پراڻيون يادون ( الطاف شيخ )

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پراڻيون يادون ( الطاف شيخ )​

    [​IMG]
    ڪڏهن ڪهڙي ملڪ ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي ۾ ساڳئي وقت ڪڏهن پراڻي جهاز تي ته ڪڏهن نئين آٽوميٽڪ جهاز تي. پراڻن جهاز جو وري اهو فائدو هوندو جو ويجھن ويجھن بندرگاهن واري روٽ ملندي هئي. جيئن ڪراچي کان پوءِ ڏيڍ ڏينهن بعد بمبئي، هڪ ڏينهن بعد ڪولمبو، ٽن ڏينهن بعد پينانگ، هڪ ڏينهن بعد ڪوالالمپور، هڪ ڏينهن بعد سنگاپور ۽ پوءِ هانگ ڪانگ، جپان ۽ ڪوريا وغيره.
    نون جهازن ۾ ڊگهين روٽن تي هلندا هئاسين. ڪراچي کان ممباسا – جتان پوءِ موزمبق، پوءِ ڊڪار (سينيگال)، لاس پاماس (ڪناري ٻيٽ)، ڊئنمارڪ، ناروي وغيره. آٽوميٽڪ ۽ ماڊرن جهاز ٽيڪنيڪلي به ته سونهن سوڀيا ۾ به State of Art هئا. چيف انجنيئر جي حيثيت سان وڏو بيڊ روم، ڊرائنگ روم ۽ اٽيچڊ آفيس ملندي هئي. طوفانن ۽ خراب سمنڊن ۾ وري به تڪليف مون لاءِ هوندي هئي، جو جهاز مونکي هلائڻو پوندو هو. زال ۽ ٻارن لاءِ ته رڳو گھمڻ ۽ گھمڻ هوندو هو. خراب موسم ۾ سي سڪنيس Sea Sickness به ان کي تنگ ٿي ڪري، جيڪو جهاز هلائي ٿو. جيڪي ستا پيا هجن ته انهن کي ڪهڙي پرواهه. وڌ ۾ وڌ رکي رکي چڪر، ننڊ جا گهيرٽ ۽ هڪ اڌ الٽي ٿي اچي. پر اهو عجيب اتفاق هو جو منهنجي زال توڙي ٻارن کي ائٽلانٽڪ ،هندي وڏي سمنڊ توڙي بحر احمر ۽ ڀؤنچ سمنڊ ۾ ڪڏهن به سي سڪنيس نه ٿي. مونکي ڪمري ۾ ويٺي ويٺي به سخت ٿيندي هئي. الٽيون ڪري پيٽ خالي ٿي ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيٽ ۾ ڪجھ نه هئڻ ڪري اٻڙاڪن تي رت ايندو هو. پر ان ڳالهه جي منهنجي عملي جي ماڻهن کي ڪڏهن به خبر نه پيئي. ڪٿي لڪي يا ڪمري ۾ اچي الٽيون ڪندو هوس. آخر تائين اها ڳالهه ظاهرنه ڪيم ۽ ڪرڻ به نه کپي. ڇو جو چاهي ڪهڙو به سمنڊ يا موسم ٿي وڃي، جهاز ته هلائڻو پوي ٿو. ٻي صورت ۾ جهاز ٿو ٻڏي ۽ سي سڪنيس جو اثر سڀني کي ٿئي ٿو ۽ جي منهنجي عملي جي ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته چيف انجنيئر کي سخت سي سڪنيس ٿي پيئي آهي ته اهي به ويتر سست ٿي پون. انڪري هونءَ جو انجڻ جي چڪاس لاءِ رات جو هڪ ٻه چڪر هڻڻو پوندو هو، خراب موسم ۾ ٻيڻا چڪر ڪري ڇڏيندو هوس، جيئن ڪنهن کي شڪ به نه پوي ته سي سڪنيس جي ڪري منهنجي ڪارڪردگي سست ٿي رهي آهي ۽ انجڻ تي يا جهاز هلائيندڙ انجنيئرن تي آئون اها اک رکي نٿو سگهان. ڪو جونيئر انجنيئر سي سڪنيس جي دانهن ڪندو هو ته آئون ٻاهريون ٻنو رکي وڏي اعتماد سان هن کي دڙڪو ڏيندو هوس:
    جيئن هرڪو پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهي. ڪو سست ٿي ڪري پوندو ته ان جي ڊيوٽي ڪير ڪندو. ڪجھ به ٿي پوي، پر جهاز ته ڏينهن رات هلندو رهڻ کپي. ۽ خراب موسم ۾ هڪ هنڌ بيهارڻ بدران خراب موسم ۽ خراب سمنڊ کي اُڪرڻ ۾ ئي عافيت آهي. هونءَ به اهڙي خراب موسم ۾ شل نه ڪو جهاز خراب ٿئي يا بيهي رهي. پوءِ ته ان جهاز کي گڏهه وانگر سمنڊ جيڪو ڪڏائي ٿو، ان ۾ چڱا ڀلا به بيحال ٿيو وڃن. بهرحال سمنڊ تي اهڙا خراب ڏينهن روز ڪونه ٿا اچن. گھڻائي سٺن ڏينهن جي ئي رهي ٿي ۽ آن دي هول سامونڊي نوڪري جهڙي ٻي بهتر نوڪري ناهي ۽ مون وانگر ڪيترا ان قسم جي زندگيءَ مان ڪڏهن به بيزار نٿا ٿين. پر جيئن ٻار وڏا ٿين ٿا ته انهن جي تعليم جو مسئلو ٿئي ٿو. مون کي به ٻه ٻار ٿي ويا ۽ پهريان ٻه ٽي ڪلاس آئون کين جهاز تي پڙهائيندو رهيس. آخر مونکي سامونڊي نوڪريءَ کي خدا حافظ چئي ڪنهن ڪناري جي نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻي پئي.
    عرب ملڪن جي مون ڏاڍي تعريف ٻڌي هئي. ڪيترائي منهنجا هم وطني ۽ دوست ڊاڪٽر، سول انجنيئر، پورفيسر، پاڪستان ۾ تعليم ختم مختلف عرب ملڪن ۾ نوڪري ڪري رهيا هئا. انگلينڊ جي هڪ رسالي Economist ۾ ڪويت بندرگاه جي چيف انجنير جي پوسٽ جو اشتهار آيو. مون Apply ڪيو ۽ چونڊجي ويس. پنهنجي جهاز ران ڪمپنيءَ سان حال اوريم ته مونکي جهاز هلائڻ واري ڊيوٽي کان آجو ڪيو وڃي. هنن مونکي اجازت ڏني. ڪجھ ميهنا ڪويت ۾ ڪم ڪيم، پر بنهه مزو نه آيو. عربن (يعني هنن اڄ جي عياش عربن) جي سوچ ۾ وڏو فرق محسوس ڪيم. ڪٿي جپان، يورپ، آمريڪا جهڙو سوچ جي آزادي وارو ماحول ۽ ڪٿي هي ٻوساٽيل ماحول. هڪ عرب پوءِ چاهي هو جاهل هجي، اڇو جبو پائي پير مرشد بڻجيو وڃي ۽ اسان جا ننڍي کنڊ جا ماڻهو هنن جي نظرن ۾ جهڙا باگڙي ۽ ڀيل. گورن انگريزن کان اهڙا متاثر جو ڳالهه ئي نه پڇ. پنهنجي آفيس ۾ لکيم ته پگهار گھڻي هوندي به هتي دل نٿي لڳي. آفيس وارن کي ڪنهن چيف انجنيئر جي ضرورت هئي، جيڪو ڪمپني جي جپان ۾ ٺهندڙ نون آٽو ميٽڪ جهازن تي نظر رکي. منهنجا اليڪٽرانڪس ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا به ڪورس ڪيل هئا. هنن مون کي ٽوڪيوجي IHI شپ يارڊ ۾ موڪليو.
    جپاڻ ۾ هونءَ به جهازن کي وٺي اچڻ وڃڻ لڳو رهيو، پر هاڻ جپان جي شهر ٽوڪيو ۾ رهڻ ڪري جپان کي وڌيڪ ويجھڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو. IHI (آشيڪاوا هِريما هيوي انڊسٽريز) جو هي ڪارخانو جنهن ۾ مالاڪنڊ جهڙا جهاز ٺهيا، ٽوڪيو جي مرڪزي علائقي گنزا ڀرسان آهي. رهائش جو بندوبست اتي رهيو. ڪناري جي هن نوڪريءَ ۾ ڇهه ست مهينا ته ڪناري ۾ رهڻ جا ملي ويا ٿي، پر جهاز تيار ٿيڻ تي ان کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان يورپ ۽ آمريڪا وٺي وڃڻو پيو ٿي. هڪ دفعو وري ٻار جهاز تي چڙهيا ٿي ۽ سندن پڙهائي ڊسٽرب رهي ٿي.
    1980ع کان اڳ تائين ملائيشيا جا نوجوان جهاز راني جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان، انڊيا ۽ آسٽريليا ويا ٿي. 1981ع ڌاري هنن جي حڪومت ملاڪا ۾ نيول اڪيڊمي کولي، جنهن جي سرپرست ڪئپٽن حمزه سان منهنجي ملاقات ٿي. بلڪ هڪ قسم جو آفيشل انٽرويو ٿيو. اڪيڊمي ملاڪا شهر کان چاليهه کن ڪلوميٽر پري سمنڊ جي ڪناري تي هئي. ڳوٺ وڃڻ جي موڪل ٽن سالن ۾ هڪ دفعو جو شرط هو. ٻارن جي تعليم لاِ ملئي زبان جا اسڪول هئا ۽ روزانو ملاڪا وڃڻو پيو ٿي. پگھار گھٽ هو، پر مونکي ملائيشيا جهڙو ملڪ ۽ ملاڪا جهڙي پرسڪون جاءِ ڌيان ۾ هئي ۽ پسند هئي. ان کان اڳ ڏهه سال کن جپان ۽ ڪوريا ايندي ويندي ملايشيا جي بندرگاهن ۾ ترسڻو پوندو هو. هتي جي ملئي زبان (جنهن کي هي بَهاسا ملائيشيا سڏين ٿا) هر هر اچڻ وڃڻ ڪري نه فقط آئون پر شادي بعد منهنجي زال به سکي ويئي هئي، سو جهاز هلائڻ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي هن اڪيڊمي جو مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ اچي سنڀاليم. جهازن جي ٻي برانچ، ناٽيڪل ۾ درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم مون کان اڳ ئي اتي موجود هو. هن سنگاپور مان شادي ڪئي هئي ۽ پنهنجي زال مونا ۽ هڪ پٽ سان گڏ رهيو ٿي. ان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن جا جهازي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر اتي پڙهائڻ لاءِ اچي چڪا هئا يا ايندا رهيا. پر پڙهائڻ وارن جي کوٽ هجڻ ڪري اسان کي ٽن سالن بدران چئن سالن بعد وطن وڃڻ جي موڪل ملي. آئون ٽي مهينا کن موڪلون گذاري وري ملائيشيا واپس آيس. ڪئپٽن مخدوم برونائي هليو ويو، جتي جهازن جي سکيا جو نئون تعليمي ادارو کليو هو.
    ملاڪا جي نيول اڪيڊمي کان علاوه سنگاپور جي ”پولي ٽيڪنڪ“ ۽ ملائيشيا جي ٿائلينڊ جي ڀر ۾ شهر اپوح جي ”انگڪو عمر پوليٽيڪنڪ“ اداري ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان پڻ مون کي وڃڻو پيو ٿي. ان ريت ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلينڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. هونءَ جهاز رستي اچبو هو ته فقط بندرگاه ڏسي سگھبا هئا پر هاڻي شهر، ڳوٺ، ٻهراڙيون ۽ ٻيٽ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. سنگاپور توڙي ٿائلينڊ ۾ اسان پاڪستانين لاءِ ويزا جي سختي شروع نه ٿي هئي، سو پنهنجي ڪار ۾ يا بس ۾ پيو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ائين اچبو ۽ وڃبو هو، جيئن ڪو حيدرآباد کان ڪوٽڙي ۽ اتان ڄامشوري پهچي. سنگاپور کان ”تاناح ملايو ڪيريتا آپي“ (ملئي ڌرتي جي باه تي هلندڙ ڪار – يعني ٻاڦ گاڏي – يعني ٽرين) ۾ چڙهبو هو ته سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ وارو سمنڊ ٽپي، سڄو ملائيشيا لتاڙي، ٿائيلنڊ جي اڌ ملڪ مان ٿي 72 ڪلاڪن بعد ريل گاڏي اچي بئنڪاڪ جي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏيندي هئي.
    ملائشيا، جپان، سئيڊن، آمريڪا ۽ چين ۾ منهنجو گھڻو رهڻ ٿيو. ان ڪري ان پاسي جي ملڪن تي گھڻا ڪتاب لکيا اٿم. ملائيشيا وارن جي حڪومت منهنجي لکڻين ۽ سندن ڏورانهين ۽ نئين اڪيڊمي کي سيٽ اپ ڪرڻ لاءِ مونکي ايوراڊ به ڏنو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته مونکي لکڻ پڙهڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويندو هو. ملائيشيا ۾ شادين مرادين، ملڻ جلڻ ۽ ڪچهرين تي ماڻهو نه برابر وقت وڃائين ٿا. ان ڪري ڊيوٽي بعد هرڪو پنهنجي ذاتي ڪم ۽ وندر ۾ مصروف رهي ٿو. هڪ ٻئي جي هورا کورا ۽ نوس نوس ۾ به نٿا وقت وڃائين. سندن ترقيءَ جو هڪ راز اهو به آهي. نه ته ملئي ماڻهو ته اسان کان وڌيڪ ڄٽ ۽ ڳوٺاڻا هئا. پر انگريزن کان آزادي ملڻ بعد هنن جي ڳوٺ ڳوٺ جي وڏيري غير قانوني ۽ غير شرعي جويون رکڻ، شراب ڪواب جون محفلون سجائڻ، ڪڪڙ ويڙهائڻ، چوريون ۽ ڌاڙا هڻڻ هڻائڻ، اغوا ۽ ٻين جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جا هڪٻئي سان مقابلا ڪرڻ بدران هنن ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليمي ادارا، روڊ رستا، اسپتالون ۽ ڪارخانا نه فقط ٺهرايا پر اهي امن امان سان هلائڻ ۾ مدد ڪئي. ۽ هتي جي عوام ڳوٺ جي ان وڏيري کي هيرو سمجھي ٿي، جيڪو ڳوٺ جي عوام جي ڀلائِيءَ جو سوچي ٿو ۽ نه جنهن جي کيسي ۾ پوليس هجي. هتي وڏيرا، سردار ويندي سلطان (جيڪي واري وٽي تي ملڪ جا چئن سالن لاءِ بادشاه ٿين ٿا) پنهنجي ٻارن تي عام ماڻهن کان وڌيڪ سختي ڪن ٿا. جيئن هو وڌيڪ تعليم يافته ٿي سگھن. صحيح معنيِٰ ۾ تعليم حاصل ڪري. سٺا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽سائنسدان ٿي سگھن ۽ پنهنجون اسپتالون، ڪارخانا ۽ فئڪٽريون کولي ٻين لاءِ روزگار مهيا ڪري سگھن.
    آئون هن وقت 62 سالن جي ٿي ويو آهيان. ٻن سالن کان رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهيان، جنهن لاءِ وڏي عرصي کان تانگھي رهيو هوس. اڄ به ملائيشيا وارا مختلف ادارن مان ڪنهن جي نظرداري يا صلاحڪار جي حيثيت ۾ مونکي گھرائڻ چاهين ٿا، پر آئون آزاد زندگي گذارڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجي هابي لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول رهڻ چاهيان ٿو. لکڻ پڙهڻ هاڻ مون لاءِ وندر نه پر نشو ٿي پئي آهي.جنهن جو اهڙو addicted ٿي پيو آهيان، جو ان بنا مزو نٿو اچي. بهرحال هاڻي آئون پاڻ کي آزاد محسوس ڪريان ٿو. پٺيان جهاز هلائڻ يا جهازين لاءِ ليڪچر تيار ڪرڻ جو فڪر نه اٿم. ٻه ٽي مهينا ملائيشيا ۾ دوستن ۽ پراڻن شاگردن وٽ رهي آيس. ڪئڊٽ ڪاليج جي ٻن ڀائر دوستن جي پٽن جي دهلي ۽ بڙودا ۾ شادي ٿي ته آئون به ساڻن نڪري پيس ۽ ٻه مهينا کن مختلف شهرن جي مندرن، ڌرمشالائن، ننڍين هوٽلن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ساڻن گڏ گذاريم. تازو هاڻ هوائي جهاز رستي چار مهينا آمريڪا جي انهن شهرن ۾ رهي آيو آهيان، جن شهرن ۾ آئون پاڻي واري جهاز تي نوڪري خاطر ويندو هوس. انهن ڏينهن ۽ اڄ جي دور جو احوال پنهنجن ٻن ڪتابن ۾ قلمبند ڪيو اٿم. هڪ ”نيوهالا کان نيو يارڪ” ڇپجي چڪو آهي ۽ ٻيو ”ڳوٺ بخشو لغاري کان بالٽيمور“ ڪمپوز ٿي رهيو آهي. ان سفر جو باقي احوال ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ڪتاب لاءِ لکڻ ۾ مشغول آهيان.
    جييستائين سوال وقت ملڻ جو آهي، ان لاءِ اهو چوندس ته Where there is a will, there are ways لکڻ جهڙين شين لاءِ هتان هتان وقت ڪڍندو رهان ٿو. ريڊيو، ٽي وي يا ماڻهن سان ملڻ جلڻ کان پري رهان ٿو. ڪچهرين پٺيان ٽائيم وڃائڻ کان پرهيز ڪريان ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ننڍپڻ کان مونکي گھٽ ننڊ اچي ٿي. صبح جو سوير، فجز نماز کان به گھڻو اڳ، اٿان ٿو. چاهي اونهارو هجي يا سيارو، ڳوٺ هجي يا ولايت، آفيس هجي يا موڪل جو ڏينهن هجي. منجھند جو ڪلاڪ ڏيڍ سمهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. جي ننڊ اچي ويندي آهي ته بيحد توانو محسوس ڪندو آهيان ۽ اها شام تمام گھڻو لکي سگھندو آهيان.
    مختلف وقتن ۾ مختلف اخبارن، رسالن ۾ لکندو رهيو اهيان. اڄ ڪلهه خاص ڪاوش ۽ اڙدو اخبار امت ڏي مضمون موڪليندو آهيان. رسالن مان ڪرزما، عبرت مئگزين، سرتيون، گل ڦل، سوجھرو ۽ اردو ۾ پاڪستان پوسٽ، سرگزشت ۽ اردو ڊائيجسٽ ۾ مضمون ايندا رهن ٿا.
    سڀني اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن سان سٺا تعلقات آهن. بس رڳو تاج بلوچ [​IMG] سان جنگ جوٽيل هوندي آهي جو هو منهنجا مضمون گم ڪريو ڇڏي. وري دڙڪا به اسان لکندڙن کي ڏئي ٿو ۽ کيس جي ڪجھ چئجي ٿو ته يڪدم ورندي ڏيندو:”توهان اديبن بيزار ڪري وڌو آهي. توهان اديبن ۽ شاعرن سان ڳالهائڻ به ڏيڏر تورڻا آهن.“
    هڪ دفعي تاج بلوچ آيوته ”قمر شهباز ٽن مهينن کان رسي ويو آهي. سوجھرو ۾ لکڻ به ڇڏي ڏنو اٿس. کيس ڪنهن نموني سان راضي ڪري. چئي ته معافي وٺانس.“
    ”تاج تنهنجي معافيءَ تي ڪو به اديب نه پرچندو. هڪ منٽ ترس.“ چيومانس ۽ قمر کي فون ڪري پڇيم ته ”واندو اهين يا نه“.
    ”واندو آهيان.“ قمر وراڻيو.
    ”سوسائٽي واري قبرستان هلندي، آئون وڃان پيو.“ ٻڌايومانس.
    “ڇو خير ته آهي؟“ قمر وائڙو ٿي ويو.
    ”تاج بلوچ ڪالهه گذاري ويو. دل جو دورو پيس. دفن به ڪري ڇڏيائونس. آخري ڏينهن ۾ تنهنجو ڏاڍو ڏک هوس ته سوجھري ۾ نٿو لکين. ٻڌايومانس. ۽ پوءِ قمر جي حالت ڏسڻ واري هئي. هو تاج جي ورسين، ادبي خدمتن ۽ شاعري بابت يادگار محفل سڏائڻ جا پلان جوڙڻ لڳو. پوءِ نيٺ چيومانس ته اهي سڀ شيون في الحال ڪجھ عرصي لاءِ ملتوي ڪري فقط هڪ مضمون سوجھرو جي ايندڙ پرچي لاءِ موڪل. تاج اڃان جيئرو آهي. بهرحال جڏهن کان جنت منگھاڻيءَ سوجهرو جي ادارت سنڀالي، چوطرف سڪون ڇانيل رهيو. پر هاڻي وري اها به ذاتي مصروفيتن جو عذر ڄاڻائي ادارت ڇڏي ويئي آهي.
    سٺ کان مٿي ڪتاب ڇپيا اٿم. صحيح تعداد جي گھڻي خبر ڪانهي. ڇو ته منهنجو پبلشر سان ڪو واسطو نٿو رهي. آئون اخبارن ڏي ڪالم موڪليان ٿو، جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻهو پڙهي سگھن. ڪو به ادارو يا ماڻهو منهنجا ڪتاب ڇپائي سگھي ٿو. منهنجي طرفان ڪنهن به اجوري يا ائلٽي جي بندش ناهي. آئون پنهنجي لاءِ ڪاپي به دڪان تان پاڻ خريد ڪندو آهيان. انڪري منهنجن دوستن کي جيڪڏهن آئون پنهنجو ڪتاب تحفي ۾ نٿو ڏيان ته دل ۾ نه ڪن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ڏيان ٿو ته ان کي ان جو قدر ڪرڻ کپي. ان ڪري ته ان تي مون پنهنجي کيسي مان سؤ يا ڏيڍ سؤ خرچ ڪيو هوندو.
    اڄ ڪلهه جي انٽرنيٽ ۽ ڪيبل جي دور ۾ جڏهن ماڻهن پڙهڻ گھٽائي ڇڏيو آهي ۽ دڪانن ۽ اسٽالن تي ڪتاب ۽ رسالا ائين پيا سڙن. ان دؤر ۾ علي نواز گھانگھري، فيروز ميمڻ، يا نوراحمد ميمڻ صاحب جهڙو ڪو پبلشر يا تاج بلوچ، فقير محمد، عرفان نوراني، عرفان عباسي جهڙو ايڊيٽر رسالو ٿو شايع ڪري ته ان جي مهرباني آهي، جو هو اسان جهڙن اديب ۽ شاعرن کي پڙهندڙن سان متعارف ٿو ڪرائي.

    (ماهوار امرتا جي نومبر 2006 (62نمبر) پرچي ۾ ڇپيل)

    ادا طاهر سنڌي صاحب هن مضمون ۾ به تاج بلوچ صاحب جو ڪجهه ذڪر آهي، باقي مڪمل سوانح عمري لاء مان ڪوشش ڪيان ٿو جيئن ئي ملي وئي ته توهان کي اها پيش ڪبي انشاءالله۔
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پراڻيون يادون ( الطاف شيخ )

    بلڪل ادا ممتاز اوهان جي وڏي مهرباني
    الله اوهان کي خوش رکي
    ۽ مستقل مضمون تاج صاحب جي حوالي سان به اوهان جو ونڊ ٿيل مون پڙهيو اهي۔
    لک لائق۔
    ج ع منگهاڻي صاحبه جي حوالي سان عرض آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو