عورتن جي ڊرائيونگ جي دوران ميڪ اپ ڪرڻ سان ساليانو پنج لک ايڪسيڊنٽ ٿيندا آهن. هي ڳالهه برطانيا ۾ ٿيڻ واري هڪ سروي ۾ سامهون آئي آهي. برطانوي ڪار انشورنس ڪمپني جي هڪ سروي موجب 27 سيڪڙو عورتون ڊرائيونگ ڪندي ميڪ اپ ڪنديون آهن. سروي موجب ڊرائيونگ ۽ سگنل تي رڪڻ جي دوران عورتون سرخيون ۽ مسڪارا هڻنديون آهن، جنهن جي ڪري ڊرائيونگ تان ڌيان هٽجي ويندو آهي ۽ اهائي ڳالهه ايڪسيڊنٽ جو ڪارڻ ٿيندي آهي. سروي رپورٽ ۾ هي به چيو ويو آهي ته هي ڳالهه تمام پريشاني واري آهي ته عورتون پنهنجي ميڪ اپ لاءِ پنهنجي ۽ ٻين جي حياتي کي خطري ۾ وجھڻ کان ناهن گھٻرائينديون.
جواب: ڊرائيونگ دوران عورتن جو ميڪ اپ ساليانو 5 لک حادثن جو ڪارڻ بس سائين اڃان به ماڻهو چون ٿا ته عورتون مردن کان بهتر هونديون آهن۔۔۔ ها ها ها
جواب: ڊرائيونگ دوران عورتن جو ميڪ اپ ساليانو 5 لک حادثن جو ڪارڻ ڪير بهتر آهي اها ته وڃي ٻي ڳالهه ٿي ويندي۔ بحرحال مرد هجي يا عورت ۔۔۔ ڊرائيونگ خيال سان ڪرڻ گهرجي۔