اڳوڻي صدر مشرف ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اڳوڻي صدر پرويز مشرف ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ ۾ خراب حالتن سبب هن لاءِ ايندڙ صدارتي اليڪشن کٽڻ جو تمام سُٺو موقعو آهي. پاڪستان جي اڳوڻي صدر پرويز مشرف برطانيا جي هڪ ريڊيو چئنل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آئون پاڪستان جي خود اعتمادي بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهيان ٿو.



    هڪ سوال جو جواب ڏيندي جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف چيو ته آئون اليڪشن هارائڻ جي ڀئو کان پوئتي ڪونه رهندس بلڪ ملڪ کي اونداهه مان ڪڍڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندس. سندس چوڻ آهي ته آئون يقين سان نٿو چئي سگهان ته آئون پاڪستان جو صدر يا وزير اعظم بڻجي سگهندس پر هاڻوڪي خراب حالتن ۾ محسوس ٿيندو آهي ته آئون اليڪشن کٽي سگهان ٿو.



    سندس پهريون هدف صدارت يا ڪو عهدو حاصل ڪرڻ ناهي بلڪ اليڪشن ۾ ڪاميابي آهي. اڳوڻي صدر چيو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نئين سياسي پارٽي سامهون آندي وڃي جيڪا ملڪ کي صحيح جمهوري رستو ڏيکاريندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو