سنڌ ۾ ٻوڏ جيڪا تباهي مچائي، ان تباهيءَ جو سلسو اڄڪلهه دادو ۾ هلندڙ آهي. هڪ پاسي ٻوڏ جي تباهي آهي ته ٻئي پاسي وري حڪومتي گڏجاڻيون آهن، گڏجاڻين ۾ فيصلا آهن. فيصلا ڪنهن جي فائدي ۽ ڪنهن جي نقصان ۾ آهن، ڪا خبر نٿي پئي. ان جو سبب اهو آهي، جو فيصلا فني بنيادن تي نه، پر سياسي بنيادن تي ٿي رهيا آهن. اها ڳالهه ته ڪو سادي سوچ رکندڙ ماڻهو به سمجهي سگهي ٿو ته آبپاشي وارو معاملو نج فني معاملو آهي، ان تي ان ماڻهوءَ جي ئي پويان لڳڻ گهرجي، جنهن وٽ ٽيڪنيڪل ڄاڻ هجي. اها ڳالهه بلڪل ايئن ئي آهي، جيئن ڪو مريض هجي ته ان لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر سان ئي مشورو ڪري سگهبو، ڪنهن انجنيئر کان ته مريض جي علاج جو ڏس نه وٺبو. دادو ۾ وڏي وزير پاران چونڊيل نمائيندن سان جيڪي گڏجاڻيون هلنديون رهيون، انهن ۾ نيٺ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ميهڙ کي بچائڻ لاءِ رائيس ڪينال کي ڪٽ ڏجي. دادو ضلعي جو اهم ترين شهر خيرپور ناٿن شاهه ته ٻڏي ويو، پر ضلعي هيڊڪوارٽر سان گڏ جوهي، ميهڙ ۽ سيتا اڃا خطري هيٺ آهن. ڪالهه جڏهن اقتصاديات بابت وڏي وزير جو ڪنسلٽنٽ قيصر بنگالي ٻوڏ جي نقصانن بابت پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو، تنهن اهو مڃيو ته حڪومت کان مقامي سطح تي ڪوتاهيون ٿيون آهن. هن اها ڳالهه به مڃي ته جوهي برانچ کي ڪٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، پر اتي هٿياربند اچي ويهي رهيا، جنهن کان پوءِ ٻن ڏينهن تائين ڳالهيون ٿينديون رهيون، ان دوران خيرپور ناٿن شاهه جا بند ٽٽي پيا، نه ته خيرپور ناٿن شاهه نه ٻڏي ها. هيءَ ڳالهه ته سڌي سنئين حڪومتي رٽ نه هجڻ جي شاهدي پئي ڏئي، جو جڏهن حڪومت فيصلو ڪري ڇڏي ٿي ته پاڻيءَ کي ڪٿان کان نيڪال ڏيڻو آهي ته پوءِ چند هٿيار بند جيڪڏهن حڪومت کي پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرڻ نٿا ڏين ته پوءِ به چئجي ته حڪومت جي رٽ بحال آهي؟ ۽ هو جيڪو چئي ٿو ته ٻن ڏينهن تائين ڳالهيون هلنديون رهيون ته ڇا اهي ڳالهيون ڪنهن سان پيون هلن؟ هٿياربندن سان؟ اها حيرانيءَ جي ڳالهه آهي، جو چند هٿياربند سرڪار کي ان جي ڪنهن ڪيل اهم ترين فيصلي تي عمل نٿا ڪرڻ ڏين! سرڪار اهو نه پئي سوچي ته هڪڙي پاسي چند هٿياربند آهن، ۽ ٻئي پاسي لکين ماڻهو آهن. آبپاشي کاتو ۽ پاڻيءَ جا ماهر رڙيون ڪري رهيا هئا ته پاڻيءَ جو فطري رستو جوهي برانچ وٽان آهي، نه ته پاڻي پوئتي وڏيون آباديون ٻوڙي ڇڏيندو، پر سرڪار هٿياربند ڏسي ٻن ڏينهن تائين گڏجاڻيون ڪندي رهي، ۽ پوئتي هڪ وڏي آبادي ٻڏي وئي، ۽ ميهڙ جهڙي وڏي آبادي اڃا خطري هيٺ آهي. حڪومت جا فيصلا عجيب آهن، هن وقت به جيڪو رائيس ڪينال کي ڪٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سو به ٽيڪنيڪل گهٽ سياسي فيصلو وڌيڪ ٿو لڳي، جو اهو فيصلو ڪو فني ماهرن نه، پر چونڊيل نمائيندن ڪيو آهي. ان پاڻيءَ جو نيڪال به خيرپور ناٿن شاهه ڏانهن ڪيو ويندو. سوال اهو آهي ته جيڪو پاڻي خيرپور ناٿن شاهه ۾ بيٺل آهي، ان کي نيڪال ڪٿان ڏنو ويندو؟ فطري طور تي ان کي جوهي برانچ واري پاسي ڳوٺ ويجي کان رستو آهي، جو خيرپور ناٿن شاهه کي ٻوڙيندڙ پاڻي هن وقت سيتا واري پاسي کان جوهي برانچ سان ٽڪرائجي وري واپس خيرپور ناٿن شاهه ڏانهن اچي رهيو آهي. پاڻي پنهنجو دڳ پيو ڳولي، پر ان کي ان جو فطري رستو نٿو ملي. ڳوٺ ويجيءَ کان جوهي برانچ کي ڪٽ ڏيڻ سان اهو پاڻي پاٽ وارو روٽ وٺي سنڌو درياهه ۾ وڃي پوندو. وچ تي ڪي به وڏيون آباديون ڪونهن، جيڪي ماڻهو آهن، انهن کي اڳواٽ ريسڪيو ڪري پاڻيءَ کي اتان کان نيڪال ڏئي سگهجي ٿو. پر ايئن اڃا نه پيو ٿئي. سرڪار وٽ ان سوال جو ڪو به جواب ڪونهي ته رائيس ڪينال مان خيرپور ناٿن شاهه ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي ڪيڏانهن ۽ ڪيئن نيڪال ٿيندو؟ هن وقت سرڪار اهو ٿي سمجهي ته بس ميهڙ کي بچائجي. اسان به اهو ٿا چاهيون ته ميهڙ بچڻ گهرجي، ۽ رائيس ڪينال وارو پاڻي به جيڪڏهن اڳواٽ ٻڏل خيرپور ناٿن شاهه ڏانهن موڪليو ٿو وڃي ته اتان کان به ته پاڻيءَ کي فطري رستو گهرجي. جيڪڏهن ان کي فطري رستو نٿو ملي ته درياهه جو اهو پاڻي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، ۽ ان سان اڃا به وڌيڪ نقصان ٿيندا. هن وقت سيتا سان لاڳاپيل سياسي نمائيندا سمجهن ٿا ته ڳوٺ ويجيءَ وٽان جوهي برانچ کي ڪٽ ڏيڻ سان متان سيتا ٻڏي وڃي. انهن جو خدشو پنهنجي جاءِ تي، پر جڏهن رائيس ڪينال وارو پاڻي به خيرپور ناٿن شاهه مان ٿيندو اچي سيتا واري پاسي جوهي برانچ، جنهن کي سيتا جي آخري ڊفينس لائين چون ٿا، ان تي دٻاءُ وڌائيندو ته پوءِ به ته ان برانچ جي ٽٽڻ جا امڪان آهن، ۽ ايئن ٿيڻ سان ته اڃا به وڌيڪ نقصان ٿيندو. ڪجهه ڏينهن کان شهدادڪوٽ مان چونڊيل ايم پي اي نادر مگسي ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته حڪومت پاڻي نيڪال جي حوالي سان جيڪا به گڏجاڻي گهرائي، ان ۾ چونڊيل نمائيندن کي نه سڏائي، رڳو ٽيڪنيڪل ماڻهن سان گڏجاڻيون ڪري، جو اهي ئي بهتر صلاح ڏئي سگهندا، باقي ڪو به چونڊيل نمائيندو اهو نه چوندو ته پاڻي ان جي شهر ڏانهن اچي. هيءَ اها ئي ڳالهه آهي، جيڪا اسان پڻ هنن ئي صفحن تي ڪندا رهيا آهيون ته مهرباني ڪري ڪٽا ڪٽ ۽ گهارن واري سياست بند ڪريو، نه ته وڏو نقصان ٿي ويندو. هاڻي حڪومت جي ئي هڪ وزير پاران دير سان ئي سهي، پر هڪ سٺي صلاح تي سنڌ سرڪار کي عمل ڪرڻ گهرجي، گهارن جي سياست ۽ سياست جا گهارا هاڻي بند ٿيڻ کپن. جڏهن رائيس ڪينال کي ڪٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته سرڪار پنهنجي فني ماهرن کان اهو علاج به ته پڇي ته خيرپور ناٿن شاهه ۾ گڏ ٿيندڙ رائيس ڪينال جو پاڻي ڪيئن نيڪال ٿيندو؟ اهو علاج جيڪڏهن هن وقت نه ڳوليو ويو ته سڀاڻي اڃا به ڪو وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو.