پسنديده شعر هيڏي ھوڏي نه ڏسين، مُنھُن پاڻيءَ ۾ پاءِ؛ پوءِ تصور ھن ۾، ٻي بازي ڪا نه بناءِ؛ اکيون پَٽي جي ڏسين، ھادِي آھي ھَر جاءِ؛ ”سَچوءَ“ سارو سچُ چيو، ھيءَ رمز دل ئي سان لاءِ. (سچل سرمست )
باغ دنيا بي بقا، بر ۾ اچي بلبل وڃن، سي، ڪر ڪوسِيءَ لُوه کان، گوماٽجي سڀ گل وڃن. محل ماڙيون ۽ منارا، موت کي مشڪل جھلين، ڪوٽ چٽ، هڪ چوٽ سان، گھر گھوٽ گذري ڪُل وڃن.
جبلن منجه جهوپڙا سي جهولا ڪيئن جهلن جن جي اميد الله ۾ سي پٿرن منجه پلن سي سدائين کلن جي اميد نه لاهن الله مان ..
واه واه زبردست سائين سچل سائين جي شاعري تمام گهڻي پسند ائي انهن صوفين ۽ الله لوڪ ماڻهن جي ڪري ئي ته اسان جي سنڌ جو مان آهي مهرباني شيئرنگ جي شل خوش رهو