موجوده دور ۾ ڄاڻ جي پهچ تائين سڀ کان بهترين ذريعو انٽرنيٽ آهي ۽ هڪ اندازي مطابق روزانو ڪروڙين ماڻهون انٽرنيٽ جو استعمال تفريحي ۽ معلوماتي مقصدن لاءِ ڪندا آهن....
هڪ جاپاني سروي مطابق انٽرنيٽ جي استعمال ڪندڙن جي گهڻي اڪثريت معلومات کي حاصل ڪرڻ لاءِ گوگل سرچ انجڻ جو استعمال ڪندي آهي.... جيڪا هڪ مستند ويب سائيٽ جو درجو رکي ٿي...
گوگل تي تصويرن جو پڻ تمام وڏو زخيرو موجود آهي... جنهن سان اخبارن ۽ رسالن جي ڪم ۾ به تمام گهڻي آساني ٿي پوندي آهي...
سروي رپورٽ مطابق هاڻي مارڪيٽ ۾ ريسرچ جي حوالي سان آيل اها نئي ويب سائيٽ بنگ، گوگل جي حڪومت ختم نه ڪري سگهي آهي پوءِ به جيڪر مٿس وڌيڪ محنت ڪئي وئي ته گوگل جي جاءِ والارڻ لاءِ اڃان گهڻو وقت لڳندو...