• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻڏندي ٻڏندي سوچن ۾، مست گذاري عيد،

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ٻڏندي ٻڏندي سوچن ۾، مست گذاري عيد،​

ٻڏندي ٻڏندي سوچن ۾، مست گذاري عيد،
آهن ستايل سورن ۾، ماروئڙا شديد،
ٻن گرهن لاءِ‌ ڪيمپن ۾، ڦيرين ويٺا ديد،
ڏيندو ڪير وعيد؟، خوشين سندي انهن کي۔۔۔۔​

اسان جي فورم سنڌ سلامت جو ساٿي مست ( جنهن جي اصل نالي جي مون کي ته خبر نه آهي ) واقعي مست آهي اهو به سنڌ سلامت جي فورم، سنڌ ڌرتي توڙي سنڌي ماروئڙن لاء ، مون هميشه مست صاحب جي ونڊ ڪيل يا پوء سندس لکيل تحرير نثر ۾ ئي پڙهي آهي پر سندس ڪيل شاعري تي منهنجي نظر پهريون دفعو پئي آهي ، ماشاءالله سان سندس نثر وانگر شاعري به بهترين آهي۔ مست جي شاعري ۾ به سنڌ جي ماروئڙن ۽ انهن جي ڏکن جو ذڪر ٿيل آهي۔ سندس ان شاعري تي منهنجي طرفان هي تاڙيون قبول پون۔
clapping-hands-lg1.jpg
 
جواب: ٻڏندي ٻڏندي سوچن ۾، مست گذاري عيد،

http://www.youtube.com/watch?v=r0umhaliqjo

ادا ممتاز۔۔۔۔ جڏهن اکين سان ڏٺل منظر دل ۽ دماغ کي لوڏي وجهندا آهن ته هٿن ۾ قلم لرزڻ شروع ڪندو آهي پوءِ مست۔۔۔۔ بس سچ ئي لکندو آهي۔۔
ادا منهنجي هن غريباڻي شاعريءَ‌کي بهترين چوڻ تي لک ٿورا۔۔۔ پر ادا پنهنجي سنڌ جي هيلوڪي ڏکن کي ڏسي عيد صفا وڻي ئي ڪانه۔۔ عيد جي رات هتي ڄامشورو ۾ متاثرين جي ڪيمپ جو هڪ گلن جهڙو ڇوڪرو گيسٽرو وگهي هي دنيا ڇڏي اصل جهان ڏانهن راهي ٿي ويو۔۔ عيد جي رات به جنازن کي ڏسڻ ۽ ڪلهو ڏئي کڻڻ‌وارن جي ڪهڙي عيد۔۔۔؟ بس ان کان پوءِ‌ڇا جي عيد ادا۔۔؟
مست جو اصل نالو اسد علي ميرجت آهي ڄامشورو جي علائقي جو رهواسي،۔۔
 
جواب: ٻڏندي ٻڏندي سوچن ۾، مست گذاري عيد،

تمام سٺي معلومات توهان ونڊ ڪ.ئي آهي ته مست شاعر به آهي مهرباني سائين
 
جواب: ٻڏندي ٻڏندي سوچن ۾، مست گذاري عيد،

ادا عاشق۔۔۔۔ ادو طاهر صحيح پيو چوي۔۔ هي عيد به ته سوچن ۾ ئي گذري۔۔
 
Back
Top