• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مووي ميڪر ڪم نه ٿو ڪري

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
منهنجي سسٽم ۾ ونڊوز مووي ميڪر ڪم نه ٿو ڪري
ان ۾ منهنجا ڀائر ڪم ڪندا آهن
جي ڪنهن دوست وٽ ان جو حل يا ان کان بهتر ڪو سافٽ هجي ته مهرباني ڪري ٻڌائي۔
 
جواب: مووي ميڪر ڪم نه ٿو ڪري

منهنجي سسٽم ۾ ونڊوز مووي ميڪر ڪم نه ٿو ڪري
ان ۾ منهنجا ڀائر ڪم ڪندا آهن
جي ڪنهن دوست وٽ ان جو حل يا ان کان بهتر ڪو سافٽ هجي ته مهرباني ڪري ٻڌائي۔

مووي ميڪر ته ونڊو جو پنهنجو حصو آهي ان کي هلڻ گهرجي، جادوگر رشيد سمون اهڙين ڳالهين جي حل ڪرڻ ۾ ماهر آهي، هاڻي درويش سومرو به اهڙيون ڳالهيون سمجهائي سگهي ٿو، مست کي ڇڏي ٿا ڏيون ڇو جو اڄڪلهه ساري سنڌ سلامت جي آئوٽ پُٽ جو بار مست جي مستي ڀرئي ڪُلهن تي آهي۔ باقي وڊيو ايڊيٽنگ ۾ منهنجو پسنديده وڊيو ايڊيٽر يو ليڊ آهي، تمام سئولو ايترو سئولو جو مووي ميڪر به گهر گهمي۔ هاڻي توهان يقينن ان جي لنڪ گهرندا، تمام سئولو سادو لنڪ اهو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ توهان موجود آهيو ته ڪنهن به سي ڊي شاپ تي وڃو، يو ليڊ 10 ورزن وٺو صرف پنجويهه روپين ۾ انسٽال ڪري آنند وٺو، باقي ريپيڊ شيئر ڪرڻ وارا دوست مست ، همانگير سولنگي، ادا عمران درويش سومرو، فقير وحيد ڦلپوٽو، ۽ کوڙ سارا ٻيو دوست آهن۔ اهي مفت ۾ جيڪڏهن توهان صرف پنجويهه روپيا بچايو ته انهن دوستن کان يو ليڊ جي لنڪ وٺي سگهو ٿا۔ الله الله خير سلا، سدائين جُڙيو هُجين ڀائو طاهر سنڌي ۔
 
جواب: مووي ميڪر ڪم نه ٿو ڪري

ادا طاهر توهان جي ڳالهه مان لڳي ٿو ته مووي ميڪر ڪرپٽ‌ٿي ويو آهي، ان کي ونڊوز جي سي ڊي جي مدد سان ريپيئر ڪريو

ٻي صورت ۾ هن لنڪ تان هن جو سيٽ اپ ڊائون لوڊ‌ڪريو

يوليڊ وڊيو ايڊيٽر
حصو پهريون
حصو ٻيون
 
Back
Top