مست
سينيئر رڪن
منڇر ڍنڍ جي اندر ٽوڙي بند جي گهاري وارو پاڻي ۽ تازي وسڪاري جي ڪري مختلف نئين جو پاڻي اچڻ جي ڪري پاڻيءَجي ليول انتهائي خطرناڪ ليول تي پهچي وئي آهي ۽ مختلف بندن تي دٻاءُ سان گڏ منڇر جو پاڻي چوڌاري وڌي رهيو آهي۔۔۔ تازي خبر موجب منڇر جو پاڻي سيوهڻ تعلقي جي مشهور قديمي تاريخي شهرن جهانگارا ۽ باجارا سميت ٻين 25 مختلف ڳوٺن ۾ داخل ٿي چڪو آهي۔ ياد رهي ته جهانگارا ۽ باجارا جي شهر جي اندر گڏيل طور تي تقريبن 50 هزار کان مٿي جي آبادي آهي۔ توڙي جو درياءِجي پاڻيءَجو ليول منڇر ڍنڍ جي پاڻيءَ جي ليول کان هيٺ اچي چڪو آهي ۽ منڇر ڍنڍ مان درياءَ ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي پر ماهرن موجب درياءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ هينئر اڙل واهه استعمال ٿي رهيو آهي جنهن جي ڇوڙ ڪرڻ جي ڪيپيسٽي ايتري نه آهي۔
منڇر ۾ پاڻيءَ جي آمد 30 هزار ڪيوسڪآهي جڏهن ته منڇر مان درياءَ ۾ پاڻيءَجو ڇوڙ 15 هزار ڪيوسڪ آهي جيڪا تمام خطرناڪ صورتحال آهي۔
ٻئي طرف ميهڙ شهر کي بچائڻ جي لاءِ جيڪو بند ڏنل آهي ان وٽ پاڻيءَجي سطح 6 فٽ تائين پهچي چڪي آهي جنهن ڪري بند انتهائي خطري واري حالت ۾ آهي۔