گوگل ڳولا انجڻ کي دنيا جو سڀ کان طاقتور ۽ بهترين ڳولا انجڻ هجڻ جو اعزاز حاصل آهي۔۔۔ هرڪو ماڻهون هن کان واقف به هوندو ۽ استعمال به ڄاڻندو هوندو۔۔۔ اڪثر ڪنهن شي کي انٽرنيٽ تي ڳولا ڪرڻ کي ”انٽرنيٽ سرچنگ“ چيو ويندو آهي پر گوگل جي مشهوري وڌڻ کان پوءِ مون دوستن کان اهو به ٻڌو آهي ته ”انٽرنيٽ تي گوگل ڪر هر شي ملي ويندي۔۔۔“ عام طور تي جڏهن گوگل ڳولا انجڻ ۾ جڏهن ڪنهن شي جي ڳولا ڪئي ويندي آهي ته گوگل جي سائيٽ کولي ڳولا واري بار ۾، ان کي لکيو ويندو آهي۔۔۔۔ پر ڇا توهان کي خبر آهي ته گوگل ۾ ڪجهه اهڙيون سهولتون پڻ موجود آهن جن کي استعمال ڪري پنهنجي مطلوبه شي کي نه صرف آرام سان ڳولي سگهجي ٿو پر ان ڳولا جا بهترين نتيجا به معلوم ڪري سگهجن ٿا۔۔۔۔۔ ڳولا جي نوعيت کي نظر ۾ رکندي توهان گوگل کي کي هدايت ڏئي پنهنجي ڳولا کي آسان بڻائي سگهو ٿا۔۔۔۔ هتي هڪ نئون سلسلو شروع ڪيو پيو وڃي جتي گوگل ڳولا بابت ٽپس ونڊائي سگهبيون ۔۔۔۔ هوئن ته ڪافي ماڻهون گوگل ۾ ڳولا جي کوڙ سارين ٽپس کان واقف هوندا پر اهي ماڻهون جن کي انهن جو علم گهٽ آهي انهن لاءِ هي سلسلو بهترين ثابت ٿيندو۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
پر ادا رشيد مان انهن ڳالهين کان صفا اڻ واقف آهيان، دوست وارو ڪر ڪڏهن ٿا اهو سلسلو جاري ڪيو۔۔ اصل ان جي لاءِ مان ماندو آهيان۔۔۔۔۔ توهان جهڙا دوست هجن پوءِ ته اصل موجون ئي موجون آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ shal judy hujeen
تمام پيارو سلسلو آهي ادا رشيد سمون صاحب مان ته پاڻ چاهيان پيو ته جيڪر اهڙو سلسلو شروع ٿئي سو ان لا۽ مان هيئنر ئي پهرين ٽپ شيئر ٿو ڪريان
بهتر رهندو ته هر گوگل جي ٽپ ڏسڻ لاءِ نئون موضوع موڪليو جيئن دوستن کي ٻيهر ڳولڻ ۾ آساني ٿئي ۔۔۔۔ انهيءَ ڪري مون توهان جي پوسٽ کي نئين موضوع طور تبديل ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔