اڄ عيد آهي، ۽ هن ڀيري سنڌ ۾ جيڪا عيد ٿي رهي آهي، سا انهن لکين ماڻهن جي دربدريءَ دوران ٿي رهي آهي، جن کي ٻوڏ سندن گهرن ۽ شهرن مان ڪڍي ڪيمپن ۾ اڇلايو آهي. حالتون انتهائي خراب آهن، صورتحال تمام گهڻي سنگين آهي، پر زندگي وري به زندگي آهي، ۽ زندگيءَ کي جيئڻو ئي پئي ٿو. هن ٻوڏ ماڻهن جو ڇا ناهي ٻوڙيو؟ سڀ ڪجهه ٻڏي ويو آهي، گهڻو ڪجهه لڙهي ويو آهي. گهر، مال متاع، سامان، ۽ ماڻهو به...اهو ويساهه به جيڪو انهن کي ”پنهنجي پارٽي“ مٿان هو، پر ماڻهن جا حوصلا اڃا ڪونهن لڙهيا. بس حوصلا ئي هجن ٿا، جيڪي ماڻهن کي مرندي مرندي وري جيارين ٿا. سڀني کي خبر آهي ته ڪيمپن جي زندگي ڪيئن هوندي آهي. ڀلي اتي ٽي وقت سٺا طعام ملن، ڀلي اتي لٽو ڪپڙو ملي، ڀلي اتي ڪنهن نئين جنم وٺندڙ ٻار جي ڇٺي ملهائي وڃي، اتي ڀلي کڻي نوان جوڙا شاديون به رچائين، پر ڪيمپ وري به ڪيمپ هجي ٿي، جتي ماڻهو پناهه وٺي ويٺل هجي ٿو، پر جڏهن اسان تاريخ جي ڪجهه واقعن تي نظر وجهون ٿا، تڏهن تاريخ اها شاهدي ڏيندي نظر اچي ٿي ته ڪيمپن ماڻهن کي حوصلا به ڏنا آهن، انهن جي سکيا به ڪئي آهي، ۽ انهن کي وري نئين سر جيئڻ جو ڏانءُ به ڏنو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌ هن وقت تاريخ جو هڪ وڏو الميو ڀوڳي رهي آهي، جو ان جا لکين ماڻهو ڪيمپن ۾ پناهه وٺي اچي ويٺا آهن. نه ته هڪ صديءَ اندر ئي سنڌ اهو به ڏٺو، جو ان جي ماڻهن لکين ٻاهران ايندڙن کي پاڻ پناهه ڏني. اهو وقت جو وهڪرو آهي، جيڪو انسانن کي مختلف رنگ ڏيکاري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن زندگي رنگين هوندي آهي ته ڪڏهن بي رنگ بڻجي ويندي آهي، پر ان ڳالهه کي نه وسارڻ گهرجي ته بي رنگيءَ کان پوءِ وري نوان رنگ ڦٽندا آهن. هي جيڪي ڪيمپون آهن، هي جيڪي دربدريون آهن، هي جيڪي تڪليفون ۽ اذيتون آهن، ان بي رنگيءَ جو انت يقينن ٿيڻو آهي. اڄ جيڪڏهن ڪنهن ڪٽنب کي ڪو ويلو ماني نٿي ملي ته سڀاڻي ايئن به ٿي سگهي ٿو ته هو پاڻ اهڙي پوزيشن ۾ اچي وڃي جو پنجن خاندانن کي ٽي ويلا ماني کارائي سگهي، ۽ ايئن يقنن ٿيندو، جيڪڏهن اسان حوصلا نه هاريا. اسان جيڪڏهن تاريخ جا ڪي ٻيا حوالا ياد نه به ڪريون، رڳو ورهاڱي جو ئي مثال وٺون ته ان مان سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملندو. اهي سمورا ماڻهو جيڪي ورهاڱي وقت ڀارت مان پاڪستان پهتا يا اهي قافلا، جيڪي پاڪستان مان ڀارت ڏانهن روانا ٿيا هئا، انهن سمورن ماڻهن کي شروعاتي ڏينهن ڪيمپن ۾ ئي رهڻو پيو هو. نه رڳو ايترو، پر ڪيمپن ۾ رهندڙ اهڙن ماڻهن جون آتم ڪٿائون پڙهبيون ته اوهان حيران ٿي ويندا ته اهي ڪيمپن ۾ رکي ماني به کائيندا هئا، ۽ ڪنهن ڪنهن ويلي تي انهن کي رکي ماني به نصيب نه ٿيندي هئي، پر ڪيمپن انهن جي تربيت ڪئي، انهن کي نئين سر جيئڻ جو ڏانءُ سيکاريو، همت نه هارڻ جو اتساهه مليو، پوءِ جڏهن اهي ڪيمپن مان ٻاهر نڪتا، جڏهن انهن زندگيءَ جي رنگن جي ڳولا ڪئي ته ڪجهه ئي عرصي ۾ انهن جون جهوليون ڀرجي ويون، ۽ اهي جهوليون اڄ تائين ڀريل آهن. اهو زندگيءَ جو اصول هجڻ گهرجي ته خراب کان خراب ترين حالتن ۾ به زندگيءَ کي نه ڇڏجي. سٺين حالتن ۾ ته هرڪو زندگي گذاري سگهي ٿو، خوشحاليءَ وارن ڏينهن ۾ ته زندگي سان وفا ڪرڻ سولو ڪم هجي ٿو، پر مزو ته تڏهن آهي، جڏهن ڏکين حالتن ۾، تڪليفن ۾ به زندگيءَ سان پيار ڪجي. ماڻهن جي اڪثريت هوندي، جيڪا هن رولڙي مان بيزار ٿي زندگيءَ کي بي معنيٰ محسوس ڪندي هوندي، پر معنيٰ جو رنگ ڀرڻ ته اسان جي پنهنجي وس ۾ هجي ٿو. جيڪي ماڻهو هنن حالتن سبب مايوس ٿين ٿا، انهن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته زندگي تبديل ضرور ٿي آهي، ختم ناهي ٿي. هاڻي ان تبديل ٿيل زندگيءَ ۾ جيئڻو آهي، ۽ ان تبديليءَ کي وڌيڪ ڪنهن مثبت تبديليءَ ڏانهن وٺي وڃڻو آهي. ڪيمپن ۾ ترسيل اهي ماڻهو، جن کي سخت گرمين ۾ هر هلائڻ جي عادت آهي، جن کي رت ڄمائيندڙ سرديءَ ۾ اسر جو اٿي پاڻيءَ جي واري تي وڃڻ جي هَير پيل آهي، اسان کي اميد آهي ته اهي هي سخت ترين ڏينهن به اڪري ويندا. انهن لاءِ هي حالتون پار ڪرڻ ڪو ايترو ڏکيو ڪم نه هوندو. ڏينهن ته ڏکيا آهن، پر اها پڪ ڪرڻ کپي ته اهي عارضي آهن. وڏا الميا ۽ سانحا رڳو ماڻهن کي رلائيندا ڪونهن، رڳو انهن جا گهر خالي ناهن ڪندا، پر گهڻيون شيون انهن جي جهولين ۾ به وجهندا آهن. عيد جي اڄوڪي ڏينهن تي به اسان پنهنجي ڇڏي آيل گهرن کي ضرور ياد ڪنداسين، انهن وڻن ۽ پٽن کي به سارينداسين، جن تي ننڍا ٿي وڏا ٿياسين، جتي رانديون رهيوسين، جتي رسياسين ۽ پرچياسين...پر حياتي اڃا به آهي، زندگيءَ جا رنگ اڃا به آهن، جيڪي اسان جي اميدن ۽ حوصلن سان مشروط آهن، خوشيون اڃا به اسان جي آجيان لاءِ هٿ کولي بيٺل آهن، بس اسان کي ٻه وکون اڳتي کڻي، انهن تائين پهچڻو آهي. ڪجهه به ٿيو هجي، پر پوءِ به اسان کي ”عيد مبارڪ“ چوڻ ناهي وسارڻو. انهن سمورن ماڻهن کي اڄوڪي ڏينهن تي ٿورو گهڻو وقت ڪڍي پنهنجي شهر جي ڪنهن ڪيمپ تي وڃي ماڻهن کي اهو احساس ڏيارڻ گهرجي ته سنڌ انهن سان سندن ڏکن ۾ به گڏ آهي، ۽ عيد جي خوشيءَ ۾ به ڪير کين نٿو وساري. ڪاوش