• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يوٽيوب ميوزڪ ڊائونلوڊر سيريل ڪوڊ سان 15 سيپٽمبر تائين مفت۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
يوٽيوب ميوزڪ ڊائونلوڊر استعمال آسان ۽ وڊيوز کي ڊائونلوڊ ڪرڻ جي رفتار ۾ پنهنجو ثاني نه ٿو رکي ۔۔۔ هن سافٽويئر ذريعي وڊيوز کي ڊائونلوڊ ڪري سمورين وڊيوز کي MP3, AVI, WMV, MOV, MP4 کان وٺي 3GP تائين فارميٽ تبديل ڪري سگهجن ٿا۔۔۔۔

2zrghf4.jpg

http://www.youtube.com/watch?v=xqlcWVE7mT0

هوئن ته هن بهترين سافٽويئر جي قيمت 29 ڊالر آهي پر ڪمپني پنهنجي پروڊڪٽ کي مشهور ڪرڻ خاطر 15 سيپٽمبر تائين هڪ سيريل ڪي مفت ۾ ڏني آهي۔۔۔۔
يوٽيوب ميوزڪ ڊائونلوڊر جي ڪاپي مفت حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو ۔۔ جنهن کان انسٽاليشن جي دوران گهرندڙ سيريل ڪي ۾ هيٺين ڪي لکو۔۔۔
YMD85051051MX
۽ مزا ماڻيو۔۔۔
 
جواب: يوٽيوب ميوزڪ ڊائونلوڊر سيريل ڪوڊ سان 15 سيپٽمبر تائين مفت۔۔۔۔

سائين سٺو ونڊ آهي، پر مون جهڙا مست ته 15 سيپٽمبر کان پوءِ به هن سافٽ ويئر کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ڇو ته يوٽيوب جا ته پاڻ ديوانا آهيون۔۔۔ ڪاڏي وينداسين۔۔۔ :)
 
جواب: يوٽيوب ميوزڪ ڊائونلوڊر سيريل ڪوڊ سان 15 سيپٽمبر تائين مفت۔۔۔۔

سائين ڊاونلوڊ لنڪ ڏيو
 
جواب: يوٽيوب ميوزڪ ڊائونلوڊر سيريل ڪوڊ سان 15 سيپٽمبر تائين مفت۔۔۔۔

ادا رشيد تعارف مان ته سافٽويئر تمام بهترين ۽ لاجواب ٿو لڳي پر يار اوهان جي هن موضوع ۾ ڊئونلوڊ جو لنڪ نظر نه پئي آيو۔
جيڪڏهن آئون غلط نه آهيان ته ٿورو ڏسي وٺجو،،،،،،،
 
جواب: يوٽيوب ميوزڪ ڊائونلوڊر سيريل ڪوڊ سان 15 سيپٽمبر تائين مفت۔۔۔۔

ادا ان کي چوندا آهن اوجاڳو۔۔۔۔ ڪجهه ڏينهن کان مصروفيت ايتري وڌي آهي جو ننڊ به پوري نه ٿي ٿئي ۔۔۔۔ خير لنڪ درست ڪيو ويو آهي۔۔۔۔
 
جواب: يوٽيوب ميوزڪ ڊائونلوڊر سيريل ڪوڊ سان 15 سيپٽمبر تائين مفت۔۔۔۔

سائين سٺو ونڊ آهي، پر مون جهڙا مست ته 15 سيپٽمبر کان پوءِ به هن سافٽ ويئر کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ڇو ته يوٽيوب جا ته پاڻ ديوانا آهيون۔۔۔ ڪاڏي وينداسين۔۔۔ :)

ٻيلي ڏاهو ٿي مست ۔۔۔۔ ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ باوجود ڇو ٿو تنگ ڪرين۔۔۔ مٿي لکڻ جو مقصد صاف آهي ته سيريل ڪي صرف 15سيپٽمبرتائين ڪم ڪندي باقي سافٽويئر هڪ دفعو ايڪٽيويٽ ٿيڻکان پو مستقل ڪم ڪندو۔۔۔۔
 
جواب: يوٽيوب ميوزڪ ڊائونلوڊر سيريل ڪوڊ سان 15 سيپٽمبر تائين مفت۔۔۔۔

سائين لوڊنگ پيج جي دوران رجسٽريشن ڪيون ٿا ٻڌائي به اٿو ته رجسٽريشن ٿي وئي هاڻي پروگرام ٻيهر هلايو وري هلايون ٿا ته وري ساڳيو مٿان لکجي اچي ٿو انرجسٽريڊ؟؟ٓ!!!!
 
ادا طاهر سنڌي مون وٽ هي سافٽوئير رجسٽر به ٿي ويو آهي۔۔۔۔
جڏهن مون به رجسٽريشن ڪوڊ پيسٽ ڪيو هئو ته مونکي به ائين چيو هئو ڪمپيوٽر جيئن اوهان کي چيو اٿس ۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن مون ٻيهر هلايو مانس ته اسٽينڊرڊ ورجن پيو ڏيکاري ۔۔۔۔۔۔۔۔

تصوير هيٺ ڏجي ٿي۔

28cg037.jpg
 
جواب: يوٽيوب ميوزڪ ڊائونلوڊر سيريل ڪوڊ سان 15 سيپٽمبر تائين مفت۔۔۔۔

ٻيلي ڏاهو ٿي مست ۔۔۔۔ ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ باوجود ڇو ٿو تنگ ڪرين۔۔۔ مٿي لکڻ جو مقصد صاف آهي ته سيريل ڪي صرف 15سيپٽمبرتائين ڪم ڪندي باقي سافٽويئر هڪ دفعو ايڪٽيويٽ ٿيڻکان پو مستقل ڪم ڪندو۔۔۔۔

سائين هاڻي ڳالهه کي سمجهي ته ويا هوندو۔۔۔۔ توهان سان مزاق نه ڪبو ته ڪنهن سان ڪبو۔۔۔ >:d<
مان سافٽ ويئر ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رکيو آهي هاڻي ۔۔۔
 
جواب: يوٽيوب ميوزڪ ڊائونلوڊر سيريل ڪوڊ سان 15 سيپٽمبر تائين مفت۔۔۔۔

Eid_Mubarak.gif
ادا رشيد صاحب سڀ کان پهرين ته توهان کي منهنجي طرفان دل جي گهراين سان عيد مبارڪ هجي۔ ڀاء ڪافي وقت کان توهان سان فون تي به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿئي سگهي۔ ۽ منهنجي ته دل چوندي آهي ته توهان سان دعا سلام ڪجي باقي توهان جي دل جي ته توهان کي خبر۔ ادا اهڙي وند لاء اوهان جا ٿورا ۽ قرب، ادا هميشه توهان جي اهڙي معلومات لاء اوسيئڙو رهندو آهي۔ ادا باقي جڏهن توهان جي لکيل هنن لفظن تي ( هوئن ته هن بهترين سافٽويئر جي قيمت 29 ڊالر آهي پر ڪمپني پنهنجي پروڊڪٽ کي مشهور ڪرڻ خاطر 15 سيپٽمبر تائين هڪ سيريل ڪي مفت ۾ ڏني آهي۔۔۔۔) نظر پئي ته مون کي بسن ۾ منجهن ۽ خوشبوء جون بوتلون وڪڻڻ وارا ڀائر ياد اچي ويا جيڪي چوندا آهن ته ۔۔۔۔۔۔ منهنجا ساٿيو هن شيء ۔۔۔۔ جي قيمت ته مارڪيٽ ۾ 20 رپيا آهي مگر ڪمپنيء جي مشهوري جي لاء هن جي قيمت توهان کان 10 رپيا مطلوب آهي۔ ۽ پوء آواز ڏيڻ شروع ڪندا آهن 10 رپيا۔ 10 رپيا ، 10 رپيا ، ( مذاق ۾ )
 
جواب: يوٽيوب ميوزڪ ڊائونلوڊر سيريل ڪوڊ سان 15 سيپٽمبر تائين مفت۔۔۔۔

ادا طاهر سنڌي مون وٽ هي سافٽوئير رجسٽر به ٿي ويو آهي۔۔۔۔
جڏهن مون به رجسٽريشن ڪوڊ پيسٽ ڪيو هئو ته مونکي به ائين چيو هئو ڪمپيوٽر جيئن اوهان کي چيو اٿس ۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن مون ٻيهر هلايو مانس ته اسٽينڊرڊ ورجن پيو ڏيکاري ۔۔۔۔۔۔۔۔

تصوير هيٺ ڏجي ٿي۔

28cg037.jpg

سومرو صاحب اوهان جي مهرباني
مون ٻيو دفعو ڪوشش ڪئي ته هاڻي مون وٽ به اسٽينڊرڊ ورزن پيو هلي
وري به اوهان جي مهرباني
 
جواب: يوٽيوب ميوزڪ ڊائونلوڊر سيريل ڪوڊ سان 15 سيپٽمبر تائين مفت۔۔۔۔

سومرو صاحب اوهان جي مهرباني
مون ٻيو دفعو ڪوشش ڪئي ته هاڻي مون وٽ به اسٽينڊرڊ ورزن پيو هلي
وري به اوهان جي مهرباني

ادا ڪنهن به سافٽ‌ويئر ۾ سيريل ڪي لوڊ ڪرڻ کان بعد ان کي ري اسٽارٽ ڪرڻو پوي ٿو تڏهن ڪِي اثر ڏيکاري ٿي۔۔
 
Back
Top