جڏهن جهــوڪ جُـــهــريـــــو مصنف؛ رشيد ڀٽي صوفي شاهه عنايت جنهن وقت جهوڪ ۾ تعليم ۽ تبليغ شروع ڪئي، تنهن وقت سنڌ جا اڪثر مشائخ، صوفي ۽ سيد پنهنجي فرضن کي پٺيءَ ڀر اڇلائي خالص دنيادار زميندار بڻجي ويا هئا. انهيءَ اونداهيءَ ۾ شاهه عنايت علم ۽ فضل، خدا ترسي، دردمندي ۽ بي لوث خدمت جي روشني پکيڙي ته سندس چوڌاري ارادتمندن جو ميڙو مچي ويو. صوفي شاهه عنايت انهن روايتي صوفين مان نه هو. جيڪي حالتن کي مٽائڻ بجاءِ، صبر ۽ قناعت جي تلقين ڪن ٿا، ۽ اهو چئي ماڻهن کي آخرت جي ثمر ڪَٺي ڪرڻ جو سبق ڏيندا آهن ته هيءَ دنياويءَ زندگيءَ کن پل جو چسڪو آهي هو دين جي انهن عالمن منجهان به نه هو، جن جي خيال ۾ دولت جي مساوي يا برابر ورڇ تي مساوات محمدي جو بنياد آهي. ڇو ته جيڪڏهن دولت پئدا ڪرڻ جا ذريعا، جهڙوڪ زمين، فئڪٽريون، ڪارخانا ۽ بينڪون وغيره ڪجهه ماڻهن جي ذاتي ملڪيت هجن ته دولت جي مساوي ورهاست ڪيئن ممڪن ٿي سگهندي؟ صوفي شاهه عنايت معيشيت جي قانون جو اهو ڳجهه پروڙي ورتو هو. ته اصل شيءَ پيداواري عمل دوران قائم ٿئي ۽ نه ڪي ورڇ دوران! ائين ته چور ڌاڙيل مال پاڻ ۾ ونڊي ورهائي کائيندا آهن. حقيقت اها آهي ته دولت جي انصاف مطابق ورڇ، پيداواري عمل ۾ برابري يا ڀائيواري ڌاران ممڪن ئي نه آهي. تنهنڪري صوفي شاهه عنايت پيداواري عمل ۾ ڀائيواري تي زور ڏنو. انهيءَ جو اٽل ۽ پڪو عقيدو هو ته مساوات محمدي جي بنيادي گهرج اها آهي ته ڪڙمت اجتماعي اصولن تي ڪئي وڃي. پيداواري عمل ۾ سڀ ماڻهو برابر جا ڀائيوار ٿين ۽ پيداوار کي ضرورت پٽاندڙ پاڻ ۾ ورهائين ۽ ونڊين، صوفي شاهه عنايت جي مريدن فقيرن اها تجويز خوشيءَ سان قبولي ۽ گڏيل هارپ ۾ رُڌجي ويا. گڏيل هارپ ڪا صوفي شاهه عنايت جي ايجاد ڪونه ڪئي هئي. انهيءَ کان گهڻو اڳ قبليداري نظام جي دور ۾ به گڏيل هارپ جو رواج هو. اهو به ٿي سگهي ٿو ته صوفي صاحب جي زماني ۾ به ڪوهستابي قبيلن ۾ ، هيءُ طريقو رائج هجي ۽ شاهه عنايت انهيءَ جي افاديت ۽ لاڀ کي محسوس ڪيو هجي. سندس سيد محمد جونپوري، سمي حاڪم ڄام نندي جي ڏينهن ۾ ڏيڍ ٻه سال ٺٽي ۾ هارپو ڪيو هو. ۽ ڪيترائي ماڻهو جن ۾ ميان آدم شاهه ڪلهوڙو به شامل آهي، سندس معتقد مريد ٿيا هئا. سيد محمد جنهن واعدي ڪيل مهدي هجڻ جي دعوي ڪئي هئي. هڪ وڏو عالم ۽ فاضل بزرگ هو. هن پنهنجي مهدوي برادري کي ”دائري“ جو نالو ڏنو هو، جو مڪمل مساوات ۽ ابديت جي علامت آهي. سندس دائري ۾ ننڍي وڏي، امير غريب ۾ ڪو فرق نه هوندو هو. مريد دائري ۾ ڪَٺي يا اجتماعي زندگي گهاريندا هئا، زندگيءَ جون ضرورتون پاڻ ۾ هڪ ڪَريون ورهائيندا ۽ ونڊيندا هئا. صوفي شاهه عنايت جو تجربو ڏاڍو ڪامياب ويو، جهوڪ رهندڙ فقيرن کي نه بٽئي پوندي هئي نه ڇيڙ وهڻي پوندي هئي ۽ نه ئي تپيدارن قانون گو کي ”ستم شريڪي“ جهڙي ادائيگي ڪرڻي پوندي هئي. صوفي شاهه عنايت جي ناماچاري جلدئي پري پري تائين پکڙجي وئي ۽ هر جڳهه هن جي نئين تجربي جي هاڪ ٿيڻ لڳي. انهيءَ تي مزو اهو ٿيو جو بلڙي جي سيدن جا فقير، جيڪي اڃان تائين پنهنجي سيد زميندار جا مريد هئا، شاهه عنايت جي عقيدت منديءَ ۾ اچڻ لڳا. تنهنڪري تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته جيڪي دوريش شروع ۾ بلڙي واري خاندان سان ڳنڊيل هئا سي شاهه عنايت جي سلسلي جو واڌارو ۽ ترقي ڏسي بلڙي جي سيدن کي ڇڏي. هن نئين سلسلي ۾ شامل ٿي ويا“. تنهن ڪري فقيرن جي جماعت سنڌ جي خانداني پيرن جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀڻ لڳي“. انهيءَ تحريڪ جي مقبوليت سبب سيد خاندانن جي مريدن ۾ گهٽتائي آئي. پر نور محمد پليجي ۽ ڀرپاسي جي ٻين علائقن جي زميندارن تي به اثر پيو. صوفي شاهه عنايت جا فقير انهن جي زمينن ۾ دخل اندازيون ڪرڻ لڳا، يعني اجتمائي زراعت جي تبليغ ڪندا رهيا. نتيجو اهو نڪتو جو انهن زميندارن جي هارين به مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو ته اسان جي زمينن ۾ به صوفي شاهه عنايت جي طريقي تي عمل شروع ڪيو وڃي، پر پيداوار ۾ ڀائيواريءَ جي اصول کي مڃڻ لاءِ زميندار هر گز تيار نه هئا. انهن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن ان انقلابي فتني جو ترت تدارڪ نه ڪيو ويو ته سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ زمينداري سرشتو خطري ۾ پئجي ويندو. انهيءَ ڪري خطري کي ٻُنجي ڏيڻ لاءِ زميندار مير لطف علي خان ٺٽي جي صوبيدار وٽ دانهين ٿي ويو ته صوفي شاهه عنايت کي گڏيل هارپ کان روڪيو وڃي. انهن زميندارن ۾ شاهه ڪريم بلڙيءَ جو جاءِ نشين سيد عبدالوسع، شيخ ذڪريا بهاوالدين جو جاءِ نشين شيخ سراج الدين، پليجاڻيءَ جو زميندارن ارباب نور محمد پليجو ۽ لاکاٽ جو حمل لاکو اڳرا هئا. صوفيءَ جي زمين مدد معاش زمين ۾ شامل هئي. جنهن تي صوبيدار جو ڪو به اختيار ڪو نه هو. تنهنڪري هن حڪومت طرفان دخل ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. پر زميندارن کي اجازت ڏنائين ته هو صوفي ۽ سندس فقيرن سان جيئن چاهين تيئن وڃي مُنهن ڏين، صوبيدار جو اشارو وٺي زميندارن جهوڪ جي وستيءَ تي حملو ڪري ڏنو، ۽ انهن مات کاڌي ڪيترائي مارجي ويا ۽ ماڻهن کي نقصان به ٿيو ته ” ڏوهاري بادشاهه جي حضور اچي بيگناهن جي رت جو حساب ڏين. جيئن ته هنن ان حڪم جي عدولي ڪئي ان ڪري خون بها جي عيوض سلطاني دستور العمل مطابق انهن جون زمينون فوتين جي وارثن جي حوالي ڪيون ويون.“ڍ فقيرن جي انهيءَ قانوني سوڀ اوسي پاسي جي هارين جا حوصلا وڌائي ڇڏيا ۽ سرڪاري حاڪمن ۽ زميندارن جي به اها دهشت ۽ دٻدٻو نه رهيو پر؛ ” ويتر انهن ضلعن جا اڪثر غريب ۽ لاچار زميندارن جي ظلم کان نجات ۽ ڇوٽڪارو پائي. اُن اهل الله ( شاهه عنايت) جي پناهه ۾ اچي امن ۾ رهڻ لڳا. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته صوفي شاهه عنايت جي تحريڪ هيٺيئينءَ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پکڙجي چڪي هئي جو زميندار هاڻي هنن تي هٿ کڻڻ جي همت نه پئي ڪري سگهيا. انهيءَ وچ ۾ زماني جي ستايل فقيرن جي انگ ۾ به ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو ويو ۽ هر پاسي کان همه اوست جي صدا جا پڙاڏا اچڻ لڳا. فرخ سير شايد اهو سمجهيو ته مير لطف علي خان فقيرن سان نرم رويو اختيار ڪري رهيو آهي. تنهن ڪري هن کيس هٽائي نواب اعظم خان کي 1716ع ۾ ٺٽي جو صوبيدار ڪري موڪليو. زميندارن انهيءَ بدليءَ مان فائدو ورتو ۽ اعظم خان جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا. نواب کي شاهه عنايت سان ذاتي زنجش به هئي. چون ٿا ته هڪ ڀيري اعظم خان صوفي صاحب سان ملاقات لاءِ ويو ته فقيرن کيس ائين چئي جهلي بيهاريو ته شاهه صاحب جن درود ۽ وظيفي ۾ مشغول آهن. جڏهن ملاقات ٿي ته اعظم خان چيو ” درويش جي دروازي تي درٻان ٺيڪ ڪونه ٿا لڳن“ صوفي سڳوري يڪدم ورندي ڏنن ته ” ٺيڪ آهن، ته جيئن دنيا جا ڪتا اندر نه اچي وڃن“ اها ڳالهه اعظم خان جي ذاتي رنجش جو سبب بڻجي ويئي. اهاروايت صحيح آهي يا غلط، بهرحال نواب اعظم خان گڏيل هارپ جي تحريڪ کي چٿي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ صوفي سان ڇيڙ ڇاڙ شروع ڪري ڏني. هن صوفي شاهه عنايت کان اُهي واجبات گهرڻ شروع ڪيا، جيڪي ” ممنوعه سلطاني“ هيون، صوفيءَ جواب ڏنس ته اهي واجبات بادشاهه طرفان ئي معاف ڪيون ويون آهن ته توکي وٺڻ جو ڪهڙو حق آهي. ان جواب تي نواب باهه ٿي ويو. هن درٻارين ۽ نائبن سان صلاح مشورو ڪري بادشاهه ڏانهن شڪايت لکي موڪلي ته صوفي شاهه عنايت ۽ اُن جا فقير بادشاهي جي دعوي ڪري رهيا آهن. ۽ ان خليفته الله جي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن. فرخ سير انهيءَ مامري جي جانچ ڪرائڻ بنا حڪم جاري ڪيو ته باغين کي تلوار جي زور سان آڻ مڃڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي. مرڪز وٽان اجازت ملڻ سان ئي نواب اعظم خان جهوڪ تي ڪاهه ڪرڻ جي تيارين ۾ لڳي ويو. هن سنڌ جي رئيسن ڏانهن پروانا جاري ڪيا ته پنهنجو پنهنجو سپاهه وٺي مدد لاءِ پهچو، اعظم خان ، ميان يار محمد ڪلهوڙي، مڙني زميندارن ۽ ان علائقي جي سڀني ماڻهن نالي مدد جا حڪم وٺي تيار ڪري هن فقيرن سان پراڻو وير رکندا هئا. ائين هڪ اهڙي فوج تيار ڪري هن فقيرن تي حملو ڪيو، جنهن جو ڳاڻاتو نٿو ڪري سگهجي ۽ جاءِ ڪولين ۽ ماڪڙ کان به وڌي هئي ۽ سبيءَ ۽ ڍاڍر کان سمنڊ تائين جي علائقي مان ڪَٺي ڪئي وئي هئي. صوفي شاهه عنايت صلح پسند بزرگ هو. هن کي جڏهن زميندارن جي مخالفت ۽ اعظم خان جي فوجي تيارين جي ڄاڻ پئي ته ڏاڍو ڏکارو ٿيو. ۽ چيائين ” مان بازار عشق ۾ هي سودو انهيءَ ڪري ڪو نه آندو ۽ نه ئي مان گهريو پئي ته اهڙو گهمسان ٿئي جو وٺ پڪڙ جو ميدان تيار ٿي وڃي.“ جڏهن دشمن جي فوج جهوڪ ڏانهن مُنهن ڪيو ته فقيرن راءِ پيش ڪئي ته ڇو نه اسان اڳتي وڌي رستي ئي هن تي حملو ڪريون، ته جيئن شاهي لشڪر کي صفن ٻڌڻ جو موقعو ئي نه ملي ۽ جهوڪ گهيري کان بچي وڃي پر هن الله جي ٻانهي اڳرائي جي موڪل نه ڏني. جهوڪ فقيرن جي امن امان واري وسندي هئي، نه ڪي فوجي ڇانوڻي، فقيرن وٽ سند ” ڪاغذي“ تلوارن کانسواءِ، جن جا ڳن ڪاٺ جا هئا. جي ڪو هٿيار هو ته ڪاٺ هو هڪ رنبو هو. جڏهن ته دشمن ” هارين کي مارڻ واري لوهه جي توب“ سان هٿيار بند هو. ميان يار محمد (خدا يار خان ڪلهوڙو) ۽ ميران سنگهه کتري ملتاني جي خطن مان، جي جنگ جي ميدان مان لکيا ويا. پتو پوي ٿو ته پراڻي وقت ۾ دستور پٽاندر جهوڪ جي چوڌاري مٽيءَ جو مضبوط ڪوٽ ڏنل هو. انهيءَ کاهي جا ڪجهه حصا اڃا به موجود آهن. ۽ ان ۾ پاڻي بيٺل آهي. ميان يار محمد، گهيري دوران جيڪو خط پنهنجي پٽ نور محمد کي لکيو هو، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهي لشڪر 12 آڪٽوبر 1717ع کان ٻه چار ڏينهن اڳ اُٿل درياهه وٽان ڪوچ ڪري جهوڪ پهتو هو ۽ وسندي کان هڪ ميل تي کپ کوڙي ويٺو. البت اهو سو پتو نٿو پوي ته ڪاهي ايندڙن ۽ فقيرن جي انگ ڇا هو، ميران سنگهه کتري ملتانيءَ جي خط مان معلوم ٿو ٿئي ته نواب اعظم خان جي جماعت ٿورڙي هئي ۽ مقابلو اصل ۾ خدا يار خان جي وڏي فوج ۽ فقيرن وچ ۾ هو. هو لکي ٿو ته ”قلعه مفسد“ جي هڪ طرف کان خدا يار خان گهيرو ڪيو ۽ وڄ ڪيرائيندڙ بندوقن ۽ گجگوڙ جهڙو هوش اڏائيندڙ آواز ڪڍندڙ هٿيارن سان دشمن تي قهر وسائيڻ لڳو. ٻئي پاسي نواب اعظم خان نعرا هنيا ۽ تيرن سان جنگ جو هنگامو کڙو ڪيو، ميران سنگهه پنهنجي محسن خدا يار خان جي فوجي برتري ۽ شاهي لشڪر جي ڪمتري کي ڏاڍيءَ هوشياريءَ سان چٽو ڪيو آهي. فقيرن جي جماعت کي هو ڏهه هزار سوار ٻُڌائي ٿو، سو سراسر غلط آهي. هنن وٽ ايترا گهوڙا ته ڇا، پر ماڻهو به ڪين هئا. ميان يار محمد پنهنجي خط ۾ فقيرن جي راتاهي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته انهن مان قياس ڪري سگهجي ٿو ته فقيرن جي ڪُل انگ ٻن اڍائي هزارن کان مٿي نه هوندو، ۽ انهن وٽ بارودي هٿيار بلڪل ڪو نه هو. راتاهي جو واقعو 12 آڪٽوبر 1717ع جي رات جو ٿيو. جنهن رات شاهي لشڪر جهوڪ جو گهيرو ڪيو هو. ميان يار محمد لکي ٿو ته؛ ”آچر جي رات هئي. اسان جو لشڪر گهيرو هڻي ويٺو هو. اڃا پهر کن رات باقي هئي جي فسادين جا هڪ هزار ست سو پيادا راتاهي جي ارادي سان ڪنهن نه ڪنهن طرح لشڪر تائين پهچي ويا. ٽولا ٽولا ڪيترن ئي جاين تان لشڪر ۾ گهڙي آيا ۽ بنا ڪنهن ڀويا هٻڪ جي حملا ڪرڻ لڳا سو ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. پر اسان جي دليرن به لاشن جا ڍير لائي ڏنا ۽ ڪجهه ڦڏائي پنهنجي جان سلامت کڻي وڃي سگهيا.“ انهيءَ راتاهي ۾ آڪڙ پنهور، قاسم پٽ گهرام، سيد بولو وڪيل ٺٽو، احمد بوبڪائي ۽ اوڍيجا قبيلي جا اسان جا ڀائر ۽ ٻيا زميندار ماريا ويا“. جنهن وقت هي حملو ٿيو ته اهي سپاهي، جيڪي ميان يار محمد جي تنبوءِ تي پهرو ڏيئي رهيا هئا هيڏي هوڏي ٿي ويا. (شايد ڄاڻي واڻي) پر خير ٿي ويو جو ميان يار محمد جا ٻه پٽ ميان دائود ۽ ميان غلام حسين ۽ ڀاءُ مير محمد موقعي تي موجود هئا. ۽ انهن فتني جي گرد غبار کي تلوار جي پاڻيءَ سان ٽاري ڇڏيو. ان ويڙهه ۾ ميان غلام حسين زخمي ٿي پيو. گهيري کي ٻه مهينا ٿي ويا، پر شاهي لشڪر توپ تفنگ سان هٿيار بند هوندي به جهوڪ تي قبضي ڪرڻ جي جرئت ڪري نه سگهيو. انهيءَ وچ ۾ صاحبزاده سيد حسين خان ۽ ڪيئي ٻيا زميندار نواب اعظم خان جي پرواني جي پوئواري ۾ ڪمڪ وٺي جهوڪ پهچي ويا. پر ان عرصي ۾ شايد آبڪلاڻيءَ جي لپيٽ اچي وئي ۽ شاهه عنايت جي ڪوٽ جي چوڌاري چئن پنجن ميلن تائين ايتري ڇر اچي وئي جو سڪيءَ زمين جو ذرو به ڪٿي نظر نه پئي آيو. بهرحال صاحبزادي جي فوج جيئن تئين ڪري پاڻي ٽپيو ۽ جهوڪ جي ڪوٽ لڳ اچي مورچا هنيا. ميان يار محمد، پنهنجي پٽ جي ان اعمال بي مثال تي هڪ وڏو فارسي قصيدو لکي، سندس ائين ساراهه ڪئي آهي ڄڻ هفت اقليم فتح ڪئي هجي. انهيءَ ڊگهي قصيدي جا تاثر هيئن آهن؛ بادشاهه جي فوج سوڀاري آهي ۽ دشمن جي دل سوز کان ڪباب آهي، بادشاهه جي فوج کلي رهي آهي ۽ دشمن مُکڙي جيان پنهنجي مٿي تان پڳ لاهي ڦٽي ڪئي آهي، بادشاهه جي فوج دل باغ باغ آهي ۽ دشمن چٻرون جيان ويرانن ۾ پيو آهي، بادشاهه جي دل شاد ۽ ڪامياب آهي ۽ دشمن ۽ سندس لشڪر دلگير ۽ ناشاد آهي، بادشاهي فوج جو چهرو سرهائيءَ وچان ٽڙي پيو، ۽ دشمن عاجز ۽ نامراد آهي. بادشاهه جي فوج پر شڪود آهي ۽ دشمن پنهنجي جان کان بيزار آهي. بادشاهه جي فوج جو اٽالو ڦڙت ۽ تکو آهي، اهو دشمن جي سيني ۾ گهڙي وڃڻ واري تير جيان آهي“ پڇاڙي ۾ هو لکي ٿو ته صاحبزادو بلند اقبال ترت ئي ” ان بد سگال لعين“ (صوفي شاهه عنايت) کي قتل ڪندو يا گرفتار ڪندو. انهيءَ ڳالهه کي ٻه مهينا گذريا ويا، پر نه فقيرن جي اڳرائي واري قوت ۾ گھٽتائي آئي ۽ نه ئي شاهي فوج انهن کي مات ڪري سگهي. پوءِ هڪ ڏينهن صبح جو ” خان والا شان ۽ نواب عالي مڪان“ هاٿين تي سوار ٿي ” شيانه ۽ دليرانه“ جهوڪ جي ڪوٽ جي ويجهو آيو ۽ هن پنهنجن جانشين کي چيو ته ” پهريون توهان هن ڪوٽ کي توبن ۽ بندوقن سان ڪپهه جيان اڏائي ڇڏيو پوءِ اسان فقيرن جي حياتيءَ جي گهرڙن کي تلوارن جي باهه سان ساڙي رک ڇڏينداسين، اتفاق سان اتي ڪو صوفي جاسوس بيٺو هو. هن فقيرن کي دشمن جي ان منصوبي کان واقف ڪيو، ۽ اها سازش ڪامياب نه ٿي سگهي. گهيرو چار مهينا جاري رهيو، فقيرن وٽ توبون ۽ بندوقون ڪونه هيون تنهن ڪري هنن لاءِ راتاهي کانسواءِ ڪا واٽ ڪانه هئي. هي طريقو ايڏو ڪامياب ويو جو مير علي شير قانع جي چوڻ موجب ” ڪاهي آيل تباهيءَ جي ڪناري تي وڃي رسيا هئا.“ صوفي شاهه عنايت فقيرن کي هدايت ڪري ڇڏي هئي ته راتاهو نهايت ئي ماٺ ميٺ ۾ هڻجو پر هڪ رات ڪنهن فقير غلطيءَ کان اسم ذات (الله) جو نعرو هنيو ۽ ٻيا به ان ۾ شريڪ ٿي ويا. تنهنڪري لشڪر ۾ پنهنجا ۽ پرايا پڌرا ٿي پيا ۽ گهڻا فقير تلوار جي بُک ٿي ويا. شاهي لشڪر ۾ جاسوسن جي موجودگيءَ مان ۽ انهيءَ بيان مان ته نعري هڻڻ ڪري لشڪر ۾ پنهنجا ۽ پرايا پڌرا ٿي پيا، اهو گمان نڪري ٿو ته ڪي فقير ڳجهيءَ طرح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا هئا. شاهي لشڪر کي پنهنجا حمايت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا هئا. شاهي لشڪر جيئن ته ڀاڙيتو سپاهين جو هو ۽ جهوڪ سان انهن جي ڪو به شخصي دشمني نه هئي ۽ نه ئي ذاتي مفاد هو، تنهنڪري کين نواب ۽ زميندارن کان ڦيرائڻ بلڪل ڏکيو نه هو. انهيءَ قياس جي پٺڀرائيءَ، گهيري جي ڊگهائي ۽ ناڪامي به ڪن ٿيون. انهيءَ ۾ راتاهي ۾ هار فقيرن کي نقصان ضرور پهچايو، پر هنن جا حوصلا هيٺ نه ٿيا ۽ هو دشمن سان ائين ئي مقابلو ڪندا رهيا. نيٺ جڏهن فقيرن تي سوڀ ماڻڻ جو ڪو به امڪان نه رهيو ته دشمن ٺڳي ۽ دولاب تي لهي آيو. پهرين جنوري 1718ع تي صوفي شاهه عنايت آڏو صلح ۽ ٺاهه جي تجويز پيش ڪئي وئي. ” ميان خدا يار خان جي پٽ محمد خان ۽ مير شهداد خان وغيره فوجي سالارن ۾ قرآن مجيد وچ ۾ رکي عهد ڪيو ته فقيرن جي جان ۽ مال کي نقصان ڪو نه رسندو. شاهه عنايت جي ڪن ساٿين کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هي قسم ۽ انجام دشمن جون اٽڪلون آهن، انهن جي دوکي ۾ نه اچو ۽ مقابلو جاري رکو. پر الله پرست صوفي قرآن جي قسم ڪيئن پئي شڪ ڪري سگهيو؟ سو هن صلح جي تجويز منظور ڪئي. جهوڪ جي ڪوٽ جو دروازو کوليو ويو ۽ شاهي فوج بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ خون خرابي جي وسنديءَ تي قبضو ڪري ورتو. ان کان پوءِ صوفيءَ شاهه عنايت کي وڏي عزت ۽ احترام سان، صلح نامي تي صحيح ڪرڻ جي بهاني سان، نواب اعظم ان جي تنبوءِ تائين آندو ويو. پر اتي پهچندي ئي کيس پڪڙي هٿڪڙيون ۽ ٻيڙيون پارايون ويون. پوءِ پلاند جي باهه جهوڪ ڏانهن مُنهن موڙيو ۽ فقيرن جو کليو قتل شروع ڪيو ويو سندن گهر ساڙيا ويا سندن مال مڏيون لٽيا ڦريا ويا. وسنديءَ جو ڪوٽ ڊاهي پٽ ڪيو ويو. جهوڪ جي گڏيل راهڪي خون ۾ ٻڏي وئي، نه ٻج ڇٽيندڙ بچيا نه فصل ۾ لابارو وجهندڙ. جهوڪ کي نيست نابود ڪرڻ پڄاڻان نواب اعظم خان ٺٽي موٽي ويو. صوفي شاهه عنايت کي ڀريءَ درٻار ۾ گهرايو وي. مير علي شير قانع چوي ٿو ته صوبيدار ۽ صوفيءَ جي وچ ۾، درٻار ۾ جيڪي سوال جواب ٿيا. سو هڪ ”طولاني داستان“ آهي. نواب جيڪي به سوال ڪيا پئي، صوفي صاحب گهڻي ڀاڱي انهن جا جواب حافظ شيرازيءَ جي زبان ۾ پئي ڏنا. نواب اعظم خان؛ ٻڌاءِ ته تو هي گوڙ گهمسان پئي ڪيو هو؟ صوفي شاهه عنايت؛ جنهن ڏينهن الله آسمان کي ڦيري جو حڪم ڏنو ۽ مشتري کي ستارن سان سينگاريو هو، تنهن گهڙي قضا جي ديوان مان منهنجو اهو ئي نصيب مقرر ٿيو هو. ڀلا انهيءَ ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه، ڀاڳ ۾ اهو ئي لکيل هو. تنهن وقت اعظم خان وٽ شيخ محمد رضا شاعر ويٺو هو. تنهن چيو؛ دوست ننڊ مان سجاڳ ٿي. چريائيءَ جون ڳالهيون نه ڪر، هي تنهنجي حساب جو ڏينهن آهي. صوفي شاهه عنايت وراڻيو؛ منهنجو نيڪامي جي ڪنڊ ۾ گذر ئي نه ٿيو آهي. جيڪڏهن توکي نٿو وڻان ته منهنجي قضا يا مقدر کي بدلائي ڇڏ. اعظم خان؛ ته پوءِ مصيبت لاءِ تيار ٿيءُ. شاهه عنايت؛ البلاءَ للولاءَ لاڪالهب للذهب اعظم خان؛ ڇو پاڻ کي خراب ڪيئي ۽ مصبيت ۾ ڦاٿين؟ شاهه عنايت؛ عاشق مهڻي جو بار نه کڻي ته ٻيو ڇا ڪري؟ قضائي ٿير جي ڍال ڪنهن به بهادر وٽ ڪونهي. اعظم خان؛ هاڻي ته تون قتل ٿيڻ وارو آهين، سڳ اجائي ڊيگهه مان ڇا فائدو؟ شاهه عنايت؛ جنهن شخص جي دل عشق سان جيئري هوندي آهي سو ڪڏهن به نٿو مري. اسان جي ابدپت واري مهر ڪائناتي دفتر تي لڳل آهي. اعظم خان؛ وقت جي حاڪم جي اطاعت چو ڇڏيئي؟ شاهه عنايت؛ اسان مريد پنهنجو منهن ڪعبي طرف ڪيئن ڪريون، جڏهن اسان جي پير جو منهن مئخاني طرف هجي. اعظم خان؛ هيئنر پنهنجي خواهش جي ناڪاميءَ تي ڏکارو ڇو آهين؟ شاهه عنايت؛ جنهن وقت عشق جي چشمي تي وضو ڪيم، تنهن وقت هستيءَ جي هر شيءَ کي ست سلام چئي ڇڏيم. اعظم خان ڏٺو ته هي شخص نه کائنس ڊڄي ٿو ۽ نه ئي پنهنجي ڪئي تي پڇتائي ٿو ۽ نه جان بخشيءَ لاءِ منٿ ۽ ايلاز ٿو ڪري، ته هن حڪم ڏنو ته ته گستاخ صوفيءَ کي جيل ۾ بند ڪيو وڃي. شاهه عنايت ويندي ويندي هي شعر پڙهيو؛ ساقيا برخيز در ده جام را، خاڪ برسر ڪن غم ايام را. 7 جنوري 1718ٿ مطابق 15 صفر 1130 هجري تي صوبيدار اعظم خان جي حڪم تي صوفي شاهه عنايت جو ڪنڌ ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو. پڇاڙيءَ وقت آڏيءَ تي هو شعر پڙهي رهيو هو؛ رهايندي مرا از قيد هستي جزاڪ الله في الدارين خيرا. صوفي شاهه عنايت شهيد ٿي ويو. انيڪ فقير تلوار جو بک ٿي ويا ۽ جهوڪ جي وسندي ويران ٿي وئي. تڏهن به اقتدار جي مالڪن جي اها حالت هئي جو خوف و هراس مٿن واسو ڪيو ويٺو هو. فقيرن جو نالو ٻڌي ڏڪڻ لڳندا هئا. تنهنڪري ئي نواب اعظم خان پڙهو گهمائي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن ڪنهن جي زبان مان لفظ الله ( جو فقيرن جو اسم تڪبير هو) وڏي وات نڪري، ته سندس ڪنڌ ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي. انهيءَ حڪمتي تبصرو ڪندي مير علي شير قانع لکي ٿو ته سبحان! ڇا ته الله جي خدائي آهي، جو خود سندس نالو کڻندي ئي ڪنڌ وچيا وڃن، پر عاشقن جو اهو ئي پيچرو هو. چئي نٿو سگهجي ته اعظم خان ۽ صوفي شاهه عنايت جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جو داستان، اعتبار جوڳي شاهدي ۽ ثبوت تي بيٺل آهي. يا وري صوفي شهيد جي ڪنهن خوش مزاج پوئلڳ جي خيالي اڏام جي تخليق آهي. پر انهي ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته شاهه عنايت پڇاڙيءَ دم تائين پنهنجي زندگيءَ جي اصول تي اٽل رهيو. هن اٽل ارادي واري بنياد ۾ گهڙي پل لاءِ به لوڏو نه آيو. تحفته الڪرام جي بيانن مطابق ميان يار محمد ڪلهوڙي کي ” اعلي خدمتن“ جي عيوض سماواتي ۽ ڇاڇڪان جي علائقي کان وٺي ڪڪري، ڏنداحجام، دور تڪ، رجب، پسر، پاڇاٽ، ٺور ۽ ديهه سائين ڏنو جا علائقا انعام طور عطا ڪيا ويا. اهڙيءَ ريت سنڌو ماٿري ۾ اجتماعي زراعت ۽ انقاف ڀري ونڊ ورڇ (دولت جي) جو پهريون ڀيرو تجربو پنهنجي توڙ تي پهتو. صوفي شاهه عنايت جاگيراڻي دور ۾ اجتماعي زراعت يعني سوشلسٽ طريقي واري پيداوار ۽ ورڇ رواج ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. سندس هي قدم لک شاباس ۽ ساراهه جوڳو آهي. ۽ سندس ساٿين جون قربانيون لک احترام ۽ عزت جوڳيون آهن. پر سماجي ارتقا يا ابسر جي قانون ۽ نيم تي ڪنهن جو به اختيار نه آهي. ڪوبه شخص کڻي ڪيڏو وڏو انقلابي ڇو نه هجي ۽ خلق جي خدمت جي جذبي سان ڪيترو سرشار ڇو نه هجي انهيءَ قانون تي حاوي نٿو ٿي سگهي. صوفي شاهه عنايت جي خواهش ڏاڍي سٺي سڀاءُ جو سپنو هو، پر اهو خواب هو گهٽ ۾ گهٽ ٻه صديون اڳ ڏسي رهيو هو، جڏهن انهيءَ خواب کي حقيقت بنائڻ لاءِ نه معروضي حالتون موجود هيون نه موضوعي حالتون مناسب هيون نه پيداواري قوتن ايتري ترقي ڪئي هئي. جو جاگيرداريءَ جي پڄاڻي اڻٽر ٿي پوي ها، نه ئي پورهيتن ۽ محنت ڪشن ۾، جن جو مقصد سوشلسٽ انقلاب برپا ڪرڻ هو. پنهنجي تاريخي ڪردار جي شعور پيدا ٿيو هو. ارڙهين صدي جو پورهيت طبقو سنڌ ۾ سوچي نه پئي سگهيو. ته نوابن ۽ جاگيرن جي هٿ مان سياسي طاقت کسي پاڻ اقتدار ۾ اچڻ گهرجي. جهوڪ وارن ته ڪڏهن ٺٽي تي قبضي ڪرڻ جو به نه سوچيو هوندو، سنڌ ته وڏي ڳالهه هئي) اهڙي صورت ۾ صوفي شاهه عنايت جي تجربي کي لازمي طرح ناڪام ٿيڻو هو، سو نيٺ ٿيو. پر اها ناڪامي ٻاهرين قوتن جي چالبازين جي ڪري ٿي، نه ڪي اندروني خرابين يا اوڻائين ڪري. صوفي شاهه عنايت کي پنهنجي تجربي جي تاريخي اهميت جو احساس نه هو ۽ نه ئي هن کي ان ڳالهه جو اندازو هو ته گڏيل هارپ جي تحريڪ، ڪنهن ننڍڙي دٻي ۾ پٿريجي اڇلڻ ڪري پيدا ٿيل چر پر کان وڌيڪ نه هئي. پر صوفي ان حقيقت کان واقف نه هو، ته انهن لهرن ۾ طوفاني موجن جي حالت لڪل آهي. جيڪا اُڀري اٿي پوري جاگيرداري نظام کي ڪک پن جيان لوڙهي وڃڻ جي سگهه رکي ٿي. هن بزرگ ۾ عوام هٿياربند جدوجهد جي اڳواڻيءَ جي صلاحيت به نه هئي. مثال طور جڏهن فقيرن مشورو ڏنو ته نواب تي اڳتي وڌي رستي ۾ ئي حملو ڪرڻ گهرجي ته جيئن دشمن کي تيار ٿي جهوڪ تي گهيرو ڪرڻ جو موقعو ئي نه ملي ته صوفي شاهه عنايت اڳرائي کان انڪار ڪري ڇڏيو. ۽ بچاءِ واري مقابلي تي ئي محدود رهيو. اهڙيءَ ريت لڙائي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي لڙائي جو نبيرو ٿي ويو، ڇو ته بچاءِ واري جنگ عام طور تي هار يا شڪست جي اڳيان ٿيندي آهي ( اها غلطي 1857ع ۾ دهلي جي قلعي ۾ ويٺل لشڪر به انگريزن کي موقعو ڏنو ته هو پنجاب ۽ ٻين هنڌن تان فوجون ۽ سامان سڙو ڪَٺو ڪري وڃي دهليءَ تي حملا ڪن.) هنن قلعي بند ٿي دشمن کي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي ۽ پنهنجو ناتو سنڌي عوام کان ڪٽي ڇڏيو. اهو سبب آهي جو سنڌ جو هاري ناري فقيرن جي سرفروشي واري جدوجهد کي پنهنجي جدوجهد نه سمجهي سگهيا. نتيجو اهو نڪتو جو جهوڪ جي فقيرن کي اها جنگ اڪيلي وڙهڻي پئي. سنڌ ۾ هنن جو ڪوبه حامي ۽ مددگار پيدا نه ٿيو. فقيرن جي جنگ هڪ وقتي ۽ مقامي دکدائڪ واقعي کان وڌيڪ اهميت حاصل ڪري نه سگهي. مٿيون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر ڇا صوفي شاهه عنايت جو اهو تاريخي عمل ڪنهن به لحاظ کان غير اهم هو، جيڪو گڏيل هارپ جو ڪامياب تجربو ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيڪڏهن جاگيردار ۽ زميندار وچ ۾ نه پوي ته هارپو وڌيڪ وڻندڙ نموني ٿي سگهي ٿو. ڪروڌ ۽ دشمني جي ڀيٽ ۾ ايڪي ۽ امداد باهميءَ جا جذبا اڀري اسري سگهن ٿا. صوفيءَ جي عمل اهو به ثابت ٿيو ته رياست جي قوت ۽ طاقت، حق ۽ انصاف جي حمايت ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ هيل تائين هميشه عوام خلاف مٿئين طبقن جي مفادن جي حمايت ڪندي رهي آهي. ڏک اهو آهي ته تاريخ جي درسي ڪتابن ۾ محمد بن قاسم، محمود غزنوي ۽ احمد شاهه ابداليءَ جي حملن جو ذڪر ته ڏاڍي زور شور سان ڪيو وڃي ٿو. پر اسان جو نئون نسل صوفي شاهه عنايت شهيد جي نالي کان به واقف نه آهي.