شاهه لطيف رحه جي شاعري جو سرائيڪي ترجمو

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
شاهه لطيف رحه جي شاعري جو سرائيڪي ترجمو

shah_jo_risalo.jpg

پنجابي زبان ۾ ترجمي کان گهڻو پوءِ شاهه رحه جي رسالي جو سرائيڪي ترجمو ”شاهه دا رسالا“ ڇپيو آهي، هڪ بهتر قدم آهي. هيستائين شاهه سائين جو ڪلام اردو، پنجابي، فارسي، عربي، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، ۽ هاڻي سرائڪي ترجمو هڪ بهتر وک آهي. سرائيڪي رسالي ۾ ٻوليءَ ۽ تلفظ جو خاص خيال رکيو ويو آهي ۽ ٺيٺ سرائيڪي لفظ ڪم آندا ويا آهن. سرائيڪي ترجمي جي سڄي ڪمپوزنگ سنڌي الفابيٽ ۾ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب هي ترجمو صرف سنڌ صوبي تائين ئي محدود رهندو. ٿيڻ ائين گهربو هو ته شاهه جي رسالي جو هي سرائيڪي ترجمو اردو- سرائيڪي الفابيٽ ۾ لکيو ويو وڃي ها، ڇو ته سرائيڪي اخبارن، سرائيڪي ڪتابن جي سڄي لکڻي اردو- سرائيڪي الفابيٽ ۾ ڪئي وڃي ٿي. هڪ اندازي موجب سرائيڪي ڳالهائڻ وارن جو وڏو تعداد سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ رهي ٿو. صادق آباد کان ڊيره اسماعيل خان ۽ ان جي پسگردائي وارا سمورا علائقا سرائيڪي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ انهن علائقن جو علم ادب اردو- سرائيڪي الفابيٽ ۾ آهي، ڇو ته انهن علائقن ۾ سرائيڪي زبان پنهنجي مخصوص نشانين وسيلي پڙهي ۽ لکي وڃي ٿي. هن وقت هي سرائيڪي ترجمو ملڪ جي سرائيڪي علائقن ۾ مقبوليت ماڻي نه سگهندو. سرائيڪي ترجمي جو وڏو ۽ اهم مقصد ئي اهو آهي ته شاهه جو پيغام ملڪ جي ٻين حصن تائين پهچي پر موجوده سنڌي رسم الخط ۾ لکيل هي رسالو صرف سنڌ واسين تائين ئي محدود رهندو. سنڌي ماڻهن لاءِ رسالو سنڌي ۾ هجي يا سرائيڪي ۾ سمجهڻ ۽ پڙهڻ آسان آهي، پر سرائيڪي پٽيءَ جي ماڻهن لاءِ هي رسالو بي لاڀ ثابت ٿيندو.


ڪريم بخش چنا/ ميرپور ماٿيلو/ ڪاوش نيوز/هائيڊ پارڪ
 
جواب: شاهه لطيف رحه جي شاعري جو سرائيڪي ترجمو

سائين سٺي معلومات ونڊ ڪئي اٿوَ۔۔ شاهه سائين جو رسالو مختلف زبانن ۾‌ڇپجي چڪو آهي، ڀلي پورو رسالو نه پر ڪيترائي سُر تقريباَ دنيا جي مشهور ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن۔ هي ڳالهه مون کي سائين اياز عالم ابڙو جن ٻڌائي هئي جن جو ان سلسلي ۾ هڪ مقالو پڻ مون ڪمپوز ڪيو هو۔
 
جواب: شاهه لطيف رحه جي شاعري جو سرائيڪي ترجمو

هن رسالي کي واقعي سرائيڪي اردو الفابيٽ‌۾ ڇپجڻ‌گهرجي ها۔۔۔ ڇو ته تقريبن پوري پاڪستان ۾ سرائيڪي انهيءَ انداز ۾ ئي لکي پڙهي وڃي ٿي
 
جواب: شاهه لطيف رحه جي شاعري جو سرائيڪي ترجمو

سائين سٺي معلومات ونڊ ڪئي اٿوَ۔۔ شاهه سائين جو رسالو مختلف زبانن ۾‌ڇپجي چڪو آهي، ڀلي پورو رسالو نه پر ڪيترائي سُر تقريباَ دنيا جي مشهور ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن۔ هي ڳالهه مون کي سائين اياز عالم ابڙو جن ٻڌائي هئي جن جو ان سلسلي ۾ هڪ مقالو پڻ مون ڪمپوز ڪيو هو۔
ادا مست صاحب توهان جي مهرباني۔​
 
جواب: شاهه لطيف رحه جي شاعري جو سرائيڪي ترجمو

ادا ممتاز اوهان مختلف وقتن ۾ مختلف ليککن جا مقالا شيئر ڪريو ٿا، ڪڏهن جاکوڙ جي تعريف ۾ ته ڪڏهن تنقيد ۾۔
تمام سٺي ڳالهه آهي۔
اوهان جو پنهنجو خيال ان باري ۾ ڇا هوندو آهي؟
 
Back
Top