سائين عرفان ديشي جي طرفان سنڌي جي سڀني سنڌين ۽ سنڌ سلامت فورم تي شامل سڀني ڀائرن کي السلام عليڪم يا علي ؐ مدد سائين منهنجو پورو نالو عرفان علي عالماڻي آهي، مان سنڌي جي هڪ ننڍڙي شهر مورو سان تعلق رکندڙ آهيان، مورو کاب ٻاهر هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، گنهور خان عالماڻي جي نالي سان منهنجو جنم اتي ٿيو، مان ڪراچي ۾ پنهنجي پوري فيملي سان گڏ رهندو آهيان ٻارهين ڪلاس جو شاگرد آهيان فيسبوڪ ۽ ان کان علاوه ٻين فورمن تي سنڌو ديش جي آزادي جا قدم کڻي وڙهي رهيو آهيان، اميد ته توهان سڀني کي منهنجو تعارف پسند آيو هوندو مهرباني توهان جي دعائن جو طلبغار: عرفان ديشي
جواب: تعارف وعليڪم السلام و مولا علي مدد ادا عرفان ديشي۔۔۔ اوهان کي مست سنڌ سلامت جي انتظاميه ۽ سڀني دوستن پاران هتي ڀليڪار چوي ٿو۔۔۔ اوهان جي دعائن جو طلبگار: مست
جواب: تعارف ادا عرفان ديشي وعليڪم السلام، سخي پير مولا علي مدد۔۔۔۔۔ سائين قبلا اوهان جي نالي سان گڏ ديّشي کي ڏسي معلوم ٿي ويو۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا عرفان اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: تعارف ادا عرفان يقين ڪيو اوهان کي هتي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي شال جڙيو هجين۔ عاشق سولنگي جي طرفان اوهان کي ڀليڪار۔۔۔۔اوهان جي سهڻي لکڻين جو انتظار رهندو۔
جواب: تعارف COLOR="Red"سائين مان سڀني دوستن جو تمام گھڻو ٿورائتو آهيان جنهن مونکي ڏسي ۽ ڀليڪار چيو دوستو مهربانيون سائين مان وڌ ۾ وڌ ٿورائتوادا عاشق سولنگي جو آهيان جنهن مونکي سنڌ سلامت فورم تي اچڻ جي دعوت ڏني مهرباني ادا عاشق انشاء الله هاڻي هر هن فورم تي توهان سان گڏ ڪچهري ڪبي دعائن ۾ ياد[][/COLOR] جيئي سنڌ جيئن سنڌ وارا
جواب: تعارف ادا عرفان ديشي صاحب واليڪم السلام سخي پير مولا علي مدد ادا اسان اوها کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون ان سان گڏ اسان عاشق مجبور جا به ٿورائتا آهيون جن اوهان کي سنڌ سلامت فورم بابت آگاهي ڏني سدائين گڏ
جواب: تعارف وعليڪم السلام مولا علي مدد۔ ادا عرفان ديشي توهانکي هن محبت ڀري اڱڻ تي ڀليڪار چئجي ٿو۔۔۔ هن فورم جي بنياد "سنڌ سان پيار ۽ سنڌيت جي پرچار" آهي۔ اميد ته توهان پنهنجي پيارن تحريرن ۽ موهرندڙ موضوعن سان هن اڱڻ کي علم، ۽ معلومات ونڊي فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا۔۔۔ >:d<
جواب: تعارف اداا عرفان عالماڻي سنڌ سلامت جي اڱڻ اچڻ تي اوهان کي ڀليڪار ٿا چئون۔ اسان ۽ سنڌ سلامت جو سمورو سٿ اوهان سان ٻانهن ٻيلي ٿيندو هر ان ڪم ۾ ، هر ان عمل ۾ جنهن ۾ سنڌ جي ڀلائي هوندي۔