ڪتاب ”سفر زندگي جو“ تي هڪ نظر

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪتاب ”سفر زندگي جو“ تي هڪ نظر​

    [​IMG]
    تبصرو: حامد الله سرهندي
    حاجي احسان علي عرف احسن جوکيو هڪ آئيڊيل استاد، قادر ڪلام شاعر، اديب، عالم ۽ عارف بالله آهي، هن جامع الصنمات درويش انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ نت نوان تجربا، مسلسل اڻٿڪ محنت، وڏي جدوجهد ۽ جاکوڙ سان پنهنجو ممتاز مقام بڻايو آهي، گذريل اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي ۾ هن پٽيوالي کان ڊپٽي ايجوڪيشن آفيسريءَ تائين جا مرحلا ڪيئن مڪمل ڪيا، علم جي حصول لاءِ ڪيترا ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪيون، استاد جي حيثيت ۾ مستقبل جي معمارن جي تعليم ۽ تربيت جو فرض ڪيئن نڀايو، سپروائيزر ڊپٽي ايجوڪيشن آفيسر طور پنهنجو دامن، رشوت، سفارش ۽ اقربا پروريءَ کان ڪيئن بچايو، اعليٰ آفيسرن توڙي مڪار سياستدانن جي مڪر و فريب کي منهن ڏيئي حق و انصاف لاءِ ڇاڇا ڀوڳيو، عظيم ڀلارين هستين کان ڪيئن فيض پرايو، انهن ۽ اهڙن ٻين انيڪ سوالن جا جواب پنهنجي نئين تخليق ”سفر زندگيءَ جو“ ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن مقصد ۾ هو ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهي ان جو فيصلو پڙهندڙ حضرات ڪندا، البته ايترو ضرور چئبو ته هن نهايت سچائي، ايمانداري ۽ انصاف سان جهڙي طرح حياتيءَ جا ڪٺن ڏکيا ڏينهڙا گذاريا اهي قلمبند ڪري هڪ سبق آموز مثال پيش ڪيو آهي، هڪ روشن راهه متعين ڪئي آهي جنهن تي جيڪڏهن ثابت قدميءَ سان هلبو ته ضرور منزل کي ماڻبو، ليکڪ هن کان اڳ به سنڌي علم و ادب کي ٽي شاهڪار ڪتاب ڏيئي وڏي شهرت عزت ۽ مقبوليت ماڻي آهي، سندس پهريون ڪتاب ”جانب جو جمال“ ڀلاري پار جي ساروڻين تي مشتمل آهي، ”ديوان احسن“ ۾ سندس خوبصورت ۽ من موهيندڙ شاعري آهي جڏهن ته ٽين تصنيف تاريخي ماڳن مڪانن ۽ پنهنجي علائقي جي تاريخ بابت ”وليون واس ورنيون“ لکي ادبي دنيا ۾ هن پاڻ کي مڃرايو آهي، هن آتم ڪٿا ”سفر زندگيءَ جو“ تي سنڌ جي ڄاتل سڃاتل ۽ مشهور و معروف اديبه شاعره ۽ ڀٽائيءَ جي رسالي جي شارح محترمه ج-ع منگهاڻي مهاڳ لکي ليکڪ جي محنتن ۽ خدمتن جي وڏي واڪ ساراهه ڪئي آهي.
    هڪ هنڌ هوءَ لکي ٿي ”سائين احسن“ جوکئي جي آتم ڪٿا پڙهي مزو آيو، سندس ٻولي روان ۽ ڪٿي ڪٿي جبل واري لهجي جون سڪون لاهيندڙ لڳي ۽ سندس بيان اثرائتو ۽ ڇڪيندڙ ڀانيو، حالانڪه سندس زندگي جيڪا هن پنهنجي آٽو بايو گرافيءَ ۾ بيان ڪئي آهي ايڏي گوناگون ۽ رنگين ناهي جو پڙهندڙ ان ۾ گهڙي چسڪا وٺي.
    ٻئي هنڌ هوءَ لکي ٿي هيءَ آتم ڪٿا ”سفر زندگيءَ جو“ نه رڳو استادن لاءِ دلچسپ هوندي پر هر هڪ ماڻهوءَ کي ضرور وڻندي جنهن ۾ هڪ خوشيءَ واري واقعي کي ته وڻندڙ نموني لکيو ويو آهي پر دکدائڪ واقعن کي به نهايت اثرائتي انداز سان لکيو آهي. لکڻ جي اها نفاست ۽ خوبصورتي ماڻهوءَ کي ايئن ئي محسوس ڪرائي ٿي ڄڻ ته اسين پاڻ به اتي موجود هجون، مٿان وري شاهه سائين جي بيتن جي برڪت اصل ڪيچ ڪري ڇڏيائين. ڊائريڪٽر ڪلچر ۽ سياحت محترم ڊاڪٽر محمد علي مانجهي صاحب ڪتاب جي باري ۾ راءِ ڏيندي لکي ٿو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هيءَ هڪ مثالي شخص جي مثالي آتم ڪهاڻي آهي هن ۾ سماج لاءِ سهڻو سبق آهي، هن پنهنجي تدريس دوران به هڪ مثالي ڪردار ادا ڪيو ته وري جڏهن کيس ٻيٽ آفيسر مقرر ڪيو ويو تڏهن به پاڻ پنهنجا فرض انتهائي اعليٰ نموني سان نڀايا، آئون ويساهه سان چوان ٿو ته جيڪڏهن سائين احسن جهڙا هر لحاظ سان مڪمل استاد سنڌ ۾ پيدا ٿي پون ته وڏو انقلاب اچي وڃي.
    مشهور محقق، اديب ۽ بهترين استاد مرحوم جوکيو ليکڪ باري ۾ لکي ٿو ”احسن“ هڪ وڏو اديب، ڪيترن ڪتابن جو مصنف، شاعر، عربي فارسي سنڌي ۽ انگريزيءَ جو وڏو ڄاڻو آهي ساڳي وقت نثر ۽ نظم جو شهسوار آهي، سندس سوانح عمري هڪ تاريخ ۾ ايندڙ نسل جي ڪامياب زندگيءَ گذارڻ لاءِ هڪ سبق آهي.
    اميد ته ڪتاب ”سفر زندگيءَ جو“ سنڌي ادب ۾ جوڳي جاءِ واري وڏي مڃتا ماڻيندو. 143 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊميءَ وارن ڇپي پڌريو ڪيو آهي.

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو