هڪ وڏو عالم، اديب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سنڌ جي سرزمين ڪيترائي عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن.انهن جي علم ۽ ڪمال جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ واسي ڇڏي آهي. اهڙن عالمن ۽ فاضلن مان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي به هڪ هو۔۔۔ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي انگريزي دَور جو هڪ وڏو عالم، اديب ۽ سياستدان ٿي گزريو آهي. هن علمي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو ۽ سياست جي ميدان ۾ عظيم خدمتون سر انجام ڏنيون.حڪيم صاحب جي ولادت 1882ع ۾ سنڌ جي مشهور شهر سيوهڻ ۾ ٿي. قديم معزز عباسي خاندان سان سندس تعلق هو. سندس والد جو نالو حڪيم حافظ غلام محي الدين هو. عربي ۽ فارسي جي مڪمل تعليم حاصل ڪري حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. سندس والد جو نالو ميان محي الدين هو. جيڪو هڪ وڏو عالم ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. جڏهن حڪيم صاحب پنجن ورهين جو ٿيو ته کيس مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريائين. هو ڏاڍو ذهين هو. ان ڪري ٿوري وقت اندر نه رڳو قرآن شريف پورو ڪيائين پر عربي ۽ پارسي ٻولين ۾ به چڱي ڄاڻ حاصل ڪيائين. پوءِ دادو ضلعي جي سيتا نالي ڳوٺ ۾ عربي پڙهڻ لاءِ ويو، جتي مولوي ميان محمد صديق سيتائي جهڙي لائق استاد وٽ عربي جي تعليم حاصل ڪيائين. سن 1321هجري ۾ تعليم پوري ڪري سيوهڻ موٽي آيو. سال کن کان پوءِ هن ڪراچي ۾ ڪچهري روڊ تي پنهنجو دواخانو کوليو ۽ حياتي جو باقي وقت اتي گذاريائين. وٽس مريضن توڙي ملاقاتين جا ميڙ لڳيا پيا هوندا هئا. کيس شعر ۽ شاعري سان ڏاڍي دلچسپي هئي. شعر ۾ سندس استاد مرحوم غلام محمد شاهه ”گدا“ هو. مير عبدالحسين ”سانگي“ ۽ محمد هاشم ”مخلص“ سندس همعصر شاعر هئا. ان وقت ٽکڙ ۾ جيڪي مشاعرا ٿيندا هئا حڪيم صاحب انهن ۾ به بهرو وٺندو هو. ان کان سواءِ حيدرآباد جي سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي مشاعرن ۾ به حصو وٺندو هو. سيکڙاٽ شاعرن جي ڪافي رهبري ڪندو هو. هن پنهنجي شعر جي ذريعي ماڻهن کي اتحاد، امن ۽ آزادي جو پيغام ڏنو آهي. حڪيم صاحب جا نثر ۾ لکيل ڪتاب اڄ به ادبي ميدان ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ”الجامع“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو هئائين. جيڪو ڪيترن سالن تائين شايع ٿيندو رهيو. ان ۾ مسلم قوم جي مفلسي، جهالت ۽ اڻڄاڻائي تي ڪيترائي مضمون لکيائين. ان ۾ هن کولي ٻڌايو ته مسلمانن جي پوئتي پوڻ جو سبب سندن غلط ريتون رسمون ۽ بي علمي آهي. هن هڪ هفتيوار اخبار” الاصلاح“ به جاري ڪئي. جيڪا اڳتي هلي روزاني اخبار ٿي. مرحوم هڪ پڪو مسلمان ۽ ديندار انسان هو. ڪراچي جا مدرسا مظهر العلوم، جامع اسلاميه سندس ڪوشش سان برپا ٿيا. کيس انگريزن کان سخت نفرت هوندي هئي. هو چوندو هو ته ”اسان کي غلامي اسان جي عملن جي نتيجي ۾ ملي آهي“ آزادي جي جدوجهد ۾ پاڻ ڪافي حصو ورتائين. سندس تصنيف ڪيل ڪتابن مان داستان، قوم، حيات النبي، اخلاق محمدي، ڪمال ۽ زوال ۽ آفتاب ادب گهڻو مشهور آهن. ماڻهو اڄ به انهن کي چاهه سان پڙهن ٿا. حڪيم صاحب ملڻو جلڻو، خوش اخلاق ۽ کلمک انسان هو. ان ڪري جيڪو به ماڻهو ساڻس هڪ ڀيرو ملاقات ڪندو هو اهو سندس قرب ۾ ڪڙجي ويندو هو. سنڌ جو هيءُ بلند پايا اديب، شاعر ۽ مسلمانن جو گهڻگهرو ۽ هڏ ڏوکي 1942ع ۾ سنڌ جي مسلمانن کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. هو مختلف قومي، سياسي، مذهبي ۽ ادبي تحريڪن ۾ سرگرم رهيو، جمعيت العلماءِ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. سنڌي نثر ۽ نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس. حڪيم صاحب دستار بندي ڪري عالم ٿيو. علم طب ۾ اڳي ئي تربيبت ٿيل هوس .حڪيم صاحب 1908ع ۾ شادي ڪئي. کيس پنجن نياڻين ۽ ٻن پٽن جو اولاد ٿيو. حڪيم صاحب ڪل 21 کن ڪتاب لکيا. ان کان علاوه عربي ۽ فارسي ۾ ڪجهه رسالا لکيا. آفتاب ادب سندس مشهور ڪتاب آهي.