ميڪ اپ هميشه پنهنجي ڪپڙن جي رنگ مطابق ڪريو

'سورنهن سينگار' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    رينا علي


    عيد جي آمد آهي عورتن سميت هر ڪو گلن، خوشبوئن، خوشين ۽ رنگن سان سجيل ڏينهن جو بيچيني سان انتظار ڪري ٿو، ڇو ته هڪ ته انهن جون تياريون عروج تي هونديون آهن ۽ ٻيو رمضان المبارڪ جي بابرڪت گهڙين کانپوءِ هر ڪو ان ڏهاڙي کي زور شور سان ملهائڻ جي تيارين ۾ مصروف ڏسڻ ۾ ايندو آهي.عورتن جي سج ڌج ۾ ميڪ اپ سڀ کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو، ڇو ته اهو انهن جي چهري کي چنڊ جهڙو بڻائي ڇڏي ٿو پر ڪوشش ڪريو ته ميڪ اپ مهارت سان ڪريو. ائين نه ٿئي جو عيد جي ڏينهن توهان پاڻ ئي پنهنجو چهرو سڃاڻي نه سگهو. جيڪڏهن توهان جو لباس خوبصورت آهي ۽ جيولري به شاندار آهي پر توهان جو چهرو بي رونق ۽ ڦڪو ڦڪو آهي ته توهان جي لباس ۽ جيولري جو حسن ڦڪو پئجي ويندو، ان لاءِ اسان توهان کي تجويز ڏئي رهيا آهيون، ته عيد جي ڏينهن15 منٽن اندر پنهنجو ميڪ اپ مڪمل ڪري ٻاهر نڪرو، ميڪ اپ کان اڳ اها ڳالهه ياد رکو ته فيشل ۽ بليچ هميشه عيد يا تقريب کان ٻه ڏينهن اڳ ڪرايو.

    * ميڪ اپ جي پهرئين مرحلي ۾ توهان پنهنجي چمڙي کان ملندڙ جلندڙ فائونڊيشن يا بيس هلڪي ڀڄيل پف جي مدد سان چهري تي لڳايو، ان کانپوءِ سُڪل پف جي مدد سان فيس پائوڊر لڳايو، پوءِ برش جي مدد سان صاف ڪريو، بيس لڳائڻ وقت اها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته توهان جو چهرو خشڪ آهي ته آئلي بيس استعمال ڪريو ۽ جيڪڏهن آئلي آهي ته واٽر بيس استعمال ڪريو. پوءِ اکين جي ميڪ اپ جي واري اچي ٿي، اکين جي آءِ شيد جي چونڊ پنهنجي لباس جي مناسبت سان ڪريو، ان کانپوءِ ٻنهي ڪلرز کي چڱي طرح بلينڊ ڪريو ته جيئن ٻنهي جي آميزش سان هڪ خوبصورت ڪلر سامهون اچي.

    * جيڪڏهن توهان لينز لڳائڻ چاهيو ٿيون ته لينز لڳائي هلڪي لائنر سان سنهي لائن ٺاهي وٺو، لائنر کانپوءِ مسڪارو لڳايو.

    * هاڻي بلش آن جي واري آهي، برش جي مدد سان ڳلن تي هلڪو ٽچ ڏنو ويندو آهي، لباس جي مناسبت سان ڪلر استعمال ڪريو نه ته برائون ڪلر ۾ لباس سان گڏ سٺو لڳي ٿو.

    * لپ اسٽڪ لڳائڻ لاءِ لپ اسٽڪ کان ٿوري گهري رنگ جي آئوٽ لائين چپن جي پاسن کان هڻو، ان مقصد لاءِ لپ پينسل استعمال ڪريو، آئوٽ لائين ٺاهڻ لاءِ چپن تي برش جي مدد سان هلڪي رنگ جي لپ اسٽڪ آئوٽ لائين جي اندر لڳايو، لپ اسٽڪ پنهنجي چهري ۽ رنگ جي مناسبت سان لڳايو.

    · توهان جو ميڪ اپ مڪمل آهي توهان کي مشڪل سان 15 منٽ لڳندا، ان کانپوءِ توهان پنهنجي وارن کي کليل ڇڏڻ چاهيو يا ڪيچر جي مدد سان ڪو نئون اسٽائل ڏيڻ چاهيو ته ڏ ئي وٺو، جيڪڏهن وار ننڍا آهن ته انهن کي بلو ڊرائي ڪري سگهو ٿيون، تياري کانپوءِ آئيني اڳيان ضرور ڏسو ته ڇا توهان جو چهرو جيڪو ٿوري دير اڳ هو صرف 15 منٽن جي ڪوشش سان توهان جي چهري کي نئين تازگي ۽ شگفتگي ڏئي ڇڏي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو