ڪجهه ماڻهو اسان کي ڊيڄارڻ ۽ محدود ڪرڻ چاهين ٿا:صدر

'راءِ شماري' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڪراچي (رپورٽ: ارشاد گلاباڻي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪي ماڻهو اسان کي ڊيڄارڻ ۽ محدود ڪرڻ چاهين ٿا پر اسان عوام کان پري رهڻ واري سياست نٿا ڪري سگهون. حڪومت ٻوڏ سبب ڪڻڪ جي امڪاني کوٽ کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ جي روانگي واپار وسيلي پرڏيهه موڪلڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ٻوڏ سٽيل هارين ۽ آبادگارن کي 40 سيڪڙو تائين ٻج ۽ ڀاڻ مفت فراهم ڪيو ويندو. برطانيا ۽ اسپين خاطري ڏياري آهي ته اهي يورپي يونين پاران پاڪستان جي ڪجهه شين جي يورپي ملڪن ۾ وڪري تي وڌل پابندي کي ختم ڪرائڻ جي ڏس ۾ پاڪستان جي حمايت ڪندا. هن اهڙو اظهار ڪالهه هتي مختلف شخصيتن پاران ساڻس ڪيل ملاقاتن ۾ ڪيو. صدر آصف علي زرداريءَ سان مملڪتي وزير نبيل احمد گبول ۽ پ پ اڳواڻ ملڪ محمد خان اعواڻ بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات کانپوءِ هنن ٻڌايو ته صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪي ماڻهو اسان کي ڊيڄارڻ ۽ محدود ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن اسين ڊڄي هڪ حد تائين محدود ٿي وڃون پر اسان جي ليڊر شهيد بينظيرڀٽو خوف جي سياست کي الوداع چئي عوام جي وچ ۾ شهادت ماڻي ۽ اسان به ماڻهن کان پري رهڻ واري سياست نٿا ڪري سگهون. پيپلزپارٽي جا جيالا نه رڳو پارٽي جو سڀ ڪجهه آهن پر منهنجا ڀائر به آهن. صدر چيو ته عيد کانپوءِ پيپلزپارٽي کي متحرڪ ۽ فعال ڪيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ جلسا ۽ جلوس ڪيا ويندا.

    ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ڪجهه ماڻهو اسان کي ڊيڄارڻ ۽ محدود ڪرڻ چاهين ٿا:صدر


    [​IMG]
    دوستو ۽ ڀائرو ملڪ جو موجوده صدرشايد ته دنيا گهڻي کان گهڻي تنقيد جو حامل صدر آهي پر يار الائي ڇو انجي حمايت ڪرڻ تي دل گهڻو چوندي آهي۔۔ پاڪستان جي تاريخ ۾ هي پهريون شخص آهي جنهن سنڌي ٽوپي کي پنهنجي مٿي جي لڄ سمجهي آهي،، ڪجهه ڏينهن اڳ مان بشير خان قريشي کي به بغير ٽوپي جي ڪنهن تقريب ۾ ڏٺو۔ پر يار هي اهو شخص آهي جيڪو ملڪ جو ڪو به صوبويا هجي شهر هجي۔۔ گڏيل قومن جو اجلاس هجي يا، ٽه ملڪي سربراهي ڪانفرنس هر جا تي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪندو رهي ٿو۔۔۔۔
    ڏٺو وڃي ته ڪنهن به صدر سنڌ کي ڪجهه به ڪو نه ڏنو آهي ڀلي اهو موجو ده صدر ئي ڇونه هجي پر دوستو موجوده صدر سنڌ جي ثقافت کي پنهنجي عزت سمجهڻ هڪ باعث فخر ڳالهه آهي۔ پاڪستان جي تاريخ جو پهريون 11 سيپٽمبر هيو جنهن تي قائد اعظم جي مزار تي گلن جي چادر جي بدران هن صدر جي اسرار تي اجرڪ وڌو ويو۔۔
    جتي ڪنهن به صدر ڪجهه به نه ڏنو آهي اتي موجوده صدر سنڌ جي ثقافت کي اجگر ڪيو. جيڪڏهن ان لحاظ کان اسان هن صدرجي حمايت ڪنداسين ته منهنجي خيال ۾ ڪا سياسي حمايت نه هوندي۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪجهه ماڻهو اسان کي ڊيڄارڻ ۽ محدود ڪرڻ چاهين ٿا:صدر

    ادا عمران بلڪل صحيح پيا چئو
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: ڪجهه ماڻهو اسان کي ڊيڄارڻ ۽ محدود ڪرڻ چاهين ٿا:صدر

    جي ادا اوهان جي ڳالهه وزنائتي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    اسان کي پو به فّخر آهي ته اسان جو واحد سنڌي ملڪ پاڪستان جو صدر آهي
    الائي ڇو پنهنجا سنڌي به صدر کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهن
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪجهه ماڻهو اسان کي ڊيڄارڻ ۽ محدود ڪرڻ چاهين ٿا:صدر

    ادا سچ ٿا چئو، گهٽ مان گهٽ سنڌي ٽوپي کي ته صدر صاحب مان ۽ شان ته ڏنو آهي، سندس اهيا ئي سڃاڻپ آهي ته هو هڪ سنڌي صدر آهي، گهٽ مان گهٽ پنهنجا ته مخالف نه ڪن ، هت مهاجرن هميشه اڄ تائين هڪ ڊڪٽيٽر جنرل مشرف جا ڳڻ ڳائيندي نظر ايندا آهن، صرف ان لاء ته اهو انهن جي قوم مان هو سو سنڌ جا دوستو گهٽ ۾ گهٽ اهيا ٽيڪ ته آهي ته ملڪ جو صدر هڪ سنڌي آهي، ڪجهه وقت پهرين سنڌ جي مشهور ليکڪ امر سنڌو صاحبه جو هڪ ڪالم ڪاوش اخبار ۾ ڇپيو هو اهو به مان هت ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان جنهن کي ضرور پڙهجو۔


    سنڌي ٽوپيءَ وارو صدر نشاني تي ڇو آهي؟​

    [​IMG]


    امر سنڌو
    هو مسلسل نشاني تي آهي، هن تي مشق پڪي ٿي رهي آهي. ڪرپشن، ذهني ڏيوالپڻو، آمريتي طرز حڪومت، دوست نواز، قبضه گيري جي هوس.....۽ نيٺ سندس ”محب وطني“ به سوال هيٺ آئي. هو هن جي ”ذهني صحت“ تي به شڪ ڏيکارين ٿا، هنن جو هر تير زهر ۾ٻڏل، هر لفظ سندن نفرت ۾ ته...هر جملو سندس ڪردار ڪشي لاءِ استعمال ۾ ايندڙ...هن جي لوندڙي تي گن رکي کيس جاءِ ڇڏڻ جا مشورا به ميڊيا ۾ هو برملا استعمال ڪن ٿا. هو هن جونالو ريٽڻ لاءِ هر انتها تي وڃڻ لاءِ تيار ڏسجن ٿا. کين نيٺ به ڇو هو پسند ناهي؟ نه هن جو انداز گفتگو، نه مرڪ، نه خاموشي...کين ڪجهه به نٿو وڻي.
    جڏهن هو پنڊي مان پارسل جيان لاش کڻي ڳڙهي خدا بخش پهتو هو ته اها ميڊيا، اهي ئي جيڪي مٿس تنقيد ڪن ٿا، کيس اکين جو تارو بنائي بيٺا هئا، جو ان وقت کين ”پاڪستان کپي“ تي رضامند ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ کانئس وڏي ڪا طاقتور ڌر نظر نه آئي هئي، ۽ هو ساڳي ئي ميڊيا، ساڳي ئي پنجاب ڊامينيٽڊ سول سوسائٽي ۽ ساڳي ٽولي جو ڏينهن ٻن لاءِ ائين دادلو بڻجي ويو هو، جن کي کن پل لاءِ ته سنڌ به ائين محسوس ڪيو ته شايد هو هاڻ سندن نه رهيو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀني تي ڀاري پوندڙ عوامي شخصيت جي بيجان جسم جي واپسي کانپوءِ سندس ئي پارٽي جي ٻئين درجي جي قيادت کي اقتدار جي منتقلي اسٽيبلشمينٽ لاءِ اهو سودو ڪو گهڻو مهانگو نه هو ۽ جڏهن سندس سياسي وارث عظيم قائد جي قبر جي مٽي سڪڻ کان اڳ ئي چيو ته ”پاڪستان کپي“ ۽ ”جمهوريت بهترين انتقام آهي“ ته پوءِ ته سچ به لمحي ڀر ۾ ائين لڳو ته ان سودي ۾ کٽڻ باوجود شهيد جا وارث شايد هارايل آهن. اهو عجب لقاءُ هيو، اقتدار جو ريڊ ڪارپٽ، پنڊي جي شهيد جي پارٽي لاءِ ائين پاڻمرادو وڇايو ويو، جيئن سندس شهادت وقت سندس اباڻي صوبي ۾ ئي نه، پر سڄي ملڪ ۾ صفِ ماتم وڇائي ويئي هئي. صفِ ماتم کان سڌو اقتدار جي ريڊ ڪارپٽ تائين پڄڻ ۾ زماني جي سياست جا جيترا به ڪمپرومائيز ۽ جيترا به مرحلا هن پارٽي جي راهه ۾ آيا...سندس نئين ۽ عبوري قيادت ان کي گردن خم سان بخوشي ٿي قبوليو. متحده سان مفاهمت تي يقينن سڄي سنڌ ۾ ڏک، ۽ تاءُ هو ته نيٺ به جڏهن اتي به گردن خم سان حاضري ڏيڻ لازم آهي ته پوءِ اڪثريتي ووٽ جي تذليل جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مظاهرو ٿيندو؟ هو ته محترمه کي نشانو ٺاهڻ سان ئي پنهنجو ڪم تمام ڪري چڪا هئا، هو هٿ ڇنڊي نتيجا ڏسڻ لاءِ ويٺا هئا. جيڪي سندس منشا مطابق اوس ٿيڻا هئا، پر ائين نه ٿيو. پنڊي پلاننگ ۾ سنڌ جو اهو ”ردِ عمل“ شامل دفتر نه هو. اهڙو ردِ عمل، جنهن ۾ سنڌ ساهه کڻڻ ڇڏي ڏنو هو، اهڙو عمل جنهن ۾ سندن اکين ۾، سندن روين ۾ باهه ٻري اٿي هئي. هر اها علامت، جنهن مان کين پنڊي پلاننگ جي بوءِ ٿي آئي، انهن ساڙي رک ڪئي...هو ٿڏي رد ڪرڻ واري آخري حد تائين لٿا هئا ۽ اها ”حد“ ان ڊرافٽ جو حصو نه هئي، جنهن ۾ محترمه جو مقتول ٿيڻ طئي ڪيو ويو هو. راند سندن هٿن مان نڪري چڪي هئي...پر ٺيڪ ان وقت سندس جانشين پارٽي برملا چيو ته ”پاڪستان کپي“ تڏهن انهن گيم کي ڪجهه ٻي طرح سان ڊيل ڪرڻ چاهيو. شهادت واري ڊرافٽ ۾ اهو به طئي نه هو ته ڪنهن وصيت نامي جو مهورت ٿيندو. ڊرافٽ ۾ اهو به طئي نه هو ته ڪو پارٽي جانشين شهيد گهراڻي مان کنيو ويندو. ان ڊرافٽ ۾ اهو به درج نه هو ته سندن لاءِ بيحد ناپسنديده شخص کي پارٽي قيادت ائين آساني سان ملي به ويندي...شايد سندن ڊرافٽ ۾ پارٽي قيادت لاءِ نامزد نالو ڪو ٻيو هو. ”ناپسنديده شخص“ نه رڳو سندن منشا ۽ ڊرافٽ جي عين برعڪس پارٽي جو قائد بڻجي ويو، پر گڏوگڏ ”خانداني ورثي“ واري اها به روايت برقرار رکي، جيڪا بيشڪ ته سنجيده باشعور سول سوسائٽي لاءِ قابل قبول نه هجي، پر عوامي وابستگي ۽ جذباتي لڳاءَ ۾ ڄڻ ان کي به قبوليت ملي. سونيا گانڌي کانسواءِ جڏهن ڪانگريس سنڀلجي نه سگهي ته آمريتي راڄ واري ملڪ ۾ وري ڪمزور پارٽي ان سهاري کانسواءِ ٽٽڻ واري عمل کان ڪيئن بچي سگهي ها. اصولي سياست ۾ ان جي ڪيتري گنجائش آهي، اهو جدا بحث آهي، پر پنهنجي عوامي تحريڪ جهڙي ترقي پسند پارٽي کان وٺي عوامي نيشنل پارٽي ۽ ويندي نواز ليگ تائين اها خانداني ورثي واري روايت جيئن جو تيئن برقرار رهندي پئي اچي. پر پنڊي سانحي واري ڊرافٽ ۾ اهو لکيل نه هو، پنڊي سانحي تي مڇريل سنڌ کي ٻيهر مرڪز ۽ وفاق واري سياست تي آماده ڪرڻ تي اهو ئي ناپسنديده شخص سندن لاءِ اڻٽر ٿيو. پر جيئن ئي چونڊون مڪمل ٿيون، شهيد راڻي جي پارٽي وڏي اڪثريت سان کٽيو ته يقينن پوءِ اهو ”ناپسنديده شخص“ سندن اک جو ڪنڊو بڻيو. ”ميڊيا“ اهو پهريون مهرو هو، جنهن کي ان ”ناپسنديده شخص“ خلاف استعمال ڪرڻو هو. توهان کي ياد هوندو، اهو دبئي اجلاس جنهن پارٽي جي قائد ڪابينا کي دبئي گهرايو هو ۽ توهان ياد ڪريو ميڊيا ۾ اهو لب و لهجو، جنهن ۾ ان عمل جي مذمت ٿي هئي. ميڊيا زده عوام حيران هو ته اهو وڏو ڏوهه هن قائد کان ڪيئن سرزد ٿيو، ڇا کيس صلاحڪار نه هئا، جيڪي کيس سمجهائين ها ته ائين هو ميڊيا جو آسان شڪار بڻجي سگهي ٿو. ميڊيا زده حلقا ته يقينن ان دهلڙي تي نچندا رهيا ته ملڪي خزاني تي بار پئجي ويو آهي ۽ پيپلز پارٽي قائد پاران اهو ڪو گناهه ڪبيره سرزد ٿي ويو. ها، پر تنقيدي شعور رکندڙن ۽ گهري نگاهه رکندڙن يڪدم ”ميڊيا“ جي ان تعصبي رويي جي ڳنڍ ڇوڙي ورتي ته جڏهن لنڊن ۾ قائد جي سڏ تي سنڌ ڪابينا جا وزير، گورنر ماضي ۾ توڙي اڄ به لنڊن پنڌ پون ٿا، تڏهن ميڊيا پاران ڪا ڳالهه نٿي ڪئي وڃي. هِتان ميڊيا وسيلي هن جو پنڌ کوٽو ڪرڻ جا حيلا وسيلا هئا ته هوڏانهن صاحبِ پارٽي صدارتي اميدوار جي حيثيت ۾ پنهنجا ڪاغذ پٽ اسلام آباد جي ايوان ۾ داخل ڪيا. ميڊيا ۾ منهن مٿا پٽي ماتام مچايو ويو. سٿرون ڪٽي پنهنجي قومي ميڊيا ان حد تائين لهي آئي ته کيس Mental case قرار ڏجي. ڪوڙا سچا ڊاڪٽرن جا سرٽيفڪيٽ گڏ ٿيا، سڀ توانائيون خرچ ٿيون ته طئي ڪجي، تصديق ڪجي ته سنڌي ٽوپي سان ايندڙ ان نئين اميدوار جي سنڌي ٽوپي ۾ لڪل مٿي ۾ ڪا خرابي آهي. بازار گرم ٿي...اها ڪوشش ٿي ته ثابت ڪجي ته اهو صدارتي عهدي لاءِ ان فٽ آهي، اهو ميڊيا جو نه، پر سياسي عمل جو طرزِ انتخاب هو جو وري به هو سڀني صوبائي اسيمبلين مان اڪثريتي راءِ سان صدر چونڊجي ويو. نه رڳو ايترو پر جڏهن سينيٽ ۾ چونڊ جو مرحلو آيو، تڏهن به تاريخي مثالن جي ابتڙ نه ڪا وٺ وٺان، نه ڪا ميمبرن جي ڪا خريد و فروخت...لڳ ڀڳ سڀ بنا مقابلي چونڊيا ويا...هڪٻئي جي سياسي مينڊيٽ جو احترام ان کان پهرين پاڪستاني پارليامينٽ جي روايت نه رهيو هو. اها سندس پارٽي جي قيادت هئي، جنهن ملڪ جي مضبوط ترين فوجي صدر جي بت تي کل جيان پيل وردي به ڇڪي لاٿي هئي ۽ سويلين صدر جي حيثيت ۾ کيس استعيفيٰ ڏيئي گهر ڀيڙو ڪرڻ ۾ پڻ اهو ئي شخص ۽ اها ئي قيادت ڪم ڪندي رهي.

    ميڊيا ۾ تبصرا بيشڪ بند نه ٿيا هئا، پر پاڻ ڏٺو پئي ته پارٽي جي روڊ ميپ جي ترتيب جيڪا محترمه رکي هئي، سا وک وک ڪري اڳتي وڌڻ شروع ٿي هئي. ٻروچن جي ٻريل ڌرتي تي ڇنڊا وجهڻ جو ڪم به ان ئي پارٽي پئي ڪيو، جنهن جي قيادت ميڊيا ۽ اسٽيبلشمينٽ جي اڻ پسنديده شخص پئي ڪئي. انتهاپسندي جي رياستي پٺڀرائي کان هيءَ حڪومت مڪمل نابري واري ويٺي هئي. بيشڪ ته اهو اسٽيبلشمينٽ سان الجهڻ جهڙو ئي مامرو هو، جڏهن هنن اها به رضامندي ڏيکاري ته رٺل ٻروچ قيادت سان ڳالهائي سگهجي ٿو. کين واپس گهرائي عام معافي ڏيئي سگهجي ٿي. مير خير بخش مري ڏي بينظير جي پنڌ کي اجايو نه ڪرڻو هو، توڻي جو هن بالاچ مري جي تعزيت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. بينظير ڀٽو کان پوءِ اهو ناپسنديده شخص ئي هو، جنهن جي پارٽي حقيقي طور تي وفاقي پارٽي هئي، جنهن جون پاڙون چئني صوبن جي عوام جي دلين ۾ هيون ۽ اها ئي ”بات“ هئي، جيڪا اسٽيبلشمينٽ کي نڙي کان نه پئي لٿي. هن پنهنجي ليکي ۾ ”27“ ڊسمبر تي مهاڏو اٽڪائي کين ٽيبل ٽاڪ تي ناٽ آئوٽ ڪندڙ قيادت جو کيل ختم سمجهيو هو ۽ هنن سمجهو هو ته هاڻ ته سياست ٿڌن ڪمرن جي پرآسائش گڏجاڻين ۾ طئي ٿيندي ۽ جنهن گولي 27 ڊسمبر تي هڪ قائد کي پنهنجي عوام کان جدا ڪيو، اها گولي سندن ليکي ته عوامي سياست جي سيني ۾ پڻ پنهنجو نشانو چٽو ڪيو. پر حقيقت ۾ ان گولي اهو به طئي ڪيو ته هاڻ اڳ ۾ طئي شده ڊرافٽ هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کانسواءِ ڪنهن به حقيقي سياسي قوت لاءِ قابل قبول نه هوندو. بيشڪ ته ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ اهو چارٽر هو، جنهن وسيلي سياسي قوتن کي هڪ بااختيار پارليامينٽ واري حقيقي جمهوريت ڏانهن سفر ڪرڻو هو ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي هڪ حقيقي عوامي چارٽر جي صورت ۾ سامهون آيو هو، جتي سياسي قوتن جي ثابت قدمي گهربل هئي، پر چارٽر آف ڊيموڪريسي جي حقيقي خلق کي ان رستي تان هٽايو ويو، ڇاڪاڻ ته سندس ليڊرشپ آڏو بهرحال عالمي قوتن سميت ملڪ ۾ موجود اسٽيبلشمينٽ ۽ اقتدار تي سدا قابض قوتن کي پنهنجي مرضي سان مامرا اڳتي وڌائڻ جي ڪم ۾ رڪاوٽ محسوس پئي ٿي. اهو چارٽر آف ڊيموڪريسي هو، جنهن جي رستا روڪ لاءِ نه رڳو اي پي ڊي ايم ٺهيو، پر چونڊن کي پڄڻ تائين ڪيتريون ئي رڪاوٽون وڌيون ٿي ويون. ججن جي معطلي ۽ ايمرجنسي کان وٺي 27 ڊسمبر جي شام ان نالي ماتر، بي اختيار سياسي حڪومت جي ئي رستا روڪ لاءِ هيون. اها ڏاهپ جيڪا ”مفاهمت“ جي نالي ۾ ٿي، ان جو ئي نتيجو هو، جو معافي نامو لکي سياست تان ڏهه سالن لاءِ توبهه تائب ٿيل قيادت جي پاڪستان ۾ واپسي ممڪن بڻجي سگهي. محترمه جي شهادت کان پوءِ معافي نامه لکندڙ سياسي قائد کي عوامي قائد بنائڻ لاءِ پڻ اسٽيبلشمينٽ ميڊيا ۾ ويٺل پنهنجا مهرا اڳيان وڌائڻ شروع ڪيا. ججن جي بحالي جي اشو تي هو، جيڪي رات وڳڙي ۾ معاهدن سان ملڪ مان ڀڳا هئا، سي ڏسندي ئي ”مزاحمتي هيرو“ ٿي پيا. ان جنگ ۾ پڻ اسٽيبلشمينٽ فاتح رهي، ڇاڪاڻ ته اها چارٽر آف ڊيموڪريسي جي ٻنهي مک سياسي قوتن کي هڪٻئي سان الجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي. يقينن پيپلز پارٽي هن ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ پاران وڌيڪ ”شڪار“ پارٽي هئي، ان ڪري سندن ”خوف“ جو دائرو، بي يقيني جو دائرو پڻ ان پيماني تي ڪم ڪندو رهيو. ان خوف جي ڪري ئي عوامي ۽ سياسي طريقي سان بحرانن کي نمٽڻ ۽ سلجهائڻ بجاءِ اسٽيبلشمينٽ هن قيادت کي به ڏاڍ وسيلي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻن سالن ۾ نواز ليگ قيادت جو پنڌ رائيونڊ کان لاهور تائين، لاهور کان اسلام آباد تائين ته عام جام رهيو، پر ڪي ٻه ڀيرا به هو سنڌ لڙي نه سگهيا. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ متحده اڳ ئي متحد هئي، وقت تي ترا ڪڍڻ جو ڪم نيٺ به انهن کان ئي ٿيڻو آهي، پر مرڪز جي سياست ۾ پيپلز پارٽي جي صدر کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ ٻي وڏي محنت ان وزير اعظم تي به ٿي، جنهن بابت شايد خود پيپلز پارٽي به طئي ڪرڻ کان قاصر رهي ته هو نيٺ به پيپلز پارٽيءَ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ادا ڪندڙ آهي، يا وري سندس پاران اهو تاثر درست آهي ته هو ئي پيپلز پارٽي ۾ واحد اعتبار جوڳي سياسي شخصيت آهي، جيڪا صدر کي ”گرم هوائن“ کان بچائڻ جو مورچو سنڀالي ويٺل آهي. ڇا اوهان کي به حيرانگي نٿي وٺي ته اها ساڳي ئي ميڊيا جيڪا سنڌي ٽوپي واري صدر تي تبري بازي جو هڪ موقعو به هٿان وڃڻ نٿي ڏي ۽ ٻئي پاسي وزير اعظم گيلاني اڄ به سندن ائين ڊارلنگ بڻيل آهي جو هڪ متحرڪ ميڊيا مهم ۾ مشهور صحافڻ انجم نياز هڪ چينل تي پيپلز پارٽي حڪومت تي تنقيد ڪندي صدر کي ته سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، پر گيلاني کي فرشته صفت سياستدان چئي کيس ”گوتم ٻڌ سان ڀيٽيو. اهو ڏسي ۽ ٻڌي ساڳي ئي پروگرام ۾ ويٺل پيپلز پارٽي جي سخت مخالف ترين سياستدان شيخ رشيد کان به رڙ نڪري ٿي وڃي ته نيٺ به اها ٻه اکيائي ڪيسين رهندي ته پارٽي ۽ حڪومت جون سڀ خرابيون صدر ڏانهن اڇلائي ڇڏجن، ۽ ٻئي پاسي پارٽي جي سموري ذهانت کي، سمورن چڱن عملن کي وزير اعظم سان منسوب ڪيو وڃي.

    هيءُ ”صدر“ اسٽيبلشمينٽ لاءِ پهرين ڏينهن کان ناپسنديده رهيو، پر ٺيڪ ان لمحي، جنهن وقت هن صدر جي حيثيت ۾ قسم کنيو، ان لمحي ئي سندس آئيني اختيارن جي طاقت سبب اسٽيبلشمينٽ آئيني طريقي سان کيس هٽائڻ لاءِ ساڳيو حربو، جيڪو پهريائين ٻه دفعا استعمال ڪري چڪي هئي، سو ٽيون دفعو استعمال ڪرڻ جي قابل نه رهي هئي. ان ڪري نئين حربي جي تلاش ٺيڪ ان لمحي کان شروع ٿي، جنهن وقت اڃا صدارتي هائوس ۾ ”جيئي ڀٽو“ جي نعرن جي گونج جاري هئي. ججن جي بحالي کانپوءِ واري لمحي تي پڻ پارليامينٽ جي پٽ ٿيڻ جون خبرون نشر ٿيڻ لاءِ تيار ٿي رهيون هيون، پر بحالي واري عمل پارليامينٽ کي ان وڏي جهٽڪي کان بچائي ورتو هو. ججن جي بحاليءَ کانپوءِ به شايد ئي ڪو ڏينهن هڪڙو هجي، جڏهن ان صدر کان صدارتي ايوان خالي ڪرائڻ جي نئين ۽ ڪنهن اڇوتي طريقيڪار بابت هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ويهي ويچاريو نه هجي. ”ڪرپشن“ جون خبرون جن اخبارن ۽ ميڊيا چئنلن تي وڏين سرخن سان رپورٽ ٿيون آهن، ان ڪرپشن جي ڀري ٻيڙي ۾ پنهنجو صدر ئي ڳرو آهي. ڪير انهن کان پڇي ته ڇا ان کان اڳ فرشتن سٺ سالن تائين ملڪ تي حڪومت ڪئي آهي؟؟ ڪير انهن کان پڇي ته، ڪيري لوگر بل ۾ شرطن جو سبب پيپلز پارٽي جي صدر جي ڪرپشن آهي، يا صدر مشرف جو آمريڪي امداد جي بلين ڊالرس جي امداد ۾ ٽڪي جي به آڊٽ رپورٽ نه ڏيڻ. اڄوڪي ڪرپشن تي گوڙ ضرور ٿيڻ کپي پر ماضي ۾ مليل امداد ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿي، ان تي به ڪي سوال گذريل حڪومت جي سرڪرده رٽائرڊ اهلڪارن خلاف به پڇجن ها ته ڇا خرابي هئي. صدر مشرف کي حفاظتي پاسداري ڏيئي ٻاهر موڪلڻ ۾ بيشڪ ته ٻين سمورن قوتن سان ايوان صدر جي رضامندي به شامل هجي، پر مشرف جي احتساب لاءِ سڙڪن تي مزاحمت سان نڪرندڙن کي سعودي عرب جي ياترا کان پوءِ نيٺ ڪهڙو نانگ سنگهي ويو؟ ملڪي مامرن بابت روڊ ميپ ٺاهي ڏيندڙن ۾ آمريڪا سان گڏ هاڻ سعودي جو نالو به ڪو گهڻو ڳجهو نه رهيو آهي. اين آر او بيشڪ ته خراب معاهدو ئي سهي، پر جيڪي رات وڳڙي ۾ ٻاهرين ملڪن جي ٽياڪڙي سان اسٽامپ پيپر تي لکي معاهدا ڪري ويا، پنهنجي قومي ميڊيا ان قصي تي مٽي وجهڻ ڇو مناسب سمجهي. حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته انهن صحافتي حلقن ۾ جيڪو گنگا مان وهنجي نڪتو هو ۽ جنهن جي بيان تان بريڪنگ نيوز ۽ خصوصي بليٽن هلايا ويا، ان جي ئي پارٽي جي ڪارڪنن جا فقط ڪرپشن جا ئي نه پر ڪرمنل ڪيس به معاف ڪرايا ويا. انهن مان ڪنهن هڪ جو ذڪر به پنهنجي ميڊيا تي نه آيو. هي انصاف به توهان خود ئي ڪريو ته ميان صاحب پنهنجي جمع ڪرايل گوشوارن ۾ پنهنجو بينڪ اڪائونٽ صرف 5225 رپيا ڏيکاريو آهي، يعني انهن ڏوڪڙن کان نه ٽڪو وڌيڪ، نه ٽڪو گهٽ. پنهنجي قومي ميڊيا جي تعصب کي ڇڏيو، جن ان جي حلفيه بيان کي چيلينج نه ڪيو ته ان جي اڪائونٽ ۾ 5225 رپيا ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ ياد رهي ته ميان صاحب معاهدي تحت پاڪستان کان ٻاهر رهڻ واري عرصي ۾ پنهنجي ٻنهي پٽن کي برطانيا ۽ سعودي ۾سيٽل ڪيو، جتي سندن ڪاروبار جو ڄار پکڙيل آهي، نه رڳو ڪاروبار پر فيڪٽريون به اٿن، جڏهن ته پنهنجي ملڪ ۾ صنعتڪاري وقت جي اشد ضرورت آهي. قومي سياستدان ٻاهرين سرمايه ڪار کي ملڪ ۾ سرمايه ڪاري ۽ صنعت لڳائڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائيندا آهن. پر قومي درد ۾ نهال هن اڳواڻ جي سڄي ڪٽنب جي صنعت ۽ سرمايه ڪاري ٻاهر منتقل ٿي چڪي آهي. قومي درد پنهنجي جاءِ تي پر پنهنجي ڪٽنب جي سرمايه ڪاري ۽ صنعت کي هيءَ ”مزاحمتي اڳواڻ“ ملڪ موٽائڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪرپشن تي بيشڪ ته موجوده صدر جو به احتساب ڪجي، پر اهو به ڏسجي ته سرڪاري ادارن ۾ نان سويلين توڙي انصاف وارن ادارن ۽ انتظاميا جي رٽائرڊ رينڪس جي زندگي جو معيار بلند ٿيڻ ۾ ”ڪرپشن“ جو ڪيترو هٿ رهيو آهي.
    ( ڪاوش اخبار جي ٿورن سان )​
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪجهه ماڻهو اسان کي ڊيڄارڻ ۽ محدود ڪرڻ چاهين ٿا:صدر

    سائين اسان واري صدر جي پنهنجي سوچ ڀلي ڪيتري به صحيح هجي، پر ساڻس گڏ جيڪي ماڻهو آهن اهي سندس لاءِ‌خطرو آهن
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڪجهه ماڻهو اسان کي ڊيڄارڻ ۽ محدود ڪرڻ چاهين ٿا:صدر

    مان ته چوان ٿو اهڙي پنهنجي صدر کون ڀينگ ڀلي آهي صرف سنڌي ٽوپي ايواني صدر ۾ ڏيکاري سنڌن خلاف به سازش ڪئي پئي وڃي
     
  8. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ڪجهه ماڻهو اسان کي ڊيڄارڻ ۽ محدود ڪرڻ چاهين ٿا:صدر

    ادا علي اڪبر بس ايترو ئي سوچ ته سنڌ جي ويرين جي جاگير بڻيل ايوانن ۾ هڪ سنڌي ماڻهون سنڌي ٽوپي پائي ۽ هن قس جا بيان ڏئي ته
    مان پوري ملڪ کي سنڌ سمجهان ٿو

    ادا جِتي مخالف هزارن جي تعداد ۾ هجن ۽ مخالفت سهڻ وارو هڪڙو هجي ته نه ئي هو ڪم ڪري سگهندو آهي ۽ نه ئي هو پنهنجن ماڻهن کي اڳي وڌائي سگهندو آهي۔۔۔
    جيڪڏهن اسان هن حڪومت کي ناپسند ڪنداسين ۽ پنجابين جي ڦهلايل سازش يعني ”سنڌين جي وچ ۾ اقتدار جي جنگ“ جي پيروي ڪندي حڪومت جي ڪڍ هٿ ڌوئي پئجي وينداسين ته ڇا ٿيندو ؟؟ ڇا ايندڙ حڪومت پنجابين جي نه آهي؟ جيڪڏهن ڪابه حڪومت ايندي آهي ته اها پهريان ٻه اڍائي سال پنهنجو اليڪشن ۾ ڪيل خرچو اڳاڙيندي آهي۔۽ پو جيڪڏهن ثابت رهي ته عوام جي دانهن ڏانهن به نهاريندي آهي۔ پر هن حڪومت کي خصوصا ”زرداري “ کي ناپسند ڪيو پيو وڃي ڇوته هو سنڌي آهي ۽ اهو تاثر ڦهلايو پيو وڃي ته سنڌي جڏهن به اقتدار ۾‌ايندا سندن پنهنجا ئي انهن جي مذاق اڏاريندا۔۔۔۔۔۔۔ هي حڪومت جنهن جي خلاف عدالتون، ميڊيا ۽ پنجابي مافيا آهي اتي جيڪڏهن اسان سنڌي به انهن جي مذاق اڏاري پنهنجي ئي پير تي ڪهاڙي جوڳو قدم کڻنداسين ته ڇا ٿيندو ساڳيا ئي پنجابي ۽ ساڳيا ئي سور۔۔۔
    اها ڳالهه ڪنهن کان به ڳجهي ڪونه آهي ته پنجاب ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين باوجود به اتان جو پنجابي عوام سندن اڳواڻن تي ايتري قدر مذاق نه اڏاريندو آهي ته متان ٻئي ڪنهن قوم کي اسان تي تنقيد جو موقعو ملي وڃي ۔ پر سنڌ ۾ صورتحال ان جي بالڪل بر عڪس ۽ ابتڙ آهي۔ سنڌين تي ۽ سنڌي تزليلي تنقيد ڪري رهيا آهن۔ جيڪا پنجابين جي ڦهلايل سازش جي ڪاميابي آهي۔ جيڏهن اسانکي واقعي سنڌ سان سچائي آهي ته اسانکي سنڌين جي مخالفت ڇڏي جائز طريقن سان رهيل ٻن سالن ۾‌100 منجهان 25 سيڪڙو ئي ڪم ڪرايا سين ته اها عوام جي ڪاميابي هوندي۔ باقي سمجهداري جي لحاظ سوچبو ته اسانجي مخالفت جيڪڏهن هي حڪومت ڊٿي ته ايندڙ حڪومت اسانکي ڇا ڏيندي۔۔ ٿورو جذبات کان هٽي علمي لحاظ کان سوچڻو پوندو۔ جيڪو واحد رستو آهي۔۔
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪجهه ماڻهو اسان کي ڊيڄارڻ ۽ محدود ڪرڻ چاهين ٿا:صدر

    بس ادا اسان ت هنن کان ائين ڀلا هيا سين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو