فوج عيد سادگي سان ملهائيندي:آرمي چيف

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف آف آرمي اسٽاف اشفاق پرويز ڪياني پاڪ فوج کي عيد سادگي سان ملهائڻ ٻوڏ متاثرن کي دلجاءِ ڏيڻ ۽ مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪالهه چيف آف آرمي اسٽاف پاڪ فوج جي نالي هدايت نامو جاري ڪندي چيو آهي ته هن ڀيري عيد سادگي سان ملهائي وڃي ۽ ٻوڏ متاثرن کي خوشين ۾ ياد رکيو وڃي، جڏهن ته عيد جي موقعي تي ڪي به روايتي تقريبون نه ٿينديون، آرمي چيف چيو ته اسان کي گهرجي ته عيد جي ڏهاڙي چيف چيو ته اسان کي گهرجي ته عيد جي ڏهاڙي سيلاب متاثرن وٽ پهچون، سندن مدد ڪيون ۽ کين تحفا ڏئي سندن خوشين ۾ شريڪ ٿيون، آرمي چيف چيو ته عيد جي ڏينهن به فوج طرفان ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ رليف وارو هلندڙ ڪم جاري رهندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو