حضرت شاهه شهيد جي ولادت ۽ سندن ننڍپڻ جو احوال

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    حضرت شاهه شهيد جي ولادت ۽ سندن ننڍپڻ جو احوال ​

    پاڻ هجري سنه 1066 مطابق عيسوي 1649 ۾ تولد ٿيا . سندن گهراڻو اصل مخدومن برزگن جو هو جي شرع جا صاحب هئا، پاڻ پنهنجي والد صاحب کي ٽن پٽن مان وچان پٽ هئا، سندن ننڍائپ ۾ سندن خيال سير سفر ۽ خدا صاحب يعني طلب حق جو هو، ان ڪري پنهنجي والد بزرگوار جي وقت ۾ علم ديني ودنيوي ننڍائپ جي وقت حاصل ڪيو هئائون پر جڏهن الله تبارڪ و تعالي جي درٻار مان کين وڏو درجو ولايت ۽ ڪماليت جو ملڻو هو، تڏهن ظاهري سندن خيال بي متوجه ان رتبه ملڻ وارن ڪم ڪرڻ جو هو.
    شاهه صاحب ڀٽائي عليه رحمته ٿا فرمائين ؛
    بيت؛
    آگي اڳيئي ڪيا، اهي نسورئي نور،
    لاخوف عليهم ولاهم يحزنون، سچن ڪونهي سور،
    مولا ڪيو معمور، انگ ازل ۾ انجو.
    حضرت صوفي صاحب جو مرشد جي ڳولا ۾ نڪرڻ.
    جڏهن پاڻ آغاز جواني جي عمر ۾ آيا تڏهن حضرت مرشد صاحب جن جي طلب ۾ نڪتا وطن ميرانپور کان سير ڪندا. سنڌ مان ٽي آدمي ٻيا به هر هڪ ميان امين محمد صاحب سوري وارو نقشبندي جنهن جو خاندان اڃان تائين آهي. ٻيو شاهه حمزو نمن وارو ٽيون ميان ابراهيم ڪاتيار ٻال ٻوچڙن وارو (جنهن جا ڏوهٽا سيد اڃان آهن) به ساڻ شريڪ ٿيا ۽ گهمندي گهمندي جاچيندا ملتان شريف ۾ آيا. اتي شيخ شمس الدين ملتاني جي خدمت ۾ رهيا اتان هڪ سال کان بعد دکن ملڪ ۾ برهان پور شهر منجهه حضرت شاهه عبدالمالڪ صاحب جيلاني سيد پوٽي حضرت پير دستگير شنشاهه قطب الاقطاب غوث الاعظم ميران محي الدين شيخ عبدالقادر جيلاني رحمته الله عليه جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو کين حڪم مليو، پوءِ پاڻ ان امر موجب ملتان کان دهلي کان ڦرندا برهان پور ۾ پهتا. برهان پور بمبئي کاته جي خانديش ضلعي ۾ شهر آهي جو اڳي نظام دکن جي هٿ ۾ هو. اتي حضرت شاهه عبدالمالڪ صاحب جن بادشاهه جي وزارت جو ڪم ڪندا ها. جڏهن پاڻ سندن خدمت ۾ حاضر ٿي عرض گذاريائون ته غلام خدا صاحب جل شانه هو جن جي راهه جي طلب لاءِ حضور ۾ حاضر ٿيو آهي. تڏهن فرمايون ته چڱون، پوءِ کين خدا صاحب جي واٽ ڏسي هڪ هنڌ ويهي ان جي ڪمائڻ جو حڪم ڪيو.
    مرشد جي ڪچهري ۽ سندن مجاهدا.
    پوءِ حضرت صوفي صاحب هڪ ميدان ۾ جتي خلاصي جاءِ هئي ويهي مرشد جو ڏسيل رستو ڪمايو، مگر ان ۾ ايترو مجاهدو ڪيائون جو جسم ۽ کاڌو پيتو به وسري وين، دکن جي ملڪ ۾ بانس جو وڻ گهڻو ٿيندو آهي، ان جو دستور ڦٽڻ جو اهڙو ٿيندو آهي جو راتو رات سئي وانگر زمين مان ڦٽي نڪري، ۽ گرانٺ جو قد روز مرهه وڌندو وڃي، پاڻ جنهن هنڌ مراقبه ۾ اسم الله تعالي جو ڪمايائون، اتي جو بانس ڦٽو سو هڪ ٽاري بانس جي سندن هڪ ٻانهن مان ٻئي پاسي ٻئي ٽاري سندن ٻئي ٻانهن مان کل ۽ گوشت مان لنگهي پار هلي ويئي. ۽ پاڻ به ان سان گڏ زمين کان مٿي ٿيندا ويا، جيئن اهيو وڻ وڌندو ويو تيئن پاڻ مٿي ويندا رهيا حالانڪه انهي حالت ۾ کين ٻارهن سال عرصو گذري ويو. ۽ وري سندن مرشد کي به انهن جي يادگيري نه رهي پاڻ ظاهر جي ڪري وزيري جي ڌنڌي ۾ هئا ۽ باطن ۾ ته سڀ ڪا خبر هئن پوءِ ٻارهن سالن جي عرصي کانپوءِ هڪ وقت سندن سواري جو گذر ٿيو، جتي حضرت صوفي صاحب جن ويٺا هئا، اوچتو سندن نگاهه صوفي صاحب تي پئي، پوءِ حڪم ڪيائون ته سڏي فقير کي وٺي اچو. شاهه صاحب جي اتائين ان بانس کي ڪارائي سان هيٺيان مٿان ڪپارائي حضرت صوفي صاحب کي وٺي آيا، مگر پاڻ جو ٻارهن سال سانده ان پاڻي ڇڏي ڏنو هو ۽ وري بانس جو ڪاٺيون جيتريون کل ۽ گوشت ۾ پيون هيون سي بدن ۾ رهيون ان ڪري سندن طبع عليل ٿيل هئي، جو کين جاء تي کڻائي پاڻ انهن ڦٽن جو علاج ڪرايائون، اهي ڦٽ ڇٽا ۽ سندن خوراڪ به رکيائون جو وڃي وري قوت واري حالت کي پهتا، ۽ مرشد جي درٻار م فيض عطا ٿين.
    شاهه صاحب ڀٽائي عليه ال رحمت جن فرمائين ٿا؛
    بيت؛
    نيهن سورو نيل، سوري سڪ پرين جي،
    ڪاتي قريبن جي، وهي ويل ڪ ويل،
    ٻٺ تنهين سان ٻيل، ڪسڻ جن قبوليو.​
    بيت؛​

    سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان، ڌر ڍونڍيان سر نانهه،
    هٿ ڪارايون انڱريون، ڪپجي ويا ڪانهه،
    وحدت جي وهانهه، جي ويا سي وڍيا.​
    حضرت صوفي صاحب جن جو حضرت شنشاهه مرشد صاحب جن کان موڪلائي سنڌ ۾ اچڻ.
    پوءِ پاڻ هڪ سال جيترو عرصو حضرت مرشد صاحب جي حضور ۾ رهيا ۽ فيض جي ڪماليت حاصل ڪري، مرشد کان موڪلائي، پنهنجي وطن اچڻ جي اجازت ورتائون ۽ مريدن ڪرڻ جي به رخصت چاهيائون، تڏهن حضرت شاهه عبدالمالڪ صاحب جن ٽي شيون سندن اڳيون رکيون. فرمايائون ته هنن سوکڙين مان جيڪا سوکڙي اوهان کي وڻي سا وٺو. اهي ٽي شيون ترار، تسبيع ۽ ڪونئرو هيون. پاڻ ترار کنيائون، مرشد سندن فرمايو ته انهي چيز جو وڏو اجورو آهي، پاڻ فرمايائون ته، سر حاضر آهي. پوءِ سندن مرشد فرمايو ته چڱون ماٺ ۽ صبر ڪري سر ڏجو، ڪو تحرڪ يا تصرف نه ڪجو پوءِ پاڻ اها ترار کڻي موڪل وٺي جنهن رستي کان آيا هئا. سو ساڳو رستو وٺي وطن ڏي موٽيا سندن مرشد جو اهيو امر هو ته هندوستان مان ماٺ ڪيون وڃجو. ڪو مريد نه ڪجو، چون ٿا ته پاڻ هڪ گهوڙي جي سواري تي هئا ۽ هميشه گهوڙي جي هني جي ڀرڻي تي مٿو رکيون پي آيا ڪنهن وقت جي مٿو مٿي پئي ڪيائون ۽ ماڻهن پئي ڏٺو ته ڏسڻ سان مريد پئي ٿيا. جڏهن پاڻ دهلي ۾ وارد ٿيا ته ٻه سيد بهره وال هر هڪ ميان حسين علي شاهه ۽ ميان عبدالله شاهه سندن مريد ٿيا جي ان وقت دهلي جي بادشاهه جا وڏا وزير ۽ صوبا هئا. بادشاهه جي بيهڪ ئي انهن تي هئي اتان وري خراسان جو دڳ ڏئي سنڌ ۾ آيا ايتري مسافري ۾ ٻيا ته صدها مريد ٿيا مگر 500 هندي فقير ساڻن هم رڪاب ميرانپور ۾ آيا. جي وري نه ويا پوءِ پاڻ انهن 500 مريدن سميت ميرانپور ۾ وارد ٿيا هنن هندي فقيرن جو خليفه سليمان هندي هو.
    ان وقت جي پيرن جو ساڻن حسد
    ناظرين صاحبو، حضرت صوفي صاحب کان اڳ مخدوم صدرالدين صاحب کان وٺي شاهه مخدوم فضل الله صاحب سندن والد تائين جي ڇهه پيڙهيون سندن سنڌ ۾ ٿي گذريون سي اچ جي خاندان جا خليفه ۽ مخدوم ٿي گذريا. يعني سندن خاندان مخدومن جو هو. جيئن ڪي ٻيا مخدوم ڪيترا سنڌ ۾ آهن. ۽ صاحب شرع هئا، ان ڪري حسد جو بنياد انهي خاندان سان ڪنهن جو نه هو، وقت خير جو گذرندو ٿي آيو، پاڻ شرعي ڪمن ۾ پورا ۽ مسلي مسائل جي رونق واري بازار سرگرم هئي. مگر حضرت صوفي صاحب جي برهان پور کان موٽي اچڻ بعد ربوبيت وارا راز سرگرم ٿيا ابديت جا آواز منهدم ٿيا، (من عرف نفسه فقد عرف ربه) يعني جنهن آدمي پنهنجي نفس کي سڄاتو تحقيق تنهن پنهنجي رب تعالي کي سڄاتو وارو چرخو چلڻ لڳو؛
    بيت؛
    هوڪو همه اوست جو، سڻج ڌيان ڌري،
    الله ان بڪل شي محيط، پرين ناهه پري،
    ٿو سهسين ويس ڪري، سير اي آهه سپرين.​
    اڳي جو سنڌ ۾ رواج هو جو ابديت جو آواز هو سو همه از اوست جو هو هيئنر اچي همه اوست ظاهر ٿي.
    بيت؛
    مڙيوئي محبوب آهه، ناهه تفاوت تر،
    لاموجود الا هو، خاصن هئي خبر،
    آهه ساروئي سر، صورت هن سنسار جو.​
    بيت؛
    اڳي عام آچار ويچار هو، هيئنر اچي خاصن جي، خنڪار ٿي.
    بيت؛
    هم کي هڪ ڄاڻ تون، هم هڪ آهي،
    لا سين ڇڏ لاهي، خام خودي جا خطرا،​

    اڳي خودي جي خطرات وجود سان رائل مائل هئي هيئنر هيڪڙائي هڪ جي ثابت ٿي پئي ٻيائي ٻڏي وئي.
    بيت؛
    نفي ڌارن نانهه ڪو، چينچل ٻيو چارو،
    ودجدڪ ضالا فهديٰ، سمجهه اشارو،
    مارج نغارو، نفي ٿي اثبات جو.​
    اڳي اثبات ۾ ثبوتي هئي هيئنر نفي ۾ اثبات ثابت ٿي بيٺي.
    بيت؛
    مرد نه مرن ڪڏهين، وهي هوءَ نهوءَ،​

    فسبحان الذي بيده ملڪوت ڪل شيئي، جو چاهي ٿي سوءَ،
    جو ويهي کان هٿ وڌوءَ، لکين ذيهون ان جون.
    اڳي (وحي) تي ڀروسي جي حالت هئي هيئنر وهي وسارڻي پئي.
    عربي شعرـ
    قصته العشق لن فصام لها،
    مرضته العشق لن علاج لها.
    يعني عشق جو قصو پورو ٿيڻو نه آهي, نه ڪي عشق جو مرض علاج پزير ٿيڻو آهي. قصو ڪوتاهه اڳي جو مذهب هاڻوڪي مشرب صوفي صاحب واري مواقف سنڌ ۾ مروج نه هو. هي جو نئون مشرب اچي جاڳيو ان جي ڪري هزارين آدمي سندن مريد ٿيڻ لڳا ۽ خاصيت اها ته، جنهن مطلب لاءِ لکين آدمي مٿا هڻندا رهيا، ته ڪنهن مخصوص المخصوص کي رب ڪريم جي بارگاهه جو قرب حاصل ٿيو ٿي، سو هيئنر جيڪو شخص حضرت صوفي صاحب جو مريد ٿيڻ ٿي آيو، ته ٿوري ئي ڪشالي بعد قرب رباني کي وڃي ٿي پهتو. اهوئي باعث ملن کي حسد جو ٿيو. ظاهري بهانو شرعي ڪم جي تهمت جي بدعي جو پيدا ڪيائون، پوءِ ته اچي مريدن جو زور ٿيو جيئن پوءِ تيئن وڌندا ويا.
    حضرت شاهه شهيد صاحب جن جي شادين جو ذڪر
    پاڻ شرعي رسم موجب چار حرم عقد تزويج ۾ آندا هوائون. پهريون حرم سندن چاچي مخدوم محمد عمر صاحب جي نياڻي هئي، انهي حرم مان کين ڪا اولاد ڪانه هئي. ٻيو حرم ڪڇ ڀڄ جي راجا جي خاندان مان هو، ان حرم مان کين وڏو فرزند شاهه خليل الله شاهه هو، جو شهادت جي وقت پنهنجي ناناڻي ملڪ جي طرف گجرات ڏي ويل هئا. جتان ايران ويا. ٽيون حرم سندن ٺٽي جي مخدوم محمد اسماعيل جي نياڻي هئي، ان مان به کين ڪا اولاد نه هئي. چوٿون حرم سندن ٺڪرن سوڍن جي گهراڻي مان هو، جنهن حرم مان ٻه فرزند پير عزت الله شاهه ۽ سلام الله شاهه هئا جي ٻئي شهادت وقت پنهنجن ناناڻن عزيزن ۾ هئا. اهي چار ئي حرم پاڻ هندوستان مان حضرت مرشد صاحب جي درٻار مان فيض وٺي اچڻ بعد شاديون ڪيون هوائون.
    يار محمد ڪلهوڙي جو ضد پوڻ
    اي صاحبو، اهيو وقت سنڌ جي حڪومت لاءِ اهڙو هو، جو منجهس ڪو نالير وارو حاڪم نه هو انڌ ڌنڌ واري حڪومت هئي ان وقت ۾ سڀني حڪمرانن ۾ ڪلهوڙا جرئت ڀريا هئا، ۽ پنهنجي حڪومت جو پايو وجهڻو هوئن ان ۾ سرگرم هئا. ڪراچي هاڻوڪي واري جي ڀرسان ڪي پنهون ويٺا هئا جن جي چڱي مڙس جو نالو دائود هو سنڌو دريا جي پار جو ملڪ انهن جو هيو، ڪلهوڙي يار محمد انهن جي گهرن کي باهيون ڏياري ملڪ کسي لوڌي ڪڍي ڇڏين، جي اچي هڪ سو چاليهه (140) آدمي ميرانپور ۾ حضرت صوفي صاحب جن وٽ سام پيا. جن جي لاءِ ڪلهوڙن صاحبن ڪريمن ڏي آدمي موڪليا ته اهي ٻانهون ڏيو جي صوفي صاحب نه ڏنيون ۽ چوائي موڪليائين ته اهي آدمي اچي سام پيا آهن، سو سامن تي سر ڏبو آهي سام نه ڏبي آهي. ان ڪري ڪلهوڙن کي اها ڳالهه اهڙي چبهي جو پڪ ٿين ته شايد حڪومت اهي فقير کسيندا. ڇو ته پاڻ به اهڙي ئي ريت زور ورتو هئائون جن سنڌ جي تاريخ ڏٺي هوندي تن کي آدم شاهه ڪلهوڙي جو نالو ياد هوندو فارسي واري چيو آهي.
    دز در اوزد شناسد ولي، اولي شنا سد.
    يعني چور کي ٻئي سڀ خلق چور نظر ايندي ۽ ساڌ کي ٻئي سڀ خلق ساڌ نظر ايندي، جڏهن انهي قصي ڪري ڪلهوڙن کي حضرت صوفي صاحب جن سان ضد ويٺو ته بلڙي وارن سيدن جي مخفي چور به اچي انهن سان شامل ٿي، تن صلاح ڪئي ته اسانجي حضرت صوفي صاحب جن سان پڄڻ جي جاءِ نه آهي، سو سندن مريد هندسنڌ ۾ آهن ۽ نه وري اڃان پاڻ پنهنجي سر سنڌ جا حاڪم هئا سنڌ دهلي جي تابع هئي تن وڃي دهلي جي بادشاهه سان جو ان وقت فرخ سير هو. انهي حڪمران سان سارو قصو ڪيو.
    دروغ مصلحت آميز به از راستي فتنه انگيز
    يعني ڪوڙي صلاح گڏيل سچ خلل اٿاريندڙ کان چڱو آهي. ان ”فرخ سير“ کي ذهن تي آندائون، جيترو حضرت صوفي صاحب جن جي مريدن جو عروج آهي، ان مان ڄاڻجي ٿو ته هندوستان جي حڪومت اوهان کان کسيندو، اسين ته هن جي آڳيان ائين آهيون جيئن باز آڳيان جهرڪي. صاحبو؛ اها مهل دهلي جي لاءِ به اهڙي هئي جو ساڳئي سنڌ وانگر انڌا ڌنڌ ئي هئي شنشاهه اورنگزيب جا پٽ پوٽا ويهارو کن هئا اهي سڀ بي همٿ ۽ ڪمزور هئا وزيرن جي هٿ ۾ راڄ هو، جنهن کي وڻيو ٿي، ان کي واري سان پئي تخت مليو تنهن ڪري فرخ سير کي اهو دڙڪو سچو ۽ معتبر نظر آيو، ان يڪدم يار محمد ڪلهوڙي جي آدمين کي پنهنجي وڏي ڪٽڪ سان حضرت صوفي صاحب جن جي شهادت لاءِ سنڌ ڏانهن واپس موڪليو.
    سندن مريدن جو ارادو
    جڏهن ان وقت اهو ضد ۽ فساد ايتري قدر اچي زورور ٿيو، تڏهن انهن پنجن سون (500) مريدن، جي هندوستان مان ساڻن گڏ آيا هئا، ۽ سنڌ ۾ سندن چويهه هزارن (24000) کان به وڌيڪ مريد ٿيا هئا، تن سڀني ارادو ظاهر ڪيو ته مرشد هادي حڪم ڏين ته باطن جي برڪت واري زور سان فرخ سير خواه يار محمد ڪلهوڙي جو بنياد ڪڍي ڇڏجي، انهن چويهه هزار مريدن کان سواءِ سندن چاليهه خليفه هئا جن ۾ چوڏانهن (14) وڏا خليفه هئا، جن مان هر هڪ وٽن اچي پئي عرض ڪيو ته انهن دشمنن جو بنياد پٽي ڇڏجي.ان مان هڪ مثال ناظرينن لاءِ پيش ڪريان ٿو جنهن مان انهن فقيرن جي زور ۽ قوت ۽ ولايت جي دسترسي جو قياس ڪري سگهندا.
    مير جان الله شاهه روهڙي وارو سندن پهرين نمبر ۾ خليفو هو ان جو پٽ شاهه قلندر علي شاهه ٿي گذريو ان جو ڀائٽو ميرجان الله شاهه سيد وچون ٿي گذريو آهي، ان جي ڳالهه ڪندا آهن ته شاهه شجاع جو 1838ع ۾ خراسان کان ڀڃي اچي سنڌ ۾ انگريزن جي پيش پيو سو روهڙي ۾ مير جان الله صاحب جي ڪوٽ جي دروازي وٽ دعا طلبي ۽ مريد ٿيڻ لاءِ آيو، صبح کان ٽپهري تائين ڪوٽ جي دوازي وٽ محفه سودو لٿو پيو هو دربانن ته اچي اندر صاحبن مير جان الله سائين کي بروقت رپورٽ ڪيو هو، مگر پاڻ جيستائين اجازت ڏين تيستائين اندر وڃڻ جو امر نه هو. شام جي نزديڪي ۾ پاڻ حڪم ڏنائون ته شجاع شاهه کي حاضر ڪجي، شاهه شجاع حاضر ٿي قدم بوس ٿيو ۽ استدعا مريدي ۽ حڪومت ملڻ جي ڪيائين. فرمايائونس ته خراسان جو تخت توکي ڏنوسين ۽ مريد به ڪيائونس، ان تصرف جي ڪري انگريزن شاهه شجاع کي مدد ڏيڻ قبول ڪئي، جڏهن غزني ۾ پهتا ۽ اتي لڙائي هلي ته شاهه شجاع جي لشڪر جي هار ٿيڻ لڳي اتي سڏ ڪيائين ته، مرشد رسجائين پاڻ هتي جو روهڙي ۾ جيئن ڪچهري ۾ ويٺا هئا تيئن اٿي کڙا ٿيا ۽ بيهي ٽي ڀيرا جيئن ڪنهن جي پٺي ٺپبي آهي تئين ٺپيائون. حاضر مجلس وارن عرض ڪيو ته قبلا اهو ڇا باعث هو پاڻ فرمايائون ته شجاع غزني ۾ پئي لڙيو سندن لشڪر ڀڄڻ ۾ هو اتي سڏ ڪيائن اسان پٺي ٺپيس ته فڪر نه ڪر تخت توکي ملندو. جو برابر تخت کيس مليو حڪومت تي ويهڻ شرط هڪ لک روپيا نظرانو نينگرن جي طهر جي لاءِ موڪليائين جي پاڻ خدا جي واٽ ۾ ڏئي، پنهنجن نينگرن جي طهر پنج پاءِ گڙ ورهائي ڪيائون.
    اي ناظرين صاحبو، سندن چاچو شاهه قلندر علي شاهه صاحب جنهن بنگلي ۾ رهندا هئا سو چودرو اهڙو هو جو ان وقت ساڳئي مهل هڪ در کان اچبو هو، ته شاهه قلندر علي شاهه صاحب جن ڪڃرين جو تماشو پيا ڪرائين ٻئي در کان وڃ ته چوپڙ جي راند پيا ڪن، ٽين در کان وڃ قرآن شريف ويٺا پڙهن، چوٿين در کان نماز بيٺا ادا ڪن، ساڳئي محل ساڳيو هڪ آدمي چار روپ رکي ٿي سگهيو، جن صاحبن جي پٽ ۽ پوٽي کي ايتري توفيق هئي ته خود کي ڪيتري طاقت هوندي اهيو ويچار پاڻ ڪري ڏسندا، مگر مرشد سائين جي حڪم جا تابع هئا ۽ قياس ڪريو ته جنهن مرشد سائين جي مريدن کي ايتري قوت هجي اتي مرشد واري قوت ڪيتري نه زور واري هوندي، مگر تن به قضا الاهي جي ڌرڻون هئن ۽ حضرت صوفي صاحبن کي به مرشد سائين جو امر بجاءِ ڪرڻو هو.
    وڏن خليفن جا نالا هتي ڏجن ٿا جن پنهنجي همٿ هلائڻ جي اجازت طلب ڪئي هئي.
    1. مير جان الله شاهه صاحب روهڙي واري
    2. شاهه عبدالطيف ٺٽوي
    3. ابن اوڙاهه جو سمون فقير هو
    4. اسحاق فقير صاحب نصرپوري
    5. خواجه اجمير جو پير خواجه عبيدالله صاحب عرف خواجه حاميد
    6. ڪاڇي فقير صاحب راڄ محمد صاحب
    7. فقير صاحب محمد صديق ڀيڏين وارو
    8. خليفه صاحب ابوبڪر جاڙياٺهه
    9. الهداد پٺاڻ
    10. خليفه صاحب سليمان هندي فقير
    11. تاج محمد شاهه صاحب
    12. ميان اسماعيل شاهه صاحب ٺٽوي
    13. شاهه عبدالڪريم شاهه ٺٽوي
    14. سيد معشوق علي شاهه عرف نماڻو شاهه از عمرڪوٽ
    15. سيد غلام محمد شاهه دهلوي
    سندن جواب مريدن کي، ۽ سندن خيال جي پورائي لاءِ انهن تي ڪم رکي موڪل ڏيڻ.
    پاڻ سڀ ڪنهن مريد ۽ خليفي کي اهو جواب پئي ڏنائون ته محبوب حقيقي جو ناز ڪيو آهي، اسان نياز ڪنداسين نه ناز سان ناز ڇو ته ناز سان نياز زيب آور آهي نه ٻيو ڪجھ آخر سڀني مريدن خليفن سميت عرض ڪيو ته اسان به حضور ۾ شهيد ٿيون ته چڱون، تڏهن پاڻ مير جان الله شاهه کي به موڪل ڏنائون روهڙي اچڻ جي ۽ خواجه اجمير جي پير کي به چيائون ته تون وڃ پنهنجي ملڪ، جو تون فقير کي وڏي ڪم ايندي ۽ شاهه عبدالطيف ٺٽوي کي به ٺٽي وڃڻ جي موڪل ڏنائون ۽ محمد اسماعيل صاحب کي به ٺٽي وڃڻ جي موڪل ڏنائون ۽ ٻين سڀني کي به موڪل ڏنائون ته اوهين وڃي خدا صاحب جل شانه کي ياد ڪريو. بعد ۾ باقي جو فقراه بچيو هو سو هندي فقيرن سميت چوويهه هزار (24000) هو جنهن مان ٻه هزار چار سوءَ 2400 تاج پوش فقير هئا .حضرت صوفي صاحب جن جنهن مريد کي خدا صاحب جل شانه جي واٽ ۾ انتها ڪرائيندا هئا ان کي تاج ڍڪائيندا هئا ۽ ست سوءَ فقير اهڙا مست هئا جن کي پنهنجي جسم جي خبر ڪانه هئي ۽ ڪيترا سو سيد سادات هئا تن حضرت صوفي صاحب جن تي زور ڀريو ته ڪجھ مڙيئي تيار ڪجي تڏهن پاڻ فرمايائون ته جيڪا اوهانجي مرضي آهي، جنگ ظاهر جي، سا ڪريو فقيرن عرض ڪيو ته قبله هٿيار ڪين آهن، پاڻ ورندي ڏنائون ته لوه جون ڪرڙيو، ڪاٺ جي ترار، هڏ گڏ مئون پار ۽ مغل فقير سندن طالب هئا تن کي حڪم ڏنائون ته اهڙا هٿيار اوهان جوڙيو، هو اهو ڪم ڄاڻندا ڪين هئا مگر سندن تصرف اهڙو ٿيو جو اهي هٿيار جوڙي ويا تڏهن پاڻ پنهنجو ڏنڊو ڏنائون ۽ چيائون ته انهن ترارين کي جواهردار هي ڏنڊو ڪندو، اوهين رڳو گهمائيندا وڃو. اهو ڏنڊو اڄ تائين انهن فقيرن جي اولاد وٽ آهي جي ميرپورخاص ۾ ويٺا آهن. اڄ تائين واڍا سڏبا آهن. ٻيو پاڻ هي به حڪم ڏنائون ته دشمن جي لشڪر کي هڪ ڌڪ کان وڌيڪ ڌڪ نه هڻجو، پوءِ مراقبو ڪري بيهي رهجو.
    نوٽ: ”صاحبن شهيدن جي سوانح عمري هتي فقير عمر بخش مريد درگاه صوفي القادري جي لکيل قلمي نسخي تاريخ 03 ماهه اپريل 1917ع برابر تاريخ 09 ماهه رجب 1330هه. موجب جيئن جو تيئن ڏجي ٿي“.




     

هن صفحي کي مشهور ڪريو