TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
ڪراچي (رپورٽ: ارشاد گلاباڻي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪي ماڻهو اسان کي ڊيڄارڻ ۽ محدود ڪرڻ چاهين ٿا پر اسان عوام کان پري رهڻ واري سياست نٿا ڪري سگهون. حڪومت ٻوڏ سبب ڪڻڪ جي امڪاني کوٽ کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ جي روانگي واپار وسيلي پرڏيهه موڪلڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ٻوڏ سٽيل هارين ۽ آبادگارن کي 40 سيڪڙو تائين ٻج ۽ ڀاڻ مفت فراهم ڪيو ويندو. برطانيا ۽ اسپين خاطري ڏياري آهي ته اهي يورپي يونين پاران پاڪستان جي ڪجهه شين جي يورپي ملڪن ۾ وڪري تي وڌل پابندي کي ختم ڪرائڻ جي ڏس ۾ پاڪستان جي حمايت ڪندا. هن اهڙو اظهار ڪالهه هتي مختلف شخصيتن پاران ساڻس ڪيل ملاقاتن ۾ ڪيو. صدر آصف علي زرداريءَ سان مملڪتي وزير نبيل احمد گبول ۽ پ پ اڳواڻ ملڪ محمد خان اعواڻ بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات کانپوءِ هنن ٻڌايو ته صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪي ماڻهو اسان کي ڊيڄارڻ ۽ محدود ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن اسين ڊڄي هڪ حد تائين محدود ٿي وڃون پر اسان جي ليڊر شهيد بينظيرڀٽو خوف جي سياست کي الوداع چئي عوام جي وچ ۾ شهادت ماڻي ۽ اسان به ماڻهن کان پري رهڻ واري سياست نٿا ڪري سگهون. پيپلزپارٽي جا جيالا نه رڳو پارٽي جو سڀ ڪجهه آهن پر منهنجا ڀائر به آهن. صدر چيو ته عيد کانپوءِ پيپلزپارٽي کي متحرڪ ۽ فعال ڪيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ جلسا ۽ جلوس ڪيا ويندا.
ڪاوش جي ٿورن سان
ڪاوش جي ٿورن سان