TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
سکر(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ کين کاڌ خوراڪ فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيا پاران جيڪي خبرون هلايون پيون وڃن يا تنقيد ڪئي پئي وڃي تنهن سان پرڏيهي ملڪن ۾ سٺو تاثر نه پئجي رهيو آهي ۽ ان ڪري عالمي ادارن ۽ پرڏيهي حڪومت پاران امداد وارو عمل رڪجڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، ڪالهه ھتي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ميڊيا وارن کي تنقيد واريون خبرون هلائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي ۽ گهڻي واويلا نه ڪرڻ گهرجي، جنهن سان ٻوڏ متاثرين لاءِ وڌيڪ پرڏيهي امداد ملي سگهي ٿي جنهن جي انتهائي ضرورت آهي، هن چيو ته ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ ڪميونيڪيشن ۽ فصل تباهه ٿيا آهن، نقصان جي ازالي لاءِ 3 هزار ارب رپيا گهرجن، ھن چيو ته ٻوڏ متاثرين ۾ 350 ارب رپيا ورهايا ويندا، ابتدائي طور ھر خاندان کي 20 هزار رپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته باقي رقم ٻوڏ متاثرين جي واپس گهرن ڏانهن موٽڻ کانپوءِ سندن ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ کانپوءِ ادا ڪئي ويندي، هن چيو ته سنڌ اندر بندن جي مرمت لاءِ هڪ سئو بلين (ھڪ کرب) رپيا گهرجن، جنهن کانپوءِ بند چار فوٽ اوچا ٿي ويندا، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته بندن جي ٽٽڻ ۽ آبپاشي عملدارن جي ڪوتاهين بابت ضرور جاچ ٿيندي ۽ جيڪي ذميوار آفيسر هوندا سي سزا کان نه بچي سگهندا، هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته سکر ۾ مختلف امدادي ڪئمپن ۾ پيئڻ واري پاڻي جو مسئلو اهم آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ٻوڏ متاثرين لاءِ روزانو ماني تيار ڪرائي کين کارائي رهيا آهيون جنهن دوران ڪجهه ماڻهو 80 ديڳون چوري ڪري ويا آهن، هن چيو ته اهي شڪايتون صحيح آهن ته ديڳن ۾ گوشت گهٽ مقدار ۾ استعمال ٿيندو ھو ۽ 70 هزار بدران رڳو 55 هزار نان ٻوڏ متاثرين جي ڪئمپن ۾ پهچايا ويا ان معاملي ۾ ملوث ماڻهن ۽ ٺيڪيدارن جا بل روڪيا ويا آهن.
ڪاوش
ڪاوش