قرآن پاڪ کي شھيد ڪرڻ جو عمل عالمي ڏوهه تصور ڪريو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ”قرآن پاڪ کي شھيد ڪرڻ جو عمل عالمي ڏوهه تصور ڪريو“:’رحمان ملڪ جو انٽرپول کي خط

    اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو وزير رحمان ملڪ قرآن پاڪ جي نسخي کي باهه ڏئي شھيد ڪرڻ جي اعلان تي انٽرپول کي خط لکي احتجاج ڪندي چيو آھي ته ان عمل کي عالمي ڏوهه تصور ڪيو وڃي، ڪالهه انٽرپول جي سيڪريٽري جنرل رونالڊ نوبل کي خط لکي وفاقي گھرو وزير رحمان ملڪ مطالبو ڪيو آھي ته قرآن پاڪ کي باهه ڏئي شھيد ڪرڻ جو اعلان ڪندڙ پادري کي سندس اھڙن ارادن کان روڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ انٽرپول پنھنجو ڪردار ادا ڪري، رحمان ملڪ چيو ته آمريڪي پادري ٽيري جان 11 سيپٽمبر تي اھڙي ڪڌي حرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي ۽ اھو عمل عالمي ڏوهه تصور ڪيو وڃي، جنھن سان عالمي امن ۽ سلامتي کي شديد خطرا پيدا ٿي پوندا، اھڙي عمل سان مسلم دنيا جا جذبا مجروح پڻ ٿيندا، انھي ڪري عالمي امن کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ مسلم دنيا جي جذبن جو احترام ڪيو وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو