مست
سينيئر رڪن

ان کان پهرين 1976 ۾ ناسا جي سائنسدانن کي مريخ جي مٽيءَتي ڪاربان جي ذرن جي موجودگي بابت ڪو ثبوت نه مليو هو۔ ان کان بعد 2008 ۾ جڏهن سائنسدانن مريخ جي آرڪٽڪ حصي ۾ ڪلورين وارا ڪيميڪل دريافت ڪيا ته انهن فيصلو ڪيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر مريخ تي وڃي ڪاربان جي ذرن جي موجودگيءَبابت تحقيق ڪندا۔ پوءِ مريخ جي مٽي حاصل ڪري ان کي جڏهن اتان جي مليل ڪلورين واري ڪيميڪل سان ملايو ويو ته نتيجي ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ڪلورو ميٿين ۽ ڊاءِ ڪلورو ميٿين گيسون حاصل ٿيون۔
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اتي نه صرف آرگينڪ (حياتياتي) بلڪه ڪلورين وارا ڪيميڪل به موجود هئا۔ ان دريافت کان پوءِ به سائنسدان اهو چوڻ کان لهرائجندو ڏسڻ ۾ اچن ٿا ته مريخ تي ڪا زندگي پهرين هئي۔
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اها ريسرچ اهو ثابت ته نه ٿي ڪري ته مريخ تي حياتي آهي يا نه پر ان تحقيق سان ان سوال تي بحث جو وڏو سبب ملي ويو آهي
