ڪاڪو آچار هڪ ڀيرو اڪيلو کٽ تي ستو پيو هو، ان کي مڇرن ڏاڍو تنگ ڪيو، اهو سوچي بتي بند ڪيائين ته هاڻي مڇر تنگ نه ڪندا۔۔۔
اڃان ٿوري دير نه گذري ته هڪ ٽانڊاڻو ( کڙ کٻيتو) اڏامندو پئي آيو۔۔۔
ڪاڪي آچار پريشان ٿيندي چيو ” مار! هاڻي ته مڇر روشني لاءِ بتي کنيو پيا اچن۔۔۔
ڪاڪي کي ڪنهن چيو آهي ته هو مال سان گڏ سمهي
ادا مست توهان ته ٻاراڻي عمر واري ياد تازا ڪري ڇڏي، اهيو لطيفو نندپڻ ۾ ٻڌندا هئاسين ته تمام گهڻو کلندا هئاسين۔ خبر نه آهي ته اها کل ۽ خوشي ڪيڏانهن هلي وئي۔