جواب: فائر فاڪس جو جديد ورجن۔۔۔ دوستو جيڪڏهن توهان اڃان به فائرفاڪس جي 6۔3 ورجن تي منتقل نه ٿيا آهيو ته۔۔۔ توهان بلڪل به پوئتي آهيو ڇو ته هاڻي هن تيز ترين برائوزر جو ايندڙ ورجن پڻ اچي چڪو آهي ۔۔۔ جنهن کي هوئن ته 7۔3 چوڻ گهرجي ها پر خوبين جي اضافي ڪري هن جو نالو Firefox 4.0 ڏنو ويو آهي۔۔۔۔ هنن جي نون فيچرس ۾ وڌيڪ خوبصورت انٽرفيس، ٽيبس جو ايڊريس کان مٿي هجڻ، مينو بار لاءِ لڪيل يا ظاهر رکڻ جو آپشن، نئون ۽ بهتر اڪائونٽ مينيجر، اطلاع نامي کي بهتر بنائڻ، ايپليڪيشن ٽيب، بوڪ مارڪ بٽڻ، نئون هوم بٽڻ، اسٽاپ ۽ ري لوڊ بٽڻ ۽ سڀ کان اهم نئين سر ڊيزائين ڪيل ايڪسٽينشن مينيجر شامل آهن۔۔۔ هن نئين ورجن ۾ وڊيوز ڏيکارڻ لاءِ هاءِ ڊيفينيشن ٽيڪنالاجي۔۔ ان کانسواءِ هيٺ ڏنل تصويري ٽيڪسٽ جون خوبيون پڻ شامل آهن۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ هيٺين وڊيو کي ڏسو۔۔۔ مون کي يقين آهي ته فائرفاڪس برائوزر استعمال ڪندڙن لاءِ هي وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندو۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=EGChvBRdRmw فائرفاڪس جو هي نئون ۽ جديد ورجن ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔