بنگلاديش ڏکڻ ايشيا جو اهو ملڪ آهي جنهن جي تقريباً هر پاسي کان هندستان آهي. پر ڏکڻ اوڀر ۾ هن جو ڪجهه حصو برما ۽ خليج بنگال سان لڳي ٿو. 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي وقت اوڀر بنگال (هاڻوڪو بنگلاديش) پاڪستان جو حصو بڻيو. ان وقت اوڀر پاڪستان جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. 1970ع ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، جنهن ۾ شيخ مجيب الرحمان جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي ليگ سموري اوڀر پاڪستان جون سَو سيڪڙو نشستون کٽي وئي. ان وقت اوڀر پاڪستان جي ماڻهسيه پاڪستان جي ڪل ماڻهسيه جو 55 سيڪڙو هئي. تنهن جو مطلب ته 55 سيڪڙو نشستون کٽي عوامي ليگ وفاقي حڪومت ٺاهڻ جيتري ڪاميابي ماڻي ورتي هئي. پر پاڪستاني فوج کي اهو منظور نه هو، جنهن حڪومت جون واڳون عوامي ليگ جي حوالي ڪرڻ بدران بنگالي عوام جو قتلام شروع ڪري ڏنو. هزارين بنگالي عورتن جي لڄالٽ ڪئي وئي ۽ لکين بنگالي ماڻهو ماريا ويا، جنهن کان پوءِ هندستان مداخلت ڪندي بنگالي عوام جي مدد ڪئي ۽ اوڀر بنگال کي پاڪستان کان آزادي ڏياري. پاڪستان جي انهن ٻنهي حصن جي وچ ۾ 1600 ڪلوميٽرن جو فاصلو هو. ٻنهي ملڪن ۾ ڳنڍپي جو اڪيلو رستو اسلام هو نه ته هي ٻئي ملڪ ڪنهن به لحاظ کان هڪ ٻئي سان ڪابه مشابهت نه رکندا هئا. شيخ مجيب الرحمان جي هيٺ آزادي جي تحريڪ هلي جيڪا 1971ع ۾ پوري ٿي ۽ دنيا جي نقشي تي بنگلاديش جي نالي سان هڪ نئو ملڪ وجود ۾ آيو ۽ تيزي سان سڄي دنيا هن کي تسليم ڪيو. درياءِ گنگا ۽ برهم پترا بنگلاديش ۾ دريائي ٽڪور ٺاهي خليج بنگال ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. بنگلاديش جي سياسي حالت پاڪستان وانگر آهي. هر ٻئي ڇينهن فوج جي چڙهائي هلندي رهندي آهي. بنگلا ديش هن وقت سارڪ ۽ او آئي سي جو ميمبر آهي. وڪيپيڊيا جي ٿورن سان