سعودي عرب ۾ عورتون ملڪي دولت جي هڪ وڏي حصي جون مالڪ آهن. هڪ رپورٽ موجب سعودي عورتون 11 ارب 90 ڪروڙ ڊالر جي نقد رقم جون مالڪ آهن. لنڊن کان شايع ٿيندڙ اخبار الحيات جي رپورٽ موجب ايتري وڏي نقد رقم جو مالڪ هجڻ باوجود سعودي عورتون سياسي ۽ سماجي پابندين سبب پاڻ کي معتبر ڪونه سمجھنديون آهن. رپورٽ موجب سعودي عورتون ڪُل ملڪي آبادي جو 45 سيڪڙو حصو آهن. عورتن جي 79 سيڪڙو آبادي پڙهيل لکيل آهي جنهن ۾ 65 سيڪڙو عورتون ملازمت ڪنديون آهن. پر 3.78 سيڪڙو ڪاليج گريجويٽ عورتون ملازمت ڪونه ڪنديون آهن.
جواب: سعودي عورتون ملڪي دولت جي هڪ وڏي حصي جون مالڪ آهن سائين تمام بهترين ونڊ آهي ۽ ان سان گڏ معلومات پڻ سدائين گڏ