منهنجا پيارا ٻڌندڙو! ( ريڊيو جا ساٿيو )

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    منهنجا پيارا ٻڌندڙو! ( ريڊيو جا ساٿيو )​

    [​IMG]
    آئون ناچيز، جيڪو هن وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ڊائريڪٽر آهيان، ريڊيو حيدرآباد کان پورا پنجويهه ڏينهن وڏو آهيان ۽ اهو هينئن جو منهنجو جنم ٿيوآهي ويهين جولاءِ 1955ع، ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو آغاز هوائن ۽ منگهن جي هن شهرن حيدرآباد ۾ ٿيو آهي اڄوڪي تاريخ، يعني سترهين آگسٽ 1955ع...جي ها! اسين ٻئي هن وقت 53 ورهين جا آهيون ۽ هڪ ٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي هوائن آڌار، ٻن سٺن سنگيتن وانگر، فضائن جي شاهراهن تي اڏامي رهيا آهيون. ريڊيو ڇو ايجاد ٿيو يا ڇو پيدا ٿيو، خدا بهتر ٿو ڄاڻي...ها، آئون پاڻ بابت اهو ضرور ٿو ڄاڻان ته ماءُ مون کي صرف ۽ صرف ريڊيو ۾ نوڪريءَ لاءِ ڄڻيو آهي. مون کي ياد آهي اسين سڀ ڀيڻ ڀائر اڃا ٽيٻر ٽيٻر هوندا هئاسين، جو ڪمري ۾ رکيل وڏو شاهي فلپس وارو ريڊيو صبح سان هوءَ آن ڪري ڇڏيندي هئي ۽ اسين اسڪول وڃڻ لاءِ ريڊيو جي ان آواز تي ئي سجاڳ ٿي، تياري شروع ڪري ڏيندا هئاسين. اسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آگم پبلڪشنگ ايجنسيءَ جي رسالن جي ڊاڪ کڻڻ لاءِ طارق عالم سان گڏجي آئون پوسٽ آفيس ڀرسان ريڊيو جي عاليشان عمارت وٽان لنگهندو هوس، تڏهن به، يا ان کان اڳ جڏهن امان جيجي اسان کي اٿارڻ لاءِ ريڊيو آن ڪري ڇڏيندي هئي، تڏهن به قسم پاڪ پروردگار جو ته ڪنهن هڪ لمحي لاءِ به مون اهو نه سوچيو هو ته منهنجو رزق، مرڻ گهڙيءَ تائين ان ئي ريڊيو سان لکجي چڪو آهي. 1983ع جي نومبر ۾ جنهن وقت مون کي پروڊيوسريءَ جو آرڊر مليو يا اپريل 1984ع ۾ جڏهن حيدرآباد ريڊيو تي مون جوائن ڪيو، منهنجي خواب خيال ۾ به ڪو نه هو ته هڪ ڏينهن آئون حميد نسيم، حفيظ هوشيارپوري، علي محمد ڇاگلا، ايم بي انصاري، الياس عشقي ۽ عنايت بلوچ صاحب جهڙين هاڪارين شخصيتن وانگر ڪو هن اسٽيشن جو اسٽيشن ڊائريڪٽر به ٿي سگهندس. خير منصب جي لحاظ کان برابر ته آئون اڄڪلهه سنڌ جي هن ثقافتي ۽ تاريخ جي عظيم ترين اداري جو ڊائريڪٽر آهيان، پر اصل ۾ آئون اڄ به پنهنجي ذات ۾ هن اداري جو هڪ ادنيٰ پروڊيوسر ئي آهيان ۽ ڪيڏو نه فخر پيو محسوس ڪريان ته مراد علي مرزا، غلام حسين شيخ، محمد انور بلوچ ۽ سرور بلوچ جهڙا هاڪاري ۽ عظيم براڊ ڪاسٽر منهنجا استاد بڻيا ۽ ڇاڪاڻ ته آئون ننڍپڻ کان وٺي ريڊيو جو سٺو ٻڌندڙ هوس، ان ڪري هن اداري ۾ اندر گهڙڻ سان، منهنجا ڀاڳ ڀلا جو مون اهڙين اهڙين عاليشان شخصيتن کي روبرو ڏٺو، جن سان ملڻ جو ڪڏهن آئون سوچي ئي نٿي سگهيس. ادا مصطفيٰ قريشي، مهراڻ جي بلبل روبينا، جيجي زرينه بلوچ، سيد صالح محمد شاهه، عبدالحق ابڙو، ڪامران ڀٽي ۽ گڊ گاڊ...اڄ هتي فخريه پيو ٿو چوان ته نهايت جلد پوءِ اهڙا ڏينهن به آيا ۽ مولا منهنجو ايڏو ته مان وڌايو جو ادا مصطفيٰ، روبينا، جيجي زرينا، جڏهن به ريڊيو ۾ آيا، مون سان هلي ملي اچي آفيس ۾ ضرور مليا. منهنجا ڀاڳ ته ڏسو جيجي زرينه اڪثر نيون طرزون ٺاهي مون کي ٽئبل تي رڌم وڄائي اچي ٻڌائيندي هئي ۽ مون لاءِ اهو ڏينهن به ڄڻ عيد جو ڏينهن هو، جڏهن اڄ کان ويهه ورهيه اڳ ادي عابده پروين، اياز گل جي هڪ گيت کي مون وٽ رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ڪانٽريڪٽ تي سائن ڪئي هئي ۽ ڀٽائي صاحب سان منهنجي عشق جي انتها هيءَ هئي، جو پهريون دفعو صبح جو سنڌيءَ ۾ نشريات جي آغاز لاءِ مون سيد محمد صالح جي آواز ۾: سائين مَ سدائين...وارو بيت رڪارڊ ڪري هلرايو ۽ لڳ ڀڳ ويهن ورهين تائين اهو سلسلو هلي پيو. 1984ع کان پوءِ موسيقيءَ جي شعبي ۾ اچڻ بعد مون هڪ ڊگهي وقفي کان پوءِ پنهنجي ان وقت جي ڊائريڪٽر جناب عنايت بلوچ جي اجازت سان نوان راڳي متعارف ڪرايا. فوزيه سومرو، الهداد زرداري، امير علي، حيدر علي، صادق فقير، شفيع فقير، ممتاز لاشاري، انجم آرا، مهتاب بلوچ، بادل راهي، امبر مهڪ، صنم ماروي، ارشاد يوسف ۽ ڪمپيئرز ۾ محمود مغل، شبنم گل، رميش ڪمار ۽ ٻيا به ڪيئي اڄ جا معروف ڪمپيئر ۽ فنڪار، جن ۾ اقرار وحيد علي، ضامن علي، تعمير حسين اچي وُڃن ٿا، مون ئي ريڊيو حيدرآباد جي ميوزڪ پينل تي آندا. شاعرن ۽ ليکڪن مان سوز هالائي، اياز گل، ادل سومرو، مختيار ملڪ ۽ وفا ناٿن شاهي جي شاعري ريڊيو جي تاريخ ۾ مون ئي پهريون ڀيرو رڪارڊ ڪئي ۽ ماڪن شاهه رضوي جهڙي سهڻي نثرنگار کان شاهه لطيف جي شاعريءَ جي رنگارنگ پهلوئن بابت فيچر به مون ئي پهريون ڀيرو لکرايا، جيڪي اڄ به ريڊيو آرڪائيوز ۾ محفوظ آهن. ان کان سواءِ موسيقيءَ جي شعبي لاءِ ڪي سوين نه، هزارين رڪارڊنگز ڪيون آهن، جن بابت مون کي خوش فهميءَ آهي ته جڏهن آئون نه هوندس، اهي سڀ منهنجيون رڪارڊنگس موجود هونديون ۽ انهن جا فنڪار سدائين زنده رهندا ۽ هن اداري کي پنهنجي ڦوهه جواني ۽ پنهنجي اندر ۽ ٻاهر جي خوبصورتي ارپيندي صرف مون دل ۾ اها ئي خواهش رکي ته ريڊيو حيدرآباد ۽ حيدرآباد مان ٽل رٽائرمينٽ منهنجي ٽرانسفر بلڪل ئي نه ٿئي. ان لاءِ مون هڪڙو جملو به واضح ڪري رکيو هئو ته ”نصير مرزا حيدرآباد کان ٻاهر، معنيٰ مڇي پاڻي کان ٻاهر...“افسوس پهريون ڀيرو 1992ع ۽ ان کانپوءِ 2007ع ۾ ٻيو ڀيرو مون کي بدلي ڪيو ويو، ۽ 2007ع جنهن وقت مون کي ايف ايم ون او ون ڪراچي ٽرانسفر ڪيو ويو ته اهو مئي جو مهينو هو. جولاءِ ۾ سانوڻ جي موسم ۾ ايڪهين آگسٽ تي جڏهن قرت العين حيدر رضا ڪئي، ريڊيو حيدرآباد تان عرفان علي انصاري، فون ڪري مون کي دک مان اطلاع ڏنو، نصير!! ريڊيو حيدرآباد جي لان وارن وڻن جي جيڪا ڪوئل سانوڻ ۾ اچي ڪوڪندي هئي، هن سانوڻ رت جي پهرين برسات کانپوءِ صبح جو آفيس آيس ته ان کي ريڊيو واري مسجد جي دروازي وٽ مئل ڏٺو اٿم، نصير تون هتان ويو هليو آهين ته هتان جي ڪوئلن مرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، تون ڪوشش ڪري هتي موٽي اچ نه! ۽ دوستن جي مدد ۽ سفارش سان 16 هين مئي 2008ع تي جنهن ڏينهن ڪراچيءَ مان بدلي ٿي، ريڊيو حيدرآباد تي ڊائريڪٽريءَ جي چارج وٺڻ لاءِ ريڊيو اسٽيشن جي دروازي مان لنگهي، ان جي باغ وٽان لنگهيس پئي، ڏٺم لان ۾ اشوڪ وڻ تي منهنجي آڌر ڀاءَ ۾ ڪائي پياري بلبل چهچهائي رهي هئي ۽ ان جي آواز تي اشوڪ جي وڻ ڏانهن وڌيس ته ڏٺم هڪڙي ٻي پياري بلڪل وڻ اندر آکيرو ٺاهي، آنن تي آرو ڪري رهي هئي. مون ان ڏينهن سوچيو هن اسٽيشن لاءِ آئون پهريون ڪم ئي اهو ڪندس جو هن باغ کي سيد صالح محمد شاهه جي نالي سان منسوب ڪرائي ”صالح محمد شاهه لان“ سڏرائيندس ۽ ريڊيو حيدرآباد جي مکيه هال کي باباءِ سنڌي براڊ ڪاسٽر ”ايم بي انصاري“ جي نالي سان منسوب ڪرائي ”ايم بي انصاري هال“ جو نالو ڏياريندس ۽ ريڊيو پاڪستان جي بوڪ لائبريري جو نالو رکندس، ”ڊاڪٽر الياس عشقي لائبريري“ ۽ انهن سڀني ڪمن لاءِ مون ايفرٽس ورتا آهن ۽ انشاءَ الله ائين ئي ٿيندو، مون هي خواب ڏٺو آهي ۽ اڄ آئون ڪيڏو نه خوش آهيان جو مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سيد صالح محمد شاهه لان ۾ پنجاهه کان وڌيڪ ميويدار ٻوٽا پوکرايا آهن ۽ ريڊيو حيدرآباد جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي، جو سنڌ جي هاڪارن فنڪارن، اديبن، شاعرن ۽ بالاآفيسرن اهڙا وڻ اچي پوکيا آهن.

    ڪيڏي نه شديد خواهش آهي منهنجي ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سموري موسيقي ۽ سائونڊ آرڪائيوز ۾ موجود سموري رڪارڊنگ ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ تي آئون ڊائون لوڊ ڪرايان ۽ منهنجي ان خواب جي ساڀيان لاءِ اڄ آئون ڪيڏو نه خوش آهيان ته ريڊيو حيدرآباد کي هڪ قيمتي ڪمپيوٽر ڊونيٽ ٿي ويو آهي، جنهن تي موسيقي ڊائون لوڊ جو ڪم به شروع ٿي چڪو آهي.

    http://www.youtube.com/watch?v=CLwEImRzsMs
    http://www.youtube.com/watch?v=uUhStHn6szw&feature=related

    بشڪريه ڪاوش اخبار
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: منهنجا پيارا ٻڌندڙو! ( ريڊيو جا ساٿيو )

    ادا بهترين ڪاوش آهي اوهان جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو