• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

او آءِ سي سان گڏجي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
آمريڪي پادري جو اعلان شرمناڪ آھي، او آءِ سي سان گڏجي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي:پرڏيھي آفيس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان چيو آھي ته فلوريڊا چرچ جي پادري پاران قرآن شريف جي نسخن جي بي حرمتي واري بيان بابت حڪمت عملي قائم ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي سان گڏيل حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي، ڪالهه اسلام آباد ۾ پرڏيھي آفيس جي ترجمان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪي پادري جو اھڙو بيان شرمناڪ آھي، ان عمل سان بين المذاھب ھم آھنگي کي نقصان پھچندو، ھن چيو ته پاڪستان آمريڪي پادري جي بيان جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ اسان سمجھون ٿا ته دنيا جي سڀني مذھبن ۽ عقيدن جو احترام ڪرڻ گھرجي ۽ آمريڪي پادري جي بيان جي حوصله شڪني ڪرڻ گھرجي
 
Back
Top