• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڃان داد نه ڏيندو۔۔؟

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
ڪافي عرصي کان سوچيم پئي ته جيئن سنڌ سلامت جا دوست منفرد آهن ته انهن لاءِ موضوع به منفرد پيش ڪريان۔۔۔ اڄ ان ڪري اوهان لاءِ هڪ اهڙي ٽپ کڻي آيو آهيان جو اوهان ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڪرسي (يا کٽ) تان اٿي اٿي مون کي داد ڏيڻ کان بغير رهي نه سگهندا۔۔ ڪن دوستن ۾ ته شڪ آهي ته متان جهمريون هڻڻ شروع ٿي وڃن۔۔۔
اچو هاڻي ڪم جي ڳالهه شروع ڪيون
سڀ کان پهرين گوگل جي اميج سرچ کوليو۔۔ ان ۾ ڪنهن به ٽاپڪ تي تصويرون سرچ ڪيو۔ جڏهن رزلٽ وارو پيج اچي وڃي ته ان وقت ايڊريس بار ۾ ايڊريس ڪٽي ، هيٺيون ڪوڊ پيسٽ ڪريو۔۔۔ پوءِ ڏسو ڇا ٿو ٿئي۔۔۔؟
ڪوڊ:
javascript:R= 0; x1=.1; y1=.05; x2=.25; y2=.24; x3=1.6; y3=.24; x4=300; y4=200; x5=300; y5=200; DI= document.images; DIL=DI.length; function A(){for(i=0; i<DIL; i++){DIS=DI[ i ].style; DIS.position='absolute'; DIS.left=Math. sin(R*x1+ i*x2+x3)* x4+x5; DIS.top=Math. cos(R*y1+ i*y2+y3)* y4+y5}R++ }setInterval('A()',5); void(0)

نوٽ: هي ساڳيو طريقو وڊيوز ۽ ڊاڪومنٽ سرچ تي به لڳي ٿو۔
 
جواب: اڃان داد نه ڏيندو۔۔؟

ان کان علاوه جنهن به پيج تي تصويرون هجن ان تي ان ٽِپ کي آزمائي ڏسو، ضرور ڪم ڪندي۔۔
 
جواب: اڃان داد نه ڏيندو۔۔؟

ادا ان ٽپ ۾ ڪو فائدو هجي ته ضرور ٻڌائيندا

طاهر سنڌي ڀائو مست هينئر مستي ۾ آهي فُل فارم ۾ آهي، باقي نفعو نقصان مالڪ ڪُل ڪارساز جي وس هٿ ۾ آهي۔ في الحال جيڪو مست چوي پيو ان تي عمل ڪري فوري رپورٽ ڏي ته مست کي داد ڏجي يا نه !
 
جواب: اڃان داد نه ڏيندو۔۔؟

ادا طاهر ان ۾ ڪو ظاهري فائدو آهي يا نه اها الڳ ڳالهه آهي پر ادا مست هڪ نئين ٽپ جي لحاظ سان شيئر ڪئي آهي جو ان ڪوڊ کي لڳائڻ سان اميجز وغيره ۾ انيميشن اچي وڃي ٿي اها ڳالهه هر ڪنهن کي معلوم نه هوندي ان ڪري ادا مست جي شيرنگ تي کيس داد ڏيڻ گهرجي.
 
جواب: اڃان داد نه ڏيندو۔۔؟

ٽپ ڪم نه پئي ڪري، ڏسيل طريقي مطابق عمل ڪيم، ڪوبه ايڪشن نه پيو ٿئي۔۔۔
 
جواب: اڃان داد نه ڏيندو۔۔؟

ادا توهان جي ٽپ تي آئي ٽي دنيا ۾ عمل ڪري چڪو آهيان ريمائنڊ جي مهرباني
 
جواب: اڃان داد نه ڏيندو۔۔؟

ادا مست صفا گهمائي چڏيو اڄ ته اوهان۔ اصل تصويرن ته ڊانس پئي ڪئي۔

مهرباني اوهان کي داد ته ضرور ڏينداسين
 
جواب: اڃان داد نه ڏيندو۔۔؟

هائو سائين تمام سٺي شئرنگ اٿو تصويرون پنهنجي جاءِ ڇڏي اصل ڊانس پيو ڪن ويب سائيٽ ٺاهڻ وارا پرشان هوندا سلام مست توهان کي ضرور داد ڏيڻ گهرجي مهرباني مست تمام سٺي .ونڊ آهي
 
جواب: اڃان داد نه ڏيندو۔۔؟

سنڌ سلامت واريون تصويرون وت ٿيو گهمديو هاڻ پڪڙيو ته خبر پوءِ
110j47d.jpg
 
جواب: اڃان داد نه ڏيندو۔۔؟

هڪ ڪنجوس کي ڪنهن چيو ته اڙي يار تون جنت ۾ ويندي يا دوزخ ۾ ته جواب ڏنائين ته
” جت ٻن پئسن جو فائدو“
سو ادي مست جي ڳالهه مان لڳي ٿو ته ڪو فائدو آهي ۔۔۔ خئير ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي؟
 
جواب: اڃان داد نه ڏيندو۔۔؟

ادا مست۔۔۔۔۔مان ته اصلي مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيس۔۔۔۔۔مان وٽ به لنڪ ڪم ئي ڪان ٿي ڪري۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top