• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مڪه ٽاور، وقت ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو۔۔

مست

سينيئر رڪن
السلام علڪيم دوستو!
سعودي عرب جي شهر مڪه مڪرمه ۾ برج البيت تي نصب ڪيل دنيا جي وڏي ۾ وڏي گهڙيال وقت ٻڌائڻ‌جو آغاز ڪري ڇڏيو۔ مڪه ٽاور برج البيت جو افتتاح عيدالفطر کان اڳ ۾ ڪيو ويو‌آهي۔ هي گهڙيال 815 ميٽر بلند آهي ۽ هن جي خاصيت اها آهي ته هي هر قسم جي موسمي اثرات کان محفوظ هوندو۔ هن جي چارئي طرف الله جل جلاله اسم وڏي اکرن ۾ لکيل آهي۔ هن جي تياري تي 3 بلين ڊالر خرچ ٿيا آهن ۽ هن گهڙيال کان پهرين گرينچ ڪلاڪ دنيا جو سڀني کان وڏي ۾ وڏو گهڙيال هو۔

حاضر آهن ان ٽاور جون ڪجهه تصويرون۔​

01.png

makkah-tower-clock-03.jpg

Makkah+Clock+Royal+Tower.jpg

makkah-tower-clock-14.jpg

an-artist-render-of-emaar-residences-at-abraj-al-bait.jpg

makkah-tower-clock-05.jpg

جواب: مڪه ٽاور، وقت ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو۔۔

تصويرون ظاهر نه پيون ٿين۔ انهن جي جا تي خالي باڪس ظاهر ٿي رهيا آهن۔
 
جواب: مڪه ٽاور، وقت ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو۔۔

تصويرون ظاهر نه پيون ٿين۔ انهن جي جا تي خالي باڪس ظاهر ٿي رهيا آهن۔

ادا اوهان وٽ به لڳي ٿو پٽيل (پي ٽي سي ايل ) ڊي ايس ايل آهي ان ۾ اڄ ڪلهه اهو مسئلو هلي پيو۔ توهان وري پيج کي ريفريش ڪيو
 
جواب: مڪه ٽاور، وقت ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو۔۔

ادا مست نئين معلومات ونڊ ڪرڻ تي اوهان جا ٿورا تصويرون مون وٽ ته ظاهر آهن. سائين ابوزين کي خبر نه آهي ڇو نظر نه ٿيون اچن.
 
جواب: مڪه ٽاور، وقت ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو۔۔

ادا مست نئين معلومات ونڊ ڪرڻ تي اوهان جا ٿورا تصويرون مون وٽ ته ظاهر آهن. سائين ابوزين کي خبر نه آهي ڇو نظر نه ٿيون اچن.

بس سائين اوهان ئي پڇا ڪيوس، توهان جي ويجهو رهندڙ آهي۔۔ ها ها ها
 
جواب: مڪه ٽاور، وقت ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو۔۔

ادا مهرباني مست
بهترين پڪچرز لاءِ
حالانڪه ان جو ڪم اڃان هلي پيو مٿيون تصويرون ان جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ واري منظر جون آهن يعني اڃان ماڊل آهي، گهڙيال جي مٿان الله اڪبر جا ڪتبا آهن صرف ٻن طرفن کان ٽائيم ڏسائي پيو اڃان ٻه طرف رهيل اٿس، الله اڪبر واري ڪتبي کان مٿي مينار چنڊن نما جو اڃان ڪم هلندڙ آهي، صرف 15 منٽ اڳ ئي بيت الله شريف کان موٽندي اهو نظارو ڏٺو اٿم۔
 
ادا ڳالهه کي مڪمل طور تي سمجهائڻ جي مهرباني۔۔ دعا ڪريو ته ڪائنات جو ڪريم رب اسان مستن کي به انهيءَ ڀلي پار جي زمين کي چمڻ‌جي توفيق ڏئي۔۔
 
جواب: مڪه ٽاور، وقت ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو۔۔

ادا ڳالهه کي مڪمل طور تي سمجهائڻ جي مهرباني۔۔ دعا ڪريو ته ڪائنات جو ڪريم رب اسان مستن کي به انهيءَ ڀلي پار جي زمين کي چمڻ‌جي توفيق ڏئي۔۔

خالق ڪائنات هر مومن مسلم کي بيت الله شريف ۽ پنهنجي محبوب جي روزي جو ديدار ڪرائي
 
جواب: مڪه ٽاور، وقت ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو۔۔

خوبصورت گهڙيال جي ڏينهن جو منظر

2mgmvpk.jpg

۽ ٺيڪ گهڙيال جي جاءِ ته رب تعالى جي گهر ڪعبت الله شريف جو منظر۔۔۔

2jctwyr.jpg

هن گهڙيال جي ٻين رڪارڊن مطابق۔۔۔
هن گهڙيل جي عمارت دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو هوٽل آهي۔۔۔
هي دنيا جو وڏي ۾ وڏو گهڙيال آهي۔۔۔ جيڪو چار طرفو آهي۔۔۔
هن عمارت جي ڇت کي ايتري بلندي تي وڌ ۾ وڌ رکڻ جو پڻ اعزاز حاصل آهي۔۔۔
برج خليفا کانپوءِ دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت آهي۔۔۔

دنيا جو خوبصورت ترين ۽ دلڪش نظارو۔۔۔ دعا آهي ته رب پاڪ سمورن مسلمانن کي ڏيکاري۔۔
 
جواب: مڪه ٽاور، وقت ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو۔۔

دوستو! مڪه ٽاور تي ٽائيم ڏسڻ جو شرف ته گذريل کان به اڳئين رمضان کان ٿي رهيو آهي، پر عمارت ايتري وڏي، تاريخي ۽ گهڻ منزله آهي جو ڪم کٽڻ جو نالو ئي نٿو وٺي پر تنهن هوندي به آ ان عمارت جو اکين ڏٺو شاهد آهيان ۽ ان کي پيڙهه کان وٺي ۽ هاڻ جڏهن مڪمل ٿي آهي تائين هر روز ٺهندي ڏسندو اچان ۔۔۔ ڇاڪاڻ منهنجي آفيس کان اها عمارت ڪجهه هن ريت نظر اچي ٿي ۔۔۔ انڪري هاڻ وقت ڏسڻ جو ڪو مسئلو ناهي بس، ڪرسي ڦيرا ته گهڙيال سامهون ۔۔۔

http://imageshack.us
 
Back
Top