته ان کي جيڪڏهن ٿوري به گرمي ڏيکاربي ته هو به گرم ٿي ويندو، جڏهن ته هيرو ڀلي تندور ۾ اڇلائي ڇڏيو تڏهن به گرم نه ٿيندو، ڇو ته ان جي فطرت ۾ گرمي نه آهي. بلڪل اهڙي طرح سٺو ماڻهو هيري جي مثل آهي ٿوري گهڻي ڳالهه تي ڪاوڙ نه ڪندو ۽ بخيل ماڻهو پٿر جي مثل جيڪو ٿوري گهڻي ڳالهه تي ڪاوڙجي وڃي ٿو ۽ گرم ٿي پوي ٿو...“
    بادشاهه ۽ جوهري سندس قابليت مان ڏاڍا خوش ٿيا ۽ کيس انعام اڪرام سان نوازين، جڏهن ته جوهري کيس پاڻ سان گڏ پنهنجي ملڪ وٺي ويو ۽ کيس پنهنجي وارث طور منتخب ڪري پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏنائين ۽ اهڙي طرح هڪ غريب ڇوڪرو پنهنجي قابليت جي ڪري سکيو ٿي ويو.
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: اصل هيرو

    تمام سٺي ونڊ آهي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو