رشيد ڀٽيءَ بابت ڊاڪٽر ادل سومري جو تاثر ڀٽي! تنهنجا يار... ڪڻو ڪڻو ٿي ويا...............(ادل سومرو) جاگيراڻي محلي ۾ ”المنار“ اخبار جي پريس ڀرسان ماڻهن جو ميڙاڪو ٿيو آهي. پاڙيسري ۽ واٽهڙو ڪجھه پريشان نظر اچن ٿا. جلوس جون تياريون ٿي رهيون آهن. ”ادا خير ته آهي، هنن ماڻهن سان ڪهڙو مسئلو آهي جو بينر ۽ جھنڊا کڻي کنيا اٿن؟“ ”اهو سڄو ڪم مولي صاحب جي پٽ بگن جو آهي. هڪ ادبي سنگت ٺاهي اٿائين ۽ هاڻ هيترا سارا سنگتي هتي اچي گڏ ڪيا اٿائين.چئي ٿو ته سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪتاب خطري ۾ آهن، انهن جو بچاءُ ڪرڻو آهي“ ”پر هي ته سڀ مولائي قسم جا ماڻهو ٿا ڏسجن، هنن جي اڳواڻي به هڪڙو مولائي ۽ هڪڙو گدائي ڪري رهيو آهي. اهي ويچارا مولائي ۽ گدائي ڪنهن جو ڪهڙو بچاءُ ۽ مدد ڪري سگھندا.“ ”بس مڙئي بگن جا انقلابي انگل آهن. مولوي صاحب ته گھڻوئي سمجھايو اٿس، پر مڙيئي ڪين ٿو.“ جلوس ۾ شامل نوجوان ۽ ٻڍڙا نعرا هڻندا اڳتي وڌي وڃن ٿا. المنار اخبار شمسيه ڪتب خانو، جاڳيراڻي محلو سکر، مالڪ مولوي عبدالحميد ڀٽي. پير حسام الدين راشديءَ جو فدائي الراشدي جي نالي سان صحافتي سفر جو پهريون پنڌ، المنار ــ سندس افسانه ۽ ناول الزليخا به اتي ئي ڇپيو. مولوي عبدالحميد ڀٽي وڏي کڙڪي وارو ماڻهو هو. سائي وليز جي جيپ، هٿ ۾ بيد جو ڏنڊو ۽ آواز ۾ رعب. پاڙي يا پريس ۾ هوندو ته پنهنجي هئڻ جو احساس ڏياريندو. ننڍي وڏي کي خبر پئجي ويندي ته مولوي صاحب آفيس ۾ يا ويٺو آهي. اروڙ يا ڪنهن آفيس ڏانهن ڪم ڪار سبب نڪري ويندو هو ته خاموشي ٿي ويندي هئي. مولوي صاحب پنهنجي وڏي پٽ کي مولوي بڻائڻ لاءِ ٺيڙهيءَ واري مدرسي ۾ داخل ڪرايو. سندس خواهش هئي ته هن جو پٽ، مولوي عبدالرشيد الوريءَ جي نالي سان مشهور ٿئي. ”مان ٺيڙهيءَ جي مدرسي ۾ نه پڙهندس.“ پهرين مزاحمت ۽ پوءِ مزاحمتن جو اهو سلسلو وڌندو ويو. مولوي صاحب جا خواب زخمي ٿي پيا اسان جي نصيبن ۾ ٺيڙهي پڊعيدن هي لنڊن هـــي پئرس ويانا اوهان جا. (رشيد ڀٽي) السلام عليڪم وعليڪم السلام ”سائين رشيد ڀٽيءَ صاحب سان ملڻو آهي“ ”ابا ڪهڙو ڪم اٿئي، ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ آيو آن ڇا؟“ ”نه سائين مان شاعر آهيان، ساڻس ملڻ ٿو چاهيان“ ”ڇڙو شاعري ڪندو آن يا ٻيو ڪو ڌنڌو به اٿئي. واندا، واندن کي ڳولي لهن.“ ”هو سڃو متڪبر، او هن آفيس ۾ ويهندو اٿئي“ ”هي واندا واندا رولو اديب ۽ شاعر، ڪٿي ٿا عبدالرشيد کي سٺو وڪيل ٿيڻ ڏين.“ رشيد ڀٽيءَ وٽ سدائين ڪونه ڪو اديب شاعر ترسيل ۽ مولوي صاحب جي ڪاوڙ جو سبب بڻيل. ”عبدالرشيد واندن ۽ ٽپتائين جي ور چڙهي ويو آهي، نه مولوي ٿيو نه ئي مشهور وڪيل ٿي سگھيو آهي.“ مولوي صاحب کي هٿ ۾ ته بيد جو ڏنڊو هوندو هو، پر سندس هٿيار هفتيوار المنار هوندي هئي. ڏنڊي وارو مولوي صاحب جھنڊي وارو ڪامريڊ رشيد ڀٽي..... مولوي صاحب چيس: ”هي آفيس ٻاهران نالي جي تختيءَ تي، تو رشيد ڀٽي لکرايو آهي، رشيد، الله جي صفت آهي، تون تختيءَ تي عبدالرشيد لکراءِ“ ”بابا مان رشيد ته آهيان، پر ڀٽي به آهيان. الله سائين ڀٽي ته ڪونهي.“ جواب اهڙا جو سڀ کڻي ماٺ ڪن. جاگيراڻي پاڙي واري الوري مسجد ۾ سنڌي ٽوپي پائي جڏهن عيد نماز پڙهڻ ايندو هو ته ڪيترائي ماڻهو کيس اچرج مان ڏسندا هئا. ”سائين توهان به نماز پڙهندا آهيو؟“ ”ڇو ڏوهه جو ڪم آهي ڇا؟ يا توکي خدا تعالى موڪليو آهي ته وڃي رشيد ڀٽيءَ کان پڇي آءُ، ته نماز ڇو ٿو پڙهين؟“ هن جا پنهنجا نرالا ڍنگ ۽ انداز هئا. ويجھن دوستن سان بي انتها پيار ڪندڙ. دوست به هن سان هجائتا. هڪ دفعو ٽنگو ٽالي ڪري واهه ۾ اڇلايائونس. اڻ تارو هو، ذري گھٽ ٻڏو ٿي. پاڻ ئي ناراض ٿئي، پاڻ ئي پرچي پوي. پرچي ته دوستن کي ٺونشا هڻي، گاريون ڏئي. وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي، ٻيڻا ۽ ٽيڻا ٽهڪ هن جي ٽهڪن ۾ زندگي هئي آهي المنار ۾ ٽهڪن جي گونجار ڄڻ ته هو آهي هتي رکيل اڃان ميز تي عينڪ ۽ اخبار ڄڻ ته هو آهي هتي (ادل سومرو) اها ئي المنار جنهن جي هڪ تاريخ هئي. ان جي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي هيئن ٿي. پريس واري جاءِ تي مينهن جو واڙو ۽ واڙي ۾ مولوي صاحب جي وڏي تصوير ٽنگيل. منهنجي جڏهن به مولوي صاحب جي تصوير تي نظر پوندي هئي ته ڄڻ ڪي آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ”اڙي نالائقو! منهنجو واڙي ۾ ساهه ٿو منجھي، مون کي هتا ٻاهر ڪڍو“ مولوي صاحب جي تصوير کي آزادي تڏهن نصيب ٿي، جڏهن واڙي جي جاءِ تي اسڪول کليو. هڪ اسڪول مولوي صاحب جي ملڪيت به هو، جتان مون پرائمري تعليم حاصل ڪئي هئي. استادن جي ذهني غربت هاڻوڪي دؤر کان مڙئي ڪجھه گھٽ هوندي هئي. واندا ويٺا هوندا هئا ته پيا هن هن تي تبصرا ڪندا هئا. ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آ، مولوي صاحب جو وڏو فرزند، صحيح معنى ۾ سندس جانشين ٿي نه سگھيو. بري سنگت جي اثر ۾ اچي ويو. ”قرآن ڇڏي، ڪوڙيون ڪهاڻيون ۽ قصا ويٺو پڙهي، الائي ڇاٿو پڙهي، الائي ڇا ٿو لکي“ ”ٻڌو آ دهريت جو به ٿورو رنگ لڳي ويو اٿس. تازو هندوستان ويو هو، اتان به ڪجھه مورتيون آنديون اٿائين، خدا خير ڪري“ ۽ جڏهن مون ادبي دنيا ۾ پير پاتو ته رشيد ڀٽيءَ جي دهريت سمجھه ۾ اچي وئي. ماضيءَ جي دريءَ مان نظر ايندڙ ڌنڌلا منظر شيخ اياز، نياز همايوني، تنوير عباسي، حميد سنڌي، فتاح ملڪ، پروانو ڀٽي، جمال ابڙو، تاج بلوچ، نبي بخش کوسو، الطاف عباسي ۽ ٻين ناليوارن شاعرن اديبن سان، رشيد ڀٽيءَ ئي ملايو. جن کي پڙهندو هوس، انهن کي پاڙي ۾ ملي، بي انتها خوشي ٿيندي هئي. پٽن کي موڪلي، مون کي گھران گھرائيندو هو۽ اديبن ۽ شاعرن سان تعارف ڪرائيندو هو. ”جمال ابڙا! هي نوجوان شاعر آهي ادل سومرو، سندس شاعري رسالن ۾ ڇپجي ٿي.“ ”سنڌالاجيءَ وارن ڪئناڊا جي اسڪالر جان مئڪلين کي اماڻيو آهي، اچ ته کيس اروڙ گھمائي اچون.“ گڏجانين ۾ صلاحون ڏيندو رهنمائي ڪندو، محنت ڪرڻ ۽ پڙهڻ لاءِ اتساهيندو. ائين، ادبي سنگت جي سفر ۾ ڄڻ دوست ٿي وياسين. ”آءُ ادل سومرا! شيخ اياز جا منشي، ڪهڙا حال اٿئي، اڄڪلهه تنهنجا وڏا ٺٺ آهن، روز ٿو شيخ اياز جي ماني کائين، اسان کي ته ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن مهمان جي بهاني، سندس ماني نصيب ٿيندي هئي“ وري ٽهڪ ڏيندو ٽهڪ جيڪي دل جي زخمن کي لڪائيندا آهن. هڪ ڀيري سندس پير جي آڱوٺي ۾ زخم ٿي پيو، شگر وڌڻ ڪري طبيعت به خراب ٿي پيس. علاج واسطي ڪراچيءَ ويو ته ڊاڪٽرن سندس پير جو آڱوٺو ڪٽي ڇڏيو. واپس موٽيو ته خيريت پڇڻ تي وراڻيائين، ”موت کي ته في الحال آڱوٺو ڏئي آيو آهيان، سو به پير جو...“ ايتري بيپرواهي، مونجھارن ۾ به مرڪي، عجيب انسان هو. واندو ويهڻ ته ڪڏهن سکيو ئي ڪين. ڪهاڻيون، مقالا، مضمون، مهاڳ، ڪالم، ترجما سندس قلم مان مس ڪڏهن نه سڪي خوشيون ڇڏي جي ڏک به ڏٺاسين ته ڇا ٿيو سنڌڙي رهــــــــــي، اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو (رشيد ڀٽي) هن پنهنجا سک سنڌ کي ارپي ڇڏيا، سنڌي ٻولي ۽ ادب کي گھڻو ڪجھه ڏنائين، پر موٽ ۾ طلب جي ڪا تنوار نه ڪيائين. اسان وٽ سنڌ جي نالي ۾ ڪنهن ڇاڇا ورتو، ان جو ڪنهن وٽ حساب ڪتاب آهي؟ عهدن ۽ ڪرسين تي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ڪنهن کي به ياد نه رهندي آهي. نوڪريءَ مان لاٿا ويندا يا رٽائرڊ ٿيندا ته سنڌ سنڌ پئي پوندي. رشيد ڀٽيءَ جو ته رستو ئي پنهنجو هو. سچو انسان دوست ۽ سنڌ دوست. پنهنجي ٻوليءَ سان گڏ، ٻين پاڪستاني ٻولين لاءِ به فڪر مند، نه ڪو ذاتي مطلب نه شهرت جي ضرورت. تنوير نقويءَ سان گڏجي هن پنجابي اديبن سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين پنهنجي ماءُ ٻوليءَ جو احساس ڏياريو. لاهور جي پاڪ ٽي هائوس ۾ هن احمد نديم قاسميءَ، منير نيازي ۽ شفقت تنوير مرزا وارن سان ڪچهريون ڪيون. هي ڪهڙو واندو ۽ سر ڦريو سنڌي اديب آهي، جنهن کي بلهي شاهه جي ٻوليءَ جو به الڪو ورائي ويو آهي. وزير آغا ۽ جميل ملڪ اعتراف ڪندي کيس چيو ته: ”پنجابي اديبن جي گذر سفر جو وسيلو اردو آهي، جيڪا انهن جي مجبوري آهي.“ پر رشيد ڀٽيءَ جي ڪهڙي مجبوري هئي. هن جي مجبوري اها هئي ته هو منهن تي سچ چئي ڏيندو هو، کرو ۽ کهرو ڳالهائيندو هو، جنهنڪري نازڪ مزاج زماني ساز ماڻهو هن کان لنوائيندا هئا، جيڪڏهن، کيس سامهون ايندو ڏسندا هئا ته رستو مٽائي ويندا هئا. سندس هڪ اديب ڪامورو دوست، جڏهن سکر بدلي ٿي آيو ته هو ساڻس ملڻ لاءِ هن جي آفيس ويو. جڏهن رشيد ڀٽيءَ پٽيوالي جي معرفت کيس پنهنجي اچڻ جو ٻڌايو ته اهو ڪامورو سنڌي اديب، آفيس جي ٻئي دروازي مان ڀڄي هليو ويو ۽ کيس نياپو ڪيائين ته هو آئينده،، هن جي آفيس ۾ اچڻ جي زحمت نه ڪري، جوساڻس ملڻ، هن جي نوڪريءَ لاءِ خطري جو سبب ٿي سگهي ٿو. اها ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته رشيد ڀٽي ڪيترو نه خطرناڪ ماڻهو هو. هو سکر لا ڪاليج ۾ قانون جو پروفيسر هو، پر پوءِ به قانون، هن کي پاڻ لاءِ خطرو سمجھندو هو. هڪ ڀيري هن سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اجلاس مان سي آءِ ڊي جي هڪ همراهه کي ٽنگوٽالي ڪري ڪڍرايو (10 نومبر 1965) هو سنڌي ادبي سنگت سان گڏ، سنڌ جي ترقيءَ لاءِ پتوڙيندڙ ٻين تنظيمن کي به وقت ڏيندو هو. 1978ع ۾ اعجاز قريشي سنڌ ۾ آيو ته هتي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي شاخ قائم ٿي. صدر: رشيد ڀٽي، نائب صدر: ادل سومرو، سيڪريٽري: سجاد الله قريشي ۽ ٻيا عهديدار. سگا مرڪز پاران چيو ويو ته، شاهه لطيف سال 1978ع جو آخري پروگرام 31 ڊسمبر تي سکر ۾ ٿيندو. تڏهن سگا جو شروعاتي دؤر هو ۽ ان جا اڳواڻ ايترا سياڻا ڪونه ٿيا هئا. ادب ۽ ڪلچر کي به اهميت ڏني ويندي هئي. هاڻي سگا وٽ پئسو آهي، وڏا منصوبا آهن، ادب ۽ آرٽ واري ايجنڊا کي هنن پاسيرو ڪري ڇڏيو آهي. رشيد ڀٽيءَ چيو ته سال جو آخري لطيف ڊي ملهائڻ لاءِ، اسان ماڻهن کان چندي وٺڻ بدران، سئنيما ۾ فلم شو ڪندا سي. فيصلي مطابق پيراڊائز سئنيما ۾ مارننگ شو رکيو سي، هڪ ٽڪيٽ ويهن روپين ۾. ٽڪيٽوون اڳ ۾ کپايوسين. وڏا تجربا ٿيا هو ڏسو مولوي صاحب جو پٽ بگن سئنيما تي ٽڪيتون پيو وڪڻي. هڪ خوشحال همراهه جيڪو سنڌ ۽ سنڌي ادب سان محبت جا راڳ پيو آلاپيندو هو، تنهن وٽ ٽڪيٽون کڻي ويا سي. ”رشيد ڀٽيءَ کي ڀلا ٻيو ڪو ڪم ڪار ناهي، جو فلمن جون ٽڪيٽون ٿو کپائي، ڪڏهن سنڌي ادبي سنگت ته وري هاڻي سگا. وڪالت هليس ڪانه ٿي، وتي ٿو غير ضروري ڪم ڪندو. لطيف جو ڏينهن جيڪڏهن اوهان نه ملهايو ته ڇا ٿي پوندو.“ ايترن جملن چوڻ بعد، هن ٽڪيٽ وٺندي ويهن روپين بدران پنج روپيا اسان کي ڏنا، جيڪي هن آڏو اڇلائي، اسان سندس دوڪان تان لهي آيا سي. سکر جيمخاني ۾ اهو يادگار لطيف جو ڏينهن غلام مصطفى شاهه جي صدارت ۾ ٿيو هو. استاد منظور علي خان ۽ عابده پروين جي لطيف سائينءَ کي ڀيٽا اڃان تائين نه ٿي وسري. پروگرام جي ڪاميابيءَ تي رشيد ڀٽي ڏاڍو خوش ٿيو هو. هو جڏهن خوش ٿيندو هو ته هڪ معصوم مرڪ سندس چهري تي ڦهلجي ويندي هئي. هو جتي به رهيو، سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي سندس مکيه مقصد رهيو. سنڌي شام، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، چوٿين مارچ، ورسيون، مشاعري، احتجاجي مظاهرا، سڀني ۾ اڳڀرو رهيو. ڪراچيءَ رسي هليو ويو هو ته اتي به نورالدين سرڪي، حفيظ شيخ، غلام رباني آگرو، شيخ اياز ۽ ٻين دوستن سان سرگرمين ۾ شامل. هڪ ڏينهن ماستر محمد حسين ميٺارام هاسٽل اچي پهتو: ”ادا بگن، مولوي صاحب چيو اٿئي ته جي واپس سکر نه ايندين ته ملڪيت مان ٽڪو نه ڏيندو مانءِ.“ ماستر جي نياپي بگن کي منجھائي ڇڏيو ۽ هو سکر واپس موٽي آيو. سکر ۾ وري ساڳيا مولوي صاحب کي نه وڻندڙ سلسلا. هاڻي ته ترقي پسند ڪامريڊ اديبن سان به سندس سنگت وڌي وئي. ساڳيا گس، ساڳئي ارڏائپ. 27 اپريل 1971ع تي شام ستين وڳي هڪ سب انسپيڪٽر ۽ چار سپاهي جاگيراڻي محلي ۾ ڀٽي حويليءَ جي در تي پهچن ٿا ۽ ان ارڏي اديب کي پمفليٽ ڪيس ۾ گرفتار ڪري وٺي وڃن ٿا. پوليس ۽ جيل هن لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه هئي. 1965ع ۾ به هو پنهنجي دوست شيخ اياز سان جيل ۾ گڏ هو ۽ ٻاهر سندس دوست حفيظ شيخ هن کان بنا موڪلائڻ جي هن دنيا مان ئي هليو ويو هو. دوست جي وڇوري جو درد ۽ جيل جون ديوارون. هن دفعي کيس پمفليٽ نه لکڻ جي ڏوهه ۾ پمفليٽ ڪيس ۾ ڦاسايو ويو هو. اهڙي ڏکئي صورتحال ۾ سڄي دنيا جو درد رکندڙ اهي روشن خيال ترقي پسند ڪامريڊ اديب پري پري تائين ظاهر ڪونه هئا. مولوي صاحب عبدالحميد ڀٽي هونئن ته پنهنجي پٽ تي، انهن سرگرمين ڪري ناراض هوندو هو، پر جڏهن اي سيڪشن ٿاڻي تي هن کي بانديءَ جي روپ ۾ ڏٺائين ته پنهنجن اکين جا ڳوڙها روڪي نه سگھيو. جيل ۾ به رشيد ڀٽي مڙسيءَ سان رهيو. سندس جيل جي ڊائري، ”اسين لوچون لوهه ۾“ انهيءَ جي شاهدي ڏئي ٿي. جيل ۾ سندس هڪ ويجھو ڪهاڻيڪار دوست هر هفتي قلندر شهباز جي درگاهه تان تعويذ گھرائيندو هو ۽ سندس ٻئي ٻانهون ٺونٺ کان ڏوري تائين تعويذن سان ڀرجي ويون هيون. 16 فيبروري 1988ع اڄ وري گھڻي وقت کان پوءِ جاگيراڻي محلي ۾ هڪ ميڙاڪو ٿيو آهي. هن ڀيري ڪنهن به هٿ ۾ نه نينر آهي نه جھنڊو نه پلي ڪارڊ.ــ ماڻهن جي چهرن تي اداسي آهي. شاعر، اديب، صحافي، ڪارڪن گڏ ٿا آهن ۽ سڀئي ملول نظر اچن ٿا. شيخ اياز، رسول بخش پليجي سان ڀاڪر پائي سڏڪي رهيو آهي. تنوير عباسي، حميد سنڌي، فتاح ملڪ، سڀئي ڏکارا آهن. ادا ڇا ٿيو آهي، ڪو جلوس وغيره نڪرندو ڇا، جو هيترا اديب، شاعري ۽ صحافي اچي گڏ ٿيا آهن. ها، اڄ ان ارڏي انسان جي آخري سفر جو جلوس نڪرندو، جيڪو ڪڏهن هتان جلوسن جا اهتمام ڪندو هو. جيڪو چوندو هو ته مان ائين پورهيو ڪندو آهيان، ڄڻ ته مون کي ڪڏهن به مرڻو ناهي. هر انسان جو اهڙو آخري جلوس نڪرڻو آهي. مولائي شيدائيءَ جي آخري جلوس ۾ پندرهن ماڻهو ۽ والٽيئر جي ۾ چار ماڻهو هئا. ان سان مرڻ واري تي ڪهڙو فرق پوي ٿو. هتي ته جلادن جي آخري جلوسن ۾ لکين ماڻهو شامل ٿين ٿا. رشيد ڀٽيءَ جا ٽهڪ ڪومائجي ويا ته سندس دوستن کان کلڻ ئي وسري ويو. سڀئي دوست پنــــــــهنجا سنجيده ويا ٿي نه مرڪي ٿو ڪوئي، نٿــو ڪو کلائي. (ادل سومرو) پنهنجن ٽهڪن وسيلي دوستن کي کلائڻ وارو بگن، اڄ سڀني کي رئاري ويو آهي. رشيد ڀٽي ائين لکندي لکندي هليو ويو. ڪهڙي ضرورت هئي، انهيءَ هڻ هڻان جي. هاڻ ته ماڻهن کان سندس ڪتابن جا نالا به وسري ويا آهن. سنڌالاجي وارن سنڌي افساني تي پي ـ ايڇ ڊيءَ جي ٿيسز شايع ڪئي آهي، ان ۾ رشيد ڀٽيءَ جو ذڪر ئي ڪونهي. اديب يا ڪهاڻيڪار ته خير آ، پر هو هڪ صحافي به ته هو. اڄ جي دؤر ۾ صحافي ٿيڻ وڏي ڳالهه آهي. هو ته ناليواري روزاني اخبار هلال پاڪستان جو ايڊيٽر به رهيو. يار، هو ڪهڙو ايڊيٽر هو، جو گھر لاءِ هڪ پلاٽ به حاصل ڪري نه سگھيو. گھر لاءِ پلاٽ حاصل ڪرڻ بدران، هو ڪهاڻين جي پلاٽ جي ترتيب ۾ مصروف رهيو. هو پڙهيل لکيل ۽ سوچ ويچار وارو صحافي هو ۽ سنڌي صحافت ۾ اهڙن صحافين لاءِ گنجائش گھٽ هوندي آهي. هو ناڪام صحافي هو. نه پوليس سان دوستي نه ڪامورن سان ياري. پوءِ ته هو جتان ڪٿان ويو. هو ماڻهن جي دلين ۾ رهندو. ڪهڙا ماڻهو؟ اديب، شاعر، ادب دوست، سنڌي ٻوليءَ سان محبت رکندڙ ــ انهن جي دلين تي ڪهڙو اعتبار........ بهرحال رشيد ڀٽي، انسان هو. هن ۾ خوبين سان گڏ، ڪي خاميون به هونديون. بلڪل هن ۾ خاميون هيون. هن جي وڏي ۾ وڏي خامي اها هئي ته، هو خوددار هو. خوشامد ۽ مصلحت پسنديءَ کان پري هو. جنهنڪري سماجي ۽ مادي وهنوار ۾ ناڪام هو. هو رياست جي نظر ۾ فضيليت وارو نه هو. اهو ئي سبب هو جو، هن کي ڪوبه ”تمغهء فضيلت“ نه مليو. سڀئي فضيلت وارا شاعر ۽ اديب، تمغن واري قطار ۾ نهايت فضيلت سان پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيا آهن. تنهنجا لفظ ٿڌا لهجومٺو ۽ نرم آهي هر سٽ ۾ شڪر گذاري آهي توکي تمغو ضرور ملندو پر ان لاءِ توکي، ڪجھه ڏينهن لاءِ پنهنجو ڪنڌ، اسان وٽ گروي رکڻو پوندو... رشيد ڀٽي، ايوانن جي دروازن تي کٽندڙ ڪنهن به قطار ۾ نه بيٺو، پنهنجي خودداريءَ واري ڌار رستي تي رهيو ۽ اتان ئي هليو ويو. ڇا تون وئين سو وئين، وري ورندين ڪونه ڇا هـــي ڌرتي تو، نه، ساريندي سڏڪا ڀري (اياز) هاڻي ورسيون ۽ تقريرون آهن. سي به ڪيتريون..... چاليهو ۽ چار ورسيون.......... رشيد ڀٽي يادگار ڪميٽي يا ٽرسٽ لاءِ ڪيل امدادي اعلان به سڀني کان وسري ويا. سڀئي اعلان، تقريرون ۽ خطاب هتي رهجي ويندا. ڪهاڻيون ۽ ڪتاب هتي رهجي ويندا. ماڻهو پاڻ کي ئي وساري ٿو ڇڏي، ٻين کي ڪٿان ياد رکندو. ”هي سنڌي ادبي سنگت وارا ڪنگلا شاعر ۽ اديب، جيڪي ميمبرن کان پنج پنج روپيا چندو ڪن ٿا، اهي ڪٿان ٿا رشيد ڀٽيءَ جي ورسي ملهائي سگهن. اهو به اسان چانورن جي ديڳ ڏيندا هئاسين، تڏهن ڪو پروگرامڙو ڪندا هئا، هاڻي ته ڪن ــ“ جن رشيد ڀٽيءَ جي چاليهي ۽ ورسيءَ ۾ تقريرون ڪيون هيون، انهن مان به ڪيترن جون ورسيون ملهائجي ويون آهن. شيخ اياز، تنوير عباسي، فقير محمد لاشاري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ناصر مورائي، فتح الله عثماني، اهي سڀ هتي تقريرون ڪري وڃي رشيد ڀٽيءَ سان مليا.
جواب: رشيد ڀٽيءَ بابت ڊاڪٽر ادل سومري جو تاثر سٺو ليک هيو۔ ڏاڍو وڻييو؛ هن دفعي کيس پمفليٽ نه لکڻ جي ڏوهه ۾ پمفليٽ ڪيس ۾ ڦاسايو ويو هو. اهڙي ڏکئي صورتحال ۾ سڄي دنيا جو درد رکندڙ اهي روشن خيال ترقي پسند ڪامريڊ اديب پري پري تائين ظاهر ڪونه هئا. اهو ته اوهان نذير عباسي جي وارثن کان به پڇجو ته سندس کاٻي ڌر وارا ان وقت ڪٿي هئا۔ اها اسان سنڌين جي بد قسمتي آهي