[/CENTER] توهان ملت فين ، پاڪ فين به ٻڌا هوندا پر هي هڪ عجيب پکو آهي. چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ هوندي آهي، ته اهڙي طرح گڏهه وارو پکو يا سولي لفظن ۾ ”ڊونڪي فين“ سنڌ جي ڳوٺاڻن جي منفرد ايجاد آهي، جيڪو هڪ ئي وقت ۾ گهر جي سموري ڀاتين کي گرمي، حبس ۽ مڇرن سان ڀريل راتين ۾ هوا جي فراهمي جو بهترين ذريعو آهي اهو به بنا ڪنهن جنريٽر يا تيل جي خرچ جي، مطلب ته هي مفت جو ذريعو آهي. هي پکو صرف سنڌ جي سوغات آهي ۽ خاص ڪري شڪارپور جي. شڪارپور جي اندر لوڊ شيڊنگ جي مسئلي بعد جنهن جو وقت فقير جي بقول 12 کان 16 ڪلاڪن تائين هڪ ڏينهن جي اندر هوندو آهي. مزي جي ڳالهه ته اتي گڏهن جي گهڻائي آهي، انهيءَ گهڻي هجڻ جو فائدو وٺي اتان جي غريب ماڻهن گڏهه جي مدد سان هلندڙ گڏهه فين ٺاهي ورتا. هي پکا به عجيب آهن، ڪاٺ جي ٺهيل پڃري تي ٻن پاسن کان الڳ الڳ رليون رکيون وڃن ٿيون. ۽ هيٺ اڀي طرح ٺهيل هڪ پڃرو هجي ٿو. گڏهه هلڻ شروع ڪري ٿو ته پڃري ۾ لڳل ڪجهه چرخين جي مدد سان اهو پکو رلين جي ذريعي هوا ڏيڻ شروع ڪري ٿو. گڏهه کي سانجهي سويري گاهه مُٺ ڏني وڃي ٿي، پاڻي به پياريو وڃي ٿو ته جيئن رات جي وچ ۾ بيهي نه رهي. جيڪڏهن گڏهه ٿڪجي بيهي رهي ته پوءِ سڀني ڀاتين مان گرميءَ جي ڪري پهرين سجاڳ ٿيندو ته اهو گڏهه کي ٻه ٽي سوٽيون وهائي ڪڍندو، جنهن سان وري گڏهه هلڻ شروع ڪري ٿو. اونئين به سنڌي ۾ چوڻي آهي ته سوٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري. هي تصويرون جيڪي توهان ڏسو پيا اهي ڳڙهي ياسين شڪارپور جي ڳوٺ قائم دين وڌو جون آهن. گڏهه جي متعلق اهي ڳوٺاڻا چون ٿا گڏهه ته ويچارو صابرين آهي، گاهه جي مٺ جي ڪري خوش ٿي بس هلندو رهي ٿو سڄي رات ۽ اسان غريبن جو ڀلو ٿي وڃي ٿو باقي نه ته لوڊ شيڊنگ جي ڪري اسان غريبن جو سمهڻ به جنجال آهي.
جواب: ڊونڪي فين۔۔۔ سنڌي ماروئڙن جي منفرد ايجاد۔۔ ادا ونڊ ته بهترين آهي يا نه پر توهان ڊونڪي فين جي باري ۾ پنهنجي راءِ ته ڏني ڪانه۔۔۔
جواب: ڊونڪي فين۔۔۔ سنڌي ماروئڙن جي منفرد ايجاد۔۔ ادا تصويرون ڏسندي ئي مان دل ۾ سوچيم ته گڏھ آخر گڏھ آهي لازم گوهي ڪندو پر توهان ان جي وضاحت ڪئي ته بيهڻ جي صورت ۾ ٻه ٽي سوٽيون کائي ٻيهر هلڻ شروع ڪندو۔
جواب: ڊونڪي فين۔۔۔ سنڌي ماروئڙن جي منفرد ايجاد۔۔ بلڪل ادا۔۔ گڏهه گڏهه آهي پر سوٽي به سوٽي آهي۔۔۔ مان سمجهان ٿو ته حڪومت کي اهڙي قيمتي ايجاد کي عام ڪرڻ لاءِڪوششون ڪرڻ کپن
جواب: ڊونڪي فين۔۔۔ سنڌي ماروئڙن جي منفرد ايجاد۔۔ ادا مست مير جت، زبردست، تُسي گريٽ او، ڇا ته زبردست ”ڊونڪي فين“ کڻي آيو آهين۔ ٻي ڪنهن کي به ڪونه ٿو چوان ته ڪير انهي پنکي کي پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ لڳائي پر سنڌ سلامت لڏو اڳ ۾ مون وانگر غريب لڏو آهي ۽ پنڪين ۾ آهي ان ڪري ڊونڪي فين گهر گهر ۾ لڳائي، پر دوست هتي اسان وٽ اڄ ڪلهه گڏهن جا ريٽ مست جي موڪليل تصويرن کي ڏسي ها ٿي ويا آهن، بجلي جو نئون ميٽر چار کان پنجن هزارن ۾ ملي ٿو وڃي پر گڏهه نر ۽ گڏهه مادي ٻنهي جي قيمت 25 کان ٽيهه هزار آهي، اهو زمانو ويو، جو گڏهه مُٺ گاهه تي سرچي وڃي، گڏهه نر ۽ مادي هاڻي جديد دور ۾ باقائده مُعائدو ڪري پو ٻي ڪنهن جي خبر ڪانهي پر ٺُڙڪو ليڊرن ، ڪامريڊن ، ڪامورن ، ڀوتارن، ۽ دلالن جي ڪم ايندا آهن، اهو معائدو پو ڀلي هڪ مهينو هلي، پنج مهينا هلي، يا ساري عمر هلي، هن صدي جا عام گڏهه ۽ گڏهيون پستا بادام، اخروٽ کان سوا جام شيرين ۽ ڪڏهن ڪڏهن وسڪي جا پيگ پيئندا آهن، جيڪڏهن اها ڳالهه ڪوڙ هُجي ته پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي سچ ۽ ڪوڙ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو۔ مست باقي هي تصويرون ته واقعي مست تصويرون آهن، جيئن ته سنڌ سلامت تي ايڏي وڏي تخليق کڻي آيو آهين، هي تصويرون منهنجي اندازي موجب دنيا جي ڪنهن به نمائشي فورم تي ايوارڊ حاصل ڪري سگهن ٿيون، پاڪستاني ماحول جي بلڪل صحيح نمائندگي ڪئي وئي آهي۔
جواب: ڊونڪي فين۔۔۔ سنڌي ماروئڙن جي منفرد ايجاد۔۔ سائين توهان جي انهن لفظن منهنجي محنت جو پورو ٿڪ لاهي ڇڏيو۔۔۔ بس توهان جي مهرباني هوندي ته اهڙا نوان نڪور ونڊ صرف سنڌ سلامت لاءِ اڳتي به کڻي ايندس۔۔۔ گڏهن جا ريٽ ته واقعي ڏاڍا هاءِ ٿي ويا آهن، گهڻا گڏهه ته وڏين وڏين سرڪاري ڪرسين تي جو ويٺل آهن ان ڪري پنهنجي رشتيدارن جي قيمت وڌرائي ڇڏي آهي۔۔ سائين مان ٻڌو آهي ته ٽنڊو محمد خان جي علائقي ۾ به ڊونڪي فين جو رواج هلي پيو، توهان پنهنجي سر معلومات حاصل ڪري اها ڳالهه اسان سان ونڊڪريو۔۔
جواب: ڊونڪي فين۔۔۔ سنڌي ماروئڙن جي منفرد ايجاد۔۔ مست هتي ڊونڪي فين جي خبر ناهي ته اهو رواج آهي يا نه پر ڊونڪي ڊونڪي واري راند هر گهر جي ڪهاڻي آهي۔ سو ضرور اهڙي ڪهاڻي ونڊ ڪبي جيڪڏهن سئو فيصد مونکي لڀجي وئي ته !
جواب: ڊونڪي فين۔۔۔ سنڌي ماروئڙن جي منفرد ايجاد۔۔ سائين ٽي ايم خان ۾ ڊونڪي فين بلڪل آهي۔۔۔ ڪو ٽيچر عبداللطيف دايو جي نالي سان آهي۔۔ ان کان معلوم ڪيوس۔۔
جواب: ڊونڪي فين۔۔۔ سنڌي ماروئڙن جي منفرد ايجاد۔۔ مست صفا اصل زور آور ٿئي ويو آهين اها حقيقت آهي ادا ته پوري سنڌ ۾ لوڊ شيڊنگ خاص طور تي وري ڳوٺن ۾ ته لائيٽ هوندي ئي ناهي سو اتان جا ماڻهو وري ان نموني سان پنهنجو ٽائيم گذارن ٿا اهڙي بهترين شيئرنگ پيش ڪرڻ تي توهان کي جس هجي سدائين گڏ
جواب: ڊونڪي فين۔۔۔ سنڌي ماروئڙن جي منفرد ايجاد۔۔ يار فقير ڇو نه پاڻ گڏجي ان پکي کي عام ڪرڻ جو عزم ڪيون۔۔۔۔ شڪارپور کان ته اونئين شروعات ٿي آهي، تون ايئن ڪر ته اهو پکو ٺاهڻسکي وٺ ته پوري سنڌ ۾ ان جا ٺيڪا آئون توکي وٺرائي ٿو ڏيان۔۔۔ پوءِ ته بس مال ۾ پيا ترنداسين۔۔۔
جواب: ڊونڪي فين۔۔۔ سنڌي ماروئڙن جي منفرد ايجاد۔۔ ٺيڪ آهي مست توهان جو چوڻ مان ڪيئن ٿو ٽاري سگهان اهي ڊونڪي فين سکڻ مون جو ڪم آهي باقي ادا مست توهان کي مان هڪ اهم ذميواري ڏيان ٿو ڇو جو مان آهيان فقير ماڻهو پڪائي مان پاڻ ڄاڻان ئي ڪانه سو ان ڪري گڏهن کي خريدڻ جي ذميواري توهان جي مٿان باقي ڪم کان توهان ڇٽل آهيو مال جام گڏ ڪنداسين مان ته يار توهان جهڙو پارٽنر ڳولهيان پيو چڳو ٿيو جو توهان پاڻ ئي چيو )))) بس ته پو۽ توهان اڄ کان ئي گڏهن جي ڳولها ۾ نڪري پئو <<<
جواب: ڊونڪي فين۔۔۔ سنڌي ماروئڙن جي منفرد ايجاد۔۔ ادا فقير سائين ماري ڇڏيئي... گڏهه رهن شڪارپور ۾ ۽ توهان واري ڄامشورائي کي ٿا چئو ته گڏهه خريد ڪري ڏي... اسان واري پاسي جيڪي گڏهه آهن سڀ سرڪاري سيٽن تي چڙهيا ويٺا آهن، ڪي اسيمبلي ۾ ته ڪي وري ڊي سي او آفيسن ۾، ته ڪي وري پوليس ۾.. اهي گڏهه مهانگا پوندا... انهن کي سونٽيون به ڪونه ٿا هڻي سگهون، سو ٻيلي ڪي شڪارپور جا گڏهه تاڙ.. ۽ ها پاڻ وارو راجا اسلام آبادي به اڄ ڪلهه ڪنڌ ڪوٽ پهتل آهي کيس ڏس ڏي ته متان اهو ان سلسلي ۾ حامي ڀري... ها ها ها