ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
شاهه لطيف رحه جي شاعري جو سرائيڪي ترجمو
پنجابي زبان ۾ ترجمي کان گهڻو پوءِ شاهه رحه جي رسالي جو سرائيڪي ترجمو ”شاهه دا رسالا“ ڇپيو آهي، هڪ بهتر قدم آهي. هيستائين شاهه سائين جو ڪلام اردو، پنجابي، فارسي، عربي، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، ۽ هاڻي سرائڪي ترجمو هڪ بهتر وک آهي. سرائيڪي رسالي ۾ ٻوليءَ ۽ تلفظ جو خاص خيال رکيو ويو آهي ۽ ٺيٺ سرائيڪي لفظ ڪم آندا ويا آهن. سرائيڪي ترجمي جي سڄي ڪمپوزنگ سنڌي الفابيٽ ۾ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب هي ترجمو صرف سنڌ صوبي تائين ئي محدود رهندو. ٿيڻ ائين گهربو هو ته شاهه جي رسالي جو هي سرائيڪي ترجمو اردو- سرائيڪي الفابيٽ ۾ لکيو ويو وڃي ها، ڇو ته سرائيڪي اخبارن، سرائيڪي ڪتابن جي سڄي لکڻي اردو- سرائيڪي الفابيٽ ۾ ڪئي وڃي ٿي. هڪ اندازي موجب سرائيڪي ڳالهائڻ وارن جو وڏو تعداد سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ رهي ٿو. صادق آباد کان ڊيره اسماعيل خان ۽ ان جي پسگردائي وارا سمورا علائقا سرائيڪي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ انهن علائقن جو علم ادب اردو- سرائيڪي الفابيٽ ۾ آهي، ڇو ته انهن علائقن ۾ سرائيڪي زبان پنهنجي مخصوص نشانين وسيلي پڙهي ۽ لکي وڃي ٿي. هن وقت هي سرائيڪي ترجمو ملڪ جي سرائيڪي علائقن ۾ مقبوليت ماڻي نه سگهندو. سرائيڪي ترجمي جو وڏو ۽ اهم مقصد ئي اهو آهي ته شاهه جو پيغام ملڪ جي ٻين حصن تائين پهچي پر موجوده سنڌي رسم الخط ۾ لکيل هي رسالو صرف سنڌ واسين تائين ئي محدود رهندو. سنڌي ماڻهن لاءِ رسالو سنڌي ۾ هجي يا سرائيڪي ۾ سمجهڻ ۽ پڙهڻ آسان آهي، پر سرائيڪي پٽيءَ جي ماڻهن لاءِ هي رسالو بي لاڀ ثابت ٿيندو.
ڪريم بخش چنا/ ميرپور ماٿيلو/ ڪاوش نيوز/هائيڊ پارڪ