• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاهه لطيف رحه جي شاعري ۾ جدوجهد جو لازوال پيغام

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
شاهه لطيف رحه جي شاعري ۾ جدوجهد جو لازوال پيغام​
قلمڪار:اقبال زاهد انصاري

اڄ کان لاکيڻي لطيف رح جو عرس شروع آهي. هونئن ته شاهه سائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ساهه ۾ سمايل آهي، پر هنن ڏهاڙن ۾ کيس بنهه گهڻو ياد ڪيو وڃي ٿو. ان موقعي جي مناسبت سان اڄ پاڻ به ان عظيم شخصيت کي ياد ڪريون ٿا، جنهن جا سڄا سارا ٽي سال سنياسين جي سنگ ۾ سير ۽ سفر ۾ گذاريندي، لکپت، لاهوت لامڪان، جهونا ڳڙهه ۽ جيسلمير وغيره جو پيرين پنڌ گهمندي مشاهدو ڪيو. کيس بدن تي گيڙو رنگ جي ڪفني پهريل هوندي هئي. هٿ ۾ بيراڳڻ وانگر جڙيل هڪ لٺ هوندي هئي. اڪثر ڪري پاڻ پيرين اگهاڙا رهندا هئا ۽ پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ پسند ڪندا هئا. ڀٽ جي ڀٽائيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته سندن مذهبي عقيدي جو اظهار ۽ ثبوت هن شعر مطابق رهيو آهي ته،
پڇيو ئي جان دوست، تان پاسي ڪر پرهيز کي​
جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀئي دور ڪيا​
لطيف سرڪار قومي جدوجهد جي سرواڻن کي غاصب قوتن آڏو للڪارڻ جو درس ڏيندي فرمائي ٿو ته،
کپر کا هوڙين سين، وڏو وڌءِ وير
نانگ نه ويندين نڪري، تو ڏرمٿي پير
هيءُ تنين جو ڍير، جن جهونا ڳڙهه جلايو
مطلب ته لطيف سرڪار فرمائي ٿو ته، غاصب ڌرين جي سڃاڻپ ڪندي کليل طور، عملي طور ۽ حڪمت عمليءَ سان سندن گهيرو تنگ ڪندي سندن رستن تي مضبوطيءَ ۽ بهادريءَ سان يلغار ڪريو ته جيئن اهي اتان ڀڄي يا نڪري نه وڃن، ڇاڪاڻ ته انهن جو اتان نڪري وڃڻ توهانجي جدوجهد جو سفر ڊگهو بڻائي ڇڏيندو ۽ اهڙي موقعي تي بهادريءَ ۽ سورهيائي کي مضبوطيءَ سان اپنائيندي دل جا سمورا رستا صرف ۽ صرف غاصب قوتن جي برباديءَ لاءِ استعمال ڪندي سڀئي هڪ ٿي، هڪ نظرئي ۽ سوچ مطابق جدوجهد ڪريو ۽ ٻيا سڀئي وهم دل مان ڌڪاري ڇڏڻ گهرجن ۽ هن عملي جدوجهد ۾ هر قسم جا هٿيار استعمال ڪرڻ گهرجن. مطلب ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هٿيارن کان وٺي، آئيني ۽ عوامي عدالتي هٿيارن تائين ڪنهن به قسم جي بچاءَ جي هٿيار کي خالي ناهي ڇڏڻو، ڇو ته توهانجي ڪاميابي يقيني تڏهن ٿي سگهندي، جڏهن توهانجو هر مورچو ۽ محاذ مضبوط ۽ هٿيار ڪارگر ۽ عملي طرح استعمال ۾ اچي ويندو، پوءِ غاصب ڌريون هر مورچي ۽ محاذ تي مات کائينديون ۽ توهان جي سوڀ يقيني بڻجي پوندي. لطيف رحه جي لات مطابق،
سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏو ڍال ۾ ڍار
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين
ڀٽائي سرڪار جي شاعريءَ ۽ لازوال پيغام کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ ڪيترن ئي جنمن جي عقل ۽ علم جي ضرورت آهي. انهيءَ ڪري مون جهڙي ناسمجهه انسان جي سوچ ۽ سمجهه سندس مقدس مقصد ۽ معنيٰ جي محرابن کي ڇهي سگهي سو ته تمام گهڻو محال آهي پر پوءِ به پنهنجي عقل ۽ علم آڌار هڪ حقير ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا اميد ته کوڙ سارين ڪچائين ۽ ڪمزورين سان لطيف رحه جي حضور ۾ ۽ مارو ماڻهن اڳيان مڃتا ماڻي وٺندي.
بشڪريه شيعه دوست فورم ۽ ڪاوش نيوز
 
Back
Top