تاج بلوچ کي نئون جنم مبارڪ هجي ادل سولنگي 6 اپريل 2010 تي سنڌ جي ترقي پسند شاعر تاج بلوچ جي دل سندس چوڻ ڇڏي ڏنو ۽ هو آچر تي ڪارڊيوويسڪيولر ڪراچي ۾ اچي پهتو. تاج بلوچ سنڌي ادب ۾ نئين ”حسيت“ متعارف ڪرائيندڙ ناليوارو اديب ۽ شاعر آهي جنهن پنهنجي ادبي سفر ننڍ پڻ ۾ ڪراچي جي شهر ۾ پڙهڻ دوران شروع ڪيو. ترقي پسند سنڌي ادب ۾ هن جو نالو وڏي احترام سان ورتو ويندو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل هجڻ سبب ادب ۾ هن جون سرگرميون سدائين نوجوانن ٽهي کي متاثر ڪندڙ رهيون آهن. هي نوجوانن سان بيحد پيار ڪندڙ ۽ پنهنجي ناليواري رسالي ”سوجهرو“ جي پليٽ فارم تان نئين ٽهي جي ادبي آبياري ڪندڙ خوبصورت شاعريءَ جو تخليق ڪار تاج بلوچ 14 ڏينهن دل جي هٿان مجبور رهيو، ان عرصي ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان کيس فون ۽ ايس ايم ايس آيا ۽ دوستن سندس خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس صحت لاءِ دعائون گهريون. اڄ تاج بلوچ صحتمند ٿي پنهنجي گهر منتقل ٿيو آهي. اسان ان ڳالهه تي به سرهائي محسوس ڪيون ٿا ته الله پاڪ اسان جي دعا قبول ڪئي ۽ تاج بلوچ کي نئين حياتي ڏني جو هو مرڪندي پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏيو آهي ۽ دوستن سان مرڪي مليو آهي. سنڌي ادب ۾ تنقيد جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ تاج بلوچ اڄ مرڪندي چئي رهيو آ ته هر عڪس ۾ ملندو سانءِ. هر شخص ۾ ملندو سانءِ، يا رقص ۾ ملندو سانءِ. مون کي ڳولي لهجانءِ. تاج بلوچ جنهن هند ۽ سنڌ جي اديبن جا ٿورا قبوليندي چيو آهي ته مون کي اها خبر ڪا نه هئي ته مون سان پيار ڪندڙ ماڻهو ايڏي وڏي انگ ۾ موجود آهن. تاج بلوچ اکين ۾ لڙڪ آڻيندي چيو آهي ته مون کي نه رڳو دوستن، پر دشمنن جي دعائن به نئين زندگي ڏني آهي. آءُ ايران، ترڪي، آمريڪا، دبئي ۽ ڀارت سميت سمورن دوستن جي دعائن جي موٽ ۾ ملندڙ زندگي تي ڏاڍو سرهو ۽ دوستن جو ٿورائتو آهيان جن مون کي ڏکي وقت ۾ اڪيلو نه ڪيو ۽ مون سان مسلسل رابطي ۾ رهيا. تاج بلوچ جو ادبي ڪم تمام گهڻو آهي. سندس ادبي پورهئي تي گهڻو لکي سگهجي ٿو. پر هن شخص جي نئين جنم جي حوالي سان سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي سمورن اديبن کي جيڪا سرهائي ٿي آهي ان جو ڪو به ڪاٿو نه ٿو ڪري سگهجي. تاج جويي، ذوالفقار سيال، هدايت بلوچ، يوسف سنڌي، عادل عباسي، عيسيٰ ميمڻ، رکيل مورائي، اياز جاني، انور ابڙي، زرار پيرزادي، عبدالغفار تبسم، مختيار ملڪ، نصير مرزا، طارق عالم ابڙي، انعام شيخ، رزاق سهتي، راشد مورائي، سڪندر ڪورائي، عبدالله جيسر، نند ڇڳائي، لڇمڻ ڪومل، هري همٿائي، نن جويري، هيري ٺڪر سميت هند ۽ سنڌ جي اديبن شاعرن جي دعائن سان تاج بلوچ هڪ نئون جنم وٺي سنڌي ادب ۾ نروار ٿيو آهي. اميد آهي ته سندس جاري ڪيل ”سوجهرو“ هڪ نئين جوش ۽ ولولي سان سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهندو ۽ جديد سنڌي ادب ۾ تنقيدي کوٽ جي پورائو پڻ ڪندو رهندو. تاج بلوچ جنهن سنڌي جديد ادب ۾ سگهاريون روايتون قائم ڪيون آهن. تاج بلوچ جنهن سنڌي ادب کي هڪ نئين اسلوب واري تنقيد ڏني آهي جنهن نئين ٽهيءَ کي پنهنجو جائز ادبي مقام ڏنو آهي. ان تاج بلوچ کي اڄ سنڌ جا نوجوان اديب ۽ شاعر نئون جنم وٺڻ جون لک ساريون واڌايون ڏيندي سرهائي محسوس ڪن ٿا. شال تاج بلوچ سدائين مرڪندو ۽ مهڪندو رهي. تاج بلوچ جيڪي ڪارڊيو ويسڪيولر روم نمبر 566 ۾ دوستن جي اچڻ تي خوشيءَ مان لڙڪ پئي هاريا مون کي ائين محسوس ٿي رهيو ته جيئن آئيس لينڊ جي برفاني جبلن مان لاوو ڦٽي نڪتو آهي. ائين ئي هن شخص جي اندر ۾ پچندڙ ورهين جو لاوو لڙڪن جو روپ وٺي سندس نيڻن مان وهڻ شروع ڪيو آهي. ۽ سچ پچ ته تاج بلوچ جا اهي لڙڪ سندس سڄي ڄمار جي ڪيل ارڏائين کان وڌيڪ اهم ۽ قيمتي آهن. جنهن تي سڀ ڪجهه معاف ڪري سگهجي ٿو. تاج بلوچ جون سموريون ارڏايون هڪ پاسي سندس اکين مان آبشارن جيان وهندڙ لڙڪ ٻئي پاسي آهن. وقت ۽ تاريخ فيصلو ڪيو ته تاج بلوچ جهڙي جبل جهڙي ماڻهو جي اندر ۾ معصوم ٻار جي دل ڌڙڪي ٿي ۽ تاج بلوچ هڪ معصوم دل رکندڙ پر پنهنجي آدرشن ۽ اصولن تي اڏول رهندڙ اديب ۽ شاعر آهي جنهن جي سنڌي ادب کي سخت ضرورت آهي. سنڌ جو نوجوان نسل تاج بلوچ کي پنهنجي ادبي ميراث ڄائي ٿو ۽ سنڌي نوجوان اديب کي اهو به احساس آهي ته تاج بلوچ اسان جي نسل جو سونهون آهي جنهن جي چيچ وٺي اسان جديد سنڌي ادب جي ترقي واري منزل ماڻي سگهون ٿا. سنڌ کي اڃان تاج بلوچ جي سخت ضرورت آهي. تاج بلوچ تون اسان جو پنهنجو آهين بشڪريه عوامي آواز
جواب: تاج بلوچ کي نئون جنم مبارڪ هجي ادا اوهان جا لک ٿورا جو منهنجي عرض تي اوهان هي شيئرنگ ڪئي۔ هڪ ٻيو عرض آهي قبول پوي ته مهرباني ٿيندي محترمه ج ع منگهاڻي صاحبه جن جي شخصيت جو به ٿورڙو تعارف شيئر ڪريو ها ته لک لائق۔