لاهور کانپو ڪوئيٽا ۾ شهادتون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ آفتاب علي ميرجت طرفان آندل موضوعَ ‏11 سيپٽمبر 2010۔

  1. آفتاب علي ميرجت

    آفتاب علي ميرجت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاعر ۽ ليکڪ
    ماڳ:
    ڄامشورو
    لاهور کانپوءِ وري ڪوئيٽا ۾ شهادتون

    قرآن مجيد ۾ هڪ آيت آهي. جنهن جو ترجمو آهي ته“جنهن هڪ انسان جو قتل ڪيو ان ڄڻ سڄي انسانيت جو قتل ڪيو” مگر افسوس سان چوڻو پوي ٿو، هتي هڪ ته ڇا مگر هزارين ماڻهن جو بي گناه رت وهايو وڃي ٿو. هتي هر روز قتل و غارت هڪ معمول بڻجي چڪو آهي.۽ ايتري وڏي ظلم کي روڪڻ جي طاقت نه حڪومت ۾ آهي نه وري ڪنهن سياسي تنظيم ۾ هي روز جيڪي ايترا سارا قتل ٿين ٿا اهي به ته ڪنهن گهر جا روشن چراغ هوندا، جيڪي ظالم پنهنجي ناپاڪ منصوبن تحت اجهائي ٿا ڇڏين جنهن ۾ شل ڪو هڪ ئي متان قصور وار هجي باقي سڀ بي گناهن جو ئي رت وهايو وڃي ٿو.پاڪستان جي اندر امن هاڻي هڪ خواب بڻجي چڪو آهي. هاڻي روز جا قتل، چوري، ڪاروڪاري، ناانصافي، معصوم نياڻين کي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ جهڙيون دل ڏاريندر ڳالهيون هاڻي انسانن کي حيرت ۾ نٿيون وجهن.
    پاڪستان جهڙو پيارو ملڪ جيڪو قائدِ ملت قائد اعظم محمد علي جناح وڏين محنتن، جذبن، جوش وخروش ۽ وڏي پيار ۽ محبت سان بڻايو هو. مگر اڄ ان ئي پاڪستان جي اندر ڪو اهڙو ڏينهن نه ٿو گذري جنهن ڏينهن ڪو نئون ظلم روا نه ڪيو ويو هجي آخر پاڪستان ۾ ڪڏهن امن جي بهار ايندي ۽ ڪڏهن پاڪستان جا ماڻهو پُرامن زندگي گذاريندا. هاڻي ته جڏهن به ماڻهو پنهنجي گهران نڪرن ٿا ته هڪ خوف جي لهر انهن جي ذهن ۾ ضرور هوندي آهي، ته متان ٻاهر ڪٿي ڪو اڻ وڻندڙ واقعو نه پيش اچي وڃي.
    تازو ئي هاڻي 21 رمضان المبارڪ حضرت امام علي عليه اسلام جي شهادت واري جلوس تي خود ڪش بم حملا ڪيا ويا. جنهن ۾ ڪيترائي عذادار بي گناه شهيد ٿي ويا. اهي سڀ جا سڀ عذادار روزي جي حالت ۾ هئا ۽ روزي جي حالت ۾ ئي پنهنجي خالقي حقيقي وٽ پهتا. روزيدار کي روزي جي حالت ۾ شهيد ڪرڻ عبدالرحمن ابن ملجم(لعه) جهڙن پليد قسم ماڻهن جو ئي ڪم آهي جنهن ابنِ ملجم(لعه) چوڏهن سو سال پهرين 19 رمضان جي فجر ۾ حالتِ نماز ۽ روزي ۾ حضرت امام علي عليه اسلام جي سر تي ضرب هڻي پنهنجي آخرت هميشه جي لاءِ ڪاري ڪري ڇڏي. اڄ به جيڪي ماڻهو اهڙو ظلم ڪن ٿا اهي حقيقت ۾ ابنِ ملجم(لعه) جي نقشِ قدم تي هلي پنهنجي آخرت هميشه لاءِ ڪاري ڪري ٿا ڇڏين، جن کي هتي به سواٰءِ هلاڪت جي موت کان ٻيو ڪجهه به نٿو ملي، ۽ آخرت ۾ به انهن کي ذلت کانسواءِ ڪجهه به نه ورندو هنن شهيدن جي انصاف جي اميد نا اهل حڪومت کان ته نه ٿي ڪري سهگجي، البته انهن شهيدن جو انصاف خدا پنهنجي وڏي دربار ۾ محشر جي ڏينهن ضرور ڪندو.
    لاهور کانپوءِ وري ٻيو ڀيرو شهادتون تڏهن ٿيون، جڏهن 23 رمضان المبارڪ جمعي جي نماز کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ ڪجهه زنده ضمير انسان قبله اول بيت المقدس جي آزادي جي لاءِ پر امن ريلي ڪڍي بيت المقدس جي آزادي جا نعرا هڻي رهيا هئا. ۽ اهي پڻ سڀئي روزي ۾ هئا. ۽ انهن ۾ ڪيترن جو ئي بي گناه رت روزي جي حالت ۾ وهايو ويو ۽ خود ڪش بم حملو ڪري انهن کي هميشه خاموش ڪيو ويو. بيت المقدس اها پاڪ سر زمين آهي جتي تمام نبين پنهنجي زندگي گذاري آهي. ۽ هن وقت به اتي ڪيترن ئي نبين جون تربتون موجود آهن. ۽ ان کان علاوه بيت المقدس مسلمانن جو قبله اول به رهي چڪو آهي. بيت المقدس جي هن پاڪ سر زمين تي دراز وقت کان اسرائيل جو ناپاڪ وجود قابض آهي. جنهن کي آمريڪا جي به خاص سپورٽ آهي. حقيقت ۾ ته هر مسلمان تي فرض آهي.ته هو قبله اول بيت المقدس جي آزادي جي لاءِ پنهنجو آوازاٿارين، مگر هتي ڳالهه ان جي ابتڙ آهي. بيت المقدس جي آزادي جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي. مگر جيڪڏهن چند باضمير انسان اهڙو نيڪ عمل ڪن ٿا ۽ ان جي آزادي جي لاءِ آواز بلند ڪن ٿا ته انهن جو بلند آواز هميشه جي لاءِ خاموش ڪيو ٿو وڃي ۽ انهن جي ان نيڪ عمل دوران مداخلت ڪئي ٿي وڃي. ۽ انهن کي رستي مان هٽائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. بظاهر ته ظالم پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي ٿو وڃي. مگر هو جنهن کي ڪاميابي سمجهن ٿا اها حقيقت ۾ انهن جي ڳچي ۾هڪ ذلت جو طوق آهي. جيڪو انهن کي فلحال نظر نه ٿو اچي قيامت واري ميدان ۾ اها ذلت انهن جي سياه چهرن مان بلڪل نمايان هوندي اڄ جن جا به هٿ بي گناهن جي رت سان رنگين آهن، ۽ جن به اهڙو ڪريل ڪم ڪيو آهي اهي نه مسلمان آهن ۽ نه وري انسان انهن جي دلين م رحم ۽ درد جهڙي ڪا شي ناهي.
    يقينن شهيد ٿيڻ وارا هميشه جي لاءِ زنده ٿي ويا ۽ هو هميشه واري ڪاميابي سان سرفراز ٿي ويا ۽ ظالم هميشه ذلتن جي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويا. انهن ظالمن جو محشر واري ڏينهن حساب و ڪتاب يزيد (لعه) ۽ فرعون(لعه) سان گڏ ئي ڪيو ويندو. ڇو جو ظالم، ظالم آهي پوءِ ڇو نه هو اڄ جو ظالم هجي يا وري چوڏهن صديون پهرين وارو ظالم هجي. ۽ ظلم، ظلم آهي جيڪو ڪلهه به نه لڪيو هو ۽ اڄ به نه لڪندو،
    شايد انهن شهيدن جي خاندانن جي هاڻي اها عيد نه ٿئي جيڪا پهرين ٿئي ها ڇو جو گهر جو جيڪڏهن هڪ فرد هليو ويندو آهي. ته سڄو گهر بي رونق ۽ ويران پيو لڳندو آهي، ظاهر آهي ڪنهن ماءِ جو لختِ جگر ته ڪنهن ڀيڻ جو ڀاءِ ڪنهن جو وري پيءِ شهيد ٿي ويا هوندا. هاڻي انهن جي دلين تي ڇا گذرندو هوندو ۽ هو ڪيڏي وڏي جدائي واري تقليف کي برداشت ڪندا هوندا ان جو اندازو هڪ پري بيٺل ماڻهو نه ٿو لڳائي سگهي انهن جو اندازو يا خود انهن کي هوندو جنهن جا ايترا قضيا ٿي ويا آهن يا صرف خدا کي جيڪو ساري ڪائنات جو عالم الغيب رب آهي،
    حڪومت کي اپيل آهي ته جلد انهن قاتلن کي بي نقاب ڪيو وڃي جيڪي انهي سانحي کي رونما ڪرڻ ۾ شامل آهن.جن حضرت امام علي عليه اسلام جي جلوس جو به تقدس نه ڪيو. اهڙن بي دينن کي هن ظلم جي سزا ضرور ملڻ کپي جيڪي اسلام، امن، ۽ انسانيت جا دشمن آهن.

    آفتاب علي ميرجت
    aftabalimirjat@hotmail.com

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو