ڪراچي (ڪي ٽي اين نيوز رپورٽ) ٻوڏ متاثرن کي ملندڙ وطن ڪارڊ بئنڪ جي اي ٽي ايم ڪارڊ وانگر آهي، اهو ڪارڊ ڪنهن به بئنڪ جي اي ٽي ايم مشين ۾ وجهي ماڻهو 20 هزارن مان جيتري چاهي رقم ڪڍرائي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪير چاهي ته انهي ڪارڊ ذريعي خريداري به ڪري سگهي ٿو، ان ڪارڊ جو مطلب اهو آهي ته توهان جو بئنڪ ۾ اڪائونٽ کلي ويو ۽ ان ۾ 20 هزار رپيا به اچي ويا ۽ هاڻي توهان جي مرضي آهي ته جڏهن به ۽ ڪهڙي به وقت اها رقم ڪڍرايو، ان سلسلي ۾ وڏي وزير جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار جميل سومري تفصيل ٻڌايا آهن ته سنڌ حڪومت جي سفارش ڪيل علائقن تحت نادرا اڳ موجود ڊيٽا بيس تحت ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن کي وطن ڪارڊ جاري ڪيا ويندا، صرف ڪئمپن ۾ رهندڙ نه پر مٽن مائٽن وٽ رهندڙ ٻوڏ متاثرن کي به وطن ڪارڊ جاري ڪندي، ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي جميل سومرو چيو ته سنڌ حڪومت نادرا کي متاثر ٿيل يونين ڪائونسلن ۽ ديهن جي سفارش ڪندي، جنهن بعد ڪارڊ جاري ڪيا ويندا، نادرا وٽ ٻوڏ متاثر علائقن جي 80 سيڪڙو ڊيٽا ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ موجود آهن، جن ٻوڏ متاثرن وٽ نادرا جا سڃاڻپ ڪارڊ نه هوندا انهن کي نادرا وٽ پنهنجي تصديق ڪرائڻي پوندي، جنهن بعد اڌ ڪلاڪ اندر انهن کي ڪارڊ ٺاهي ڏنو ويندو، هن چيو ته وطن ڪارڊ بئنڪن جي اي ٽي ايم مشين ذريعي ڪيش ٿي سگهندا، رقم شفاف نموني ورهائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ وطن ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ جميل سومرو چيو ته ٺٽي شهر جو معاملو ته مختلف آهن پر شهدادڪوٽ ۽ جيڪب آباد جا شهري به متاثر ٿيا آهن، انهن کي شهر مان ڪڍي ڪئمپن ۾ رهايو آهي، ان ڪري انهن کي به وطن ڪارڊ جاري ڪيو ويندو، هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي شهرن ۾ گهر ٺاهي ڏيڻ يا پلاٽ ڏيڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، جنهن بعد ڪارڊ جاري ڪرڻ جو سلسلو وڌندو ويندو، هن چيو ته جن شهرن ۾ پاڻي ناهي آيو ۽ اتان ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آهي، انهن متاثرن جي نقصان جو ڪاٿو لڳائي انهن جي مدد ڪئي ويندي، هن چيو ته سنڌ ۾ 70 لک ٻوڏ متاثرن مان 4 لک متاثرن کي 40 ڏينهن اندر وطن ڪارڊ ذريعي رقم جاري ڪئي ويندي. ڪاوش
جواب: وطن ڪارڊ ڪنهن به بئنڪ جي اي ٽي ايم مشين ۾ وجهي رقم ڪڍرائي سگهبي ادا بهترين قدم ته آهي۔ پر ڏٺو وڃي ته سڀ کان پهريون ٻوڏ ۾ ڪير ۽ ڪهڙا علائقا متاثر ٿيا آهن؟ انهن علائقن کي وري ساڳي روش رکندي وڏيرن جي رحم ڪر۾ تي ڇڏيندي انهن جا وات پئسن سان ڀري عوام کي بي حال ڪندي اسان جي وڏي وزير کي اڳواٽ ٺٽي وارن ۾ پيسا ورهائڻ جي تڪڙ لڳي آهي!!!! مونکي اها ڳالهه سمجه ۾ نه ٿي اچي۔ دادو ۽ ٺٽي ۾ اڃان تباهي جاري آهي۔ اهي به اسان جا ڀائر آهن۔ پر اتي هو ڪهڙا پيسا افرا تفري ۾ تقسيم ڪري سگهندا؟ صرف چند اڌ کي ڏيندا؟ پر اسان جا علائقا غوثپور ٽوڙي بند کان ئي سڀ کان پهريون متاثر ٿيا آهن، ۽ انهن ۾ هاڻي ايترو هوش ضرور آيو هوندو جو انهن پيسن جي تقسيم جي شروعات اتان ڪجي۔ انهن کي عيد ۾ بي حال ڇڏي وڏي وزير صاحب کي اها تڪڙ الاجي ڇو پئي آهي ته پهريون ٺٽي وارن ۾ تقسيم ڪجي؟؟؟ ڇا اسان جا علائقا پي پي جا نه هئا؟ ڇا اتان جي عوام پي پي کي نه چونڊيو هو؟