ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سر ڪيڏاري ۾ سورمن جي ساڃاهه
واقعه ڪربلا انساني تاريخ ۾ حق ۽ باطل، نيڪي ۽ بدي، سچ ۽ ڪوڙ، خير ۽ شر جي ويڙهه کي وائکو ڪري ٿو، جيئن اوائلي تاريخ ۾ صالح ۽ غير صالح، صحيح ۽ غلط، سٺي ۽ خراب بابت ويڙهه ۽ تضاءَ اڀريل آهن، هي واقعو به انهن جو تسلسل آهي.جڏهن حضرت موسيٰ فرعون کي راهه راست تي آڻڻ لاءِ نعره حق بلند ڪيو ته ان لاءِ پڻ زندگي ڏکي بڻجڻ لڳي، جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام، نمرود کي حق جي هيڪڙائي ۽ راهه راست جي پرچار ڪئي ته نمرود سندس جان جو دشمن بڻجي ويو ان کيس باهه جي آڙاهه ۾ اڇلائي کيس ختم ڪرڻ گهريو.اهڙي طرح حضرت امام حسين عليه السلام، حق، سچ جي راهه تي هلندي، ان دور جي حاڪم يزيد کي صراط مستقيم جي رستي جي هدايت ڪئي، پر يزيد، نور هدايت بجاءِ، اونداهي کوهه ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني.ان سڄي ارمناڪ واقعي جي ڏک، درد، پيڙا ۽ ايذاءَ کي لطيف سائين پنهنجي رسالي جي سر ڪيڏارو ۾ جيئن بيان ڪيو آهي، اهو سندس واقعي جي المياتي رخ کان متاثر هجڻ آهي.لطيف سائين، پاڻ ڪاظمي سيدهو، ان جو تاريخ جي ان درد ناڪ سانحي کي پنهنجي رسالي ۾ آڻڻ، سنڌي سماج ۾ حب اهليت سان عقيدت ۽ محبت جو دليل آهي.
هونءَ ته سموري انساني تاريخ آقا ۽ غلام، هيڻي ۽ ڏاڍي، ظالم ۽ مظلوم، جي تضادن سان ٽمٽار آهي.فاتحن جي گهوڙن جون ٽاپون غر ناطه کان ڪوفي تائين، دجله کان سنڌو تائين پنهنجي نشان ۽ آثار ڇڏي ويون آهن. جن ۾ مظلومن جون آهون، دانهون، ڪوڪون ۽ سڏ ڪا پنهان آهن.لطيف سائينءَ، امام عالي مقام سان محبت ۽ عقيدت ۾ جيڪي لڙڪ هاريا آهن، انهن جو اظهار سر ڪيڏارو ۾ بخوبي نظر ايندو، لطيف سائينءَ، امام عالي مقام جي مختصر لشڪر، حر، جي هشمت، غازي عباس جي دليري ۽ ٻين اصحاب حسين رضي الله عنه، جي بهادريءَ کي واکائيندي چيو آهي ته:
سورهه مرين سوڀ کي،
ته دل جا وهم وسار
هڻ ڀلارا، وڙهه ڀاڪرين،
آڏي ڍال ۾ ڍار،
مٿان تيغ ترار،
مار ته متارو ٿئين.
امام جي لشڪر کي ساراهه ۽ ساڃاهه وارن نڪتن سان هدايت ۽ شجاعت جا سبق مليل آهن، هڪ پاسي اٿاهه يزيدي لشڪر، گهوڙن ۽ اٺن جا سوار لشڪري، جاه جلال، ڏاڍ، ڏهڪاءُ.
ٻئي پاسي اهليت حسين عليه السلام ۽ اصحاب حسين، بي گهر دربدري، مسافري، مختصر اشخاص. ويڙهه لاءِ نه ساز نه سامان، نه جنگي حڪمت عملي، ان جي باوجود نعره حق ۽ نعره تڪبير جي صدا بلند، لطيف سائينءَ، سرڪيڏارو ۾ امام حسين عليه السلام توڙي ٻين اهلبيت ۽ امام جي ساٿين جي بهادري بي ڊپائي، اورچ جذبي، لا محدود حقانيت کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، اتي ڏک ۽ تڪليف ۾ ان المياتي واقعي ٿي رنو به آهي.سندس ساڳي ئي سرمان ٻيو بيت آهي ته:
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا،
هن مان مراد امام حسين عليه السلام جي جوان
ساله پٽ جي شهادت ۽ گهوٽ ڀائٽي جي
شهادت جي نمازي ٿئي ٿي
ان کان اڳتي ڪربلا جي سڄي منظر جي
تصويري جهلڪ نظر اچي ٿي ته:
بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کلول ڪن،
وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين هڻن،
ڪرن ڪنڌنچن، رڻ گجيورا ڙوٿيو.
امام اعظم، حقانيت، وحدانيت، دين جي سربلندي، لاءِ جنهن استقامت، صداقت ۽ جذبي سان ڏکي صورتحال کي منهن ڏنو، ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي.
امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين رهندڙ دنيا تائين اسلام جي سربلندي، صبر، استقامت، رضا تي راضي رهڻ، توڙي نسلي برتري ۽ آپيشاهي خلاف جيڪا هلچل هلائي، ان کي اڄ به روان دوان رکڻ جي ضرورت آهي.اڄ به جيڪي غاصب ۽ جابر طاقتون، انساني تاريخ جي رخ جي ابتڙ آهن ۽ اسلام بلاڪ جي خلاف ڪم ڪري رهيون آهن، انهن سان واقعه ڪربلا ۽ سر ڪيڏارو جي سورمن جي نقش قدم تي هلندي ويڙهاند ڪرڻ جي ضرورت آهي. لطيف سائينءَ، امام حسين عليه السلام ۽ سندس اهلبيت توڙي اصحاب حسين عليه السلام جي ڏک ۾ شرڪت دار ٿي، سنڌي سماج کي تصوف ۽ حق پرست رخ ڏانهن وئي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.جنهن مان سندن عالمگيريت، آفاقيت، انسانيت ۽ دين جي مثبت روح ۽ رخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.
هو چوني، تون م چئه،
واتان ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري،
خطا سو کائي، يا ند منهن ۾ پائي،
ڪيني وارو ڪينڪي.(شاهه)
بشڪريه شيعه دوست فورم