• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻلين جي مستي

جواب: ٻلين جي مستي

ادا سنڌي ، انهن ٻلين جي مستي کي ڏسي مونکي پنهنجو ٻالڪپڻ ياد اچي ويو، بلڪل ائين سنڌي ڀا بلڪل ائين پٽ تي ليٽاڙيون پائندو هُئس، ڪڏهن وڏا وڏا ٽُپ ڏيندو هُئس، ڪڏهن پاڻ کان ننڍي سئوٽ ماسات کي دسي چڪ هڻي ڀڄي ويندو هُئس، يار هڪڙي ڳالهه تي غور پيو ڪريان ته حضرت انسان اهڙن جانورن کان سکيو آهي، يا جانورن اسان جهڙن حضرت انسانن کان اهو سڀ ڪجهه سکيو آهي، تون به ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون عجيب شيون کڻي ايندو آهين، جو ٻي ڪنهن جي خبر ڪانهي پر مونکي شاعر مشرق جي تصوير موجب ڏاڙهي جي ٺوڙهي تي ساڄي خبر ناهي کاٻي هٿ جي آڱرين آڱونٺن کي رکڻو پئجو وڃي۔!
 
جواب: ٻلين جي مستي

ادا طاهر اها ته ٻلو اينڊ‌فيملي پوري ٿي لڳي۔۔ ڪارو دک ٻلو وري ان سان گڏ هڪ ٻلي ۽‌ هڪ عدد ٻلونگڙو۔۔ ها ها ها۔ اها اٿوَ ٻلين جي مستي
 
Back
Top