سڀني دوستن جن فون ڪالز، ذاتي پيغامن، اي ميلز ۽ سنڌ سلامت فورم جي صلاح مشوري واري سيڪشن ۾ صلاح ڏني خاص طور سائين نثار ابڙو جي صلاحن کي سامهون رکندي نون سلسلن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔۔ جن مان هيٺيان ٽي نوان سيڪشن بڻايا ويا آهن۔۔۔ گوگل ڳولا جا راز جتي مشهور سرچ انجڻ گوگل کي استعمال ڪرڻ جا آسان ٽوٽڪا شامل ڪيا ويندا مختلف موضوع جتي توهان متفرقه يا مختلف موضوعن کي شامل ڪري سگهندو صحت سرير جي صحتمند رهڻ لاءِ هتي ڏنل موضوع توهان جي لاءِ قيمتي هوندا۔۔۔ ان کانسواءِ جلد ئي ڪجهه نون سيڪشن جو اضافو پڻ ڪيو ويندو۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا رشيد اصل اندر ٺاري ڇڏيئي۔ پرين اسان جي دعائون توهان سان گڏ آهن ۽ توهان اسان جو ساٿ مرڻ گهڻي تائين رهندو۔
ادا رشيد مهرباني پر منهنجي چوڻ تي توهان هڪ واعدو ڪيو هو پورٽيبل سافٽويئر لا سيڪشن ٺاهڻ جو ان جو اعلان ڪڏهن ڪندو؟
دوستن جي اسرار تي ڪجهه وڌيڪ سيڪشن بڻايا ويا آهن جن ۾ ... اسلامي شيخصيتون ادا ابوزين جي مشوري تي اسلام زنده باد واري سيڪشن ۾ هن خاني جو اضافو ڪيو ويو آهي جتي معتبر اسلامي شخصيتن جو تفصيلي تعارف ڏئي سگهبو.. سنڌ جون سرتيون ادا نثار ابڙو جي مشوري تي عمل ڪندي سنڌ جي سنڌياڻين لاءِ هي سيڪشن ٺاهيو آهي جنهن ۾ ٽي سب فورم، سنڌياڻي، سورنهن سينگار ۽ رڌ پچاء شامل ڪيا ويا آهن.. سنڌ سلامت تي موجود سنڌياڻين خصوصا” ادي ساره ۽ نور کي گذارش آهي ته نه صرف هن سيڪشن ۾ تحريرن جو اضافو آڻين بلڪه پنهنجي حلقه احباب ۾ موجود سنڌي ڀينرن کي فورم تي اچڻ لاءِ دعوت ڏين ته جيئن هن سيڪشن ۾ اضافو آني سگهجي... اکر پڙهه الف جو ادا نثار ابڙو جن جي ئي مشوري تي سنڌ جي مستقبل ۾ ڪاميابي جا ڏاڪا ماڻيندڙ شاگردن لاءِ هي سيڪشن بڻايو ويو آهي جنهن ۾ مختلف نصابي ۽ غير نصابي معلوماتي شامل ڪري سگهبي... پورٽيبل سافٽويئر ادا وحيد سمون جي مشوري تي هن سيڪشن ۾ پورٽيبل سافٽوئرز جو مختصر تعارف، بنائڻ جو طريقي ڪار ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ لنڪس شامل ڪيا ويندا... سافٽويئر گهرجي ادا وهاب جي فرمائش تي هن سيڪشن جو اضافو ڪيو ويو آهي ... جتي ڪوبه دوست ڪنهن به سافٽويئر جي گهرج لاءِ سوال شامل ڪري سگهي ٿو.... سنڌ سلامت جي سموري ساٿ کي گذارش آهي ته سندن جي سوالن جي جواب ۾ سندن سان پورو پورو سهڪار ڪن.... سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا رشيد؛ حق موجود اصل قرب ڪري ڇڏيا اٿو، اسانجي فرمائشن کي قبول ڪرڻ جي مهرباني ۽ اميد آهي ته اسانجا دوست ۽ ڀينرون ان موٽ ۾ اسانجي هن فورم کي چار چنڊ هڻي پاڻ ملهائيندا ... الله اوهانکي پنهنجي رحمتن جي ڇانوَ ۾ رکي ... آمين سدائين گڏ0
ادا رشيد توهان جا لک احسان جو اسان مسڪينن جي فرمائش پوري ڪئي اٿئو، اها اسان جي لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ سلامت کي توهان جهڙا ايڊمن مليا آهن باقي ٻين فورمن جي ايڊمن جا حال اسان پنهنجي اکين سانا ڏٺي ويٺا آهيون. منهنجي ته ايندڙ نسل به توهانجي لاءِ دعائون گهرندي.
سوال ۽ جواب جي سيڪشن جي مشهوري کي ڏسندي خيال آيو ته ڇو نه ان سيڪشن کي الڳ طور رکيو وڃي جنهن کان پوءِ آئي ٽي ، ڪمپيوٽر ، هارڊويئر سافٽويئر بابت ۽ مسئلن مونجهارن بابت هڪ نئون سيڪشن پڇڻا نه منجهڻا جي نالي سان الڳ طور ٺاهيو ويو آهي۔۔۔ ياد رهي ته دوستن جي پڇيل اڳ ۾ جي سوالن ۽ انهن جي جوابن کي پڻ ان سيڪشن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي۔۔۔۔
پر وڏي ايڊمن مان پاڻ ئي پُڇڻو هُجان ۽ پاڻ ئي مُنجهڻو هُجان ته پوءِ؟ ته پوءِ ”مُنهنجو ڏس يقينن هن ديس جي آسمانن نه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر پاڳل خانن کان ضرور پُڇجو“۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ائين نه جادوگر!
نواڻ تمام سٺي لڳي . ادا سنڌي ۾ نيٽ جي دنيا جو وڏي ۾ وڏو فورم آهي انشاالله اڃا به وڏو ڊيٽابيس گڏ ٿيندو.