منهنجو فڪري استاد

'سنڌي ادب' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    عبدالحڪيم ارشد



    زندگي ۾ مون جن ساڃاهه وند شخصيتن کان ڪجهه سکيو، پرايو ۽ شعور حاصل ڪيو آهي، تن ۾ نورالدين سرڪي صاحب جو نانءُ نشانبر آهي، ادب، سياست، انقلابي جدوجهد ۾ منهنجي ترقي پسند نظريي جي تشڪيل، تربيت ۽ تعمير ۾ سرڪي صاحب سان لڳاتار ڪچهرين ۽ ادبي سنگت جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ دوران مون ان کان فڪري ۽ عملي ڏاهپ جا ڪي اهڙا گر، سياڻپ جا ڪي اهڙا سبق سکيا آهن، جن منهنجي جذباتي ۽ اٻهري مزاج کي متانت ۽ سنجيدگي ڏانهن مائل ڪري زندگي ۽ ان جي مسئلن ڏانهن سوچڻ لاءِ منهنجي سوچن جي رخ کي مثبت ۽ تعميري راهن ڏانهن موڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. عبيدالله سنڌي وٽان اسان کي طبقاتي انقلاب جو شعور مليو، سائين جي ايم سيد وٽان سنڌيت جي ساڃاهه ملي، ته سرڪي ۽ قاضي فيض محمد مرحوم جي درسگاهن مان شعور ۽ ساڃاهه کي پنهنجي منطقي نتيجي تائين پهچائڻ جي لاءِ سائنسي ۽ فلسفيانه طرز- فڪر اختيار ڪرڻ جي فڪري تربيت ٿي. آءٌ جڏهن پنهنجي فڪري ارتقا جي مختلف مرحلن، موڙن ۽ پرپيچ راهن تي طئي ڪيل سفر تي نظر ڊوڙايان ٿو ۽ هي سٽون لکڻ وقت جناب نورالدين سرڪي جي سنجيده، بيحد متين ۽ بردبار شخصيت کي پنهنجي تصور ۾ آڻيان پيو، ته ان جي انتهائي اڻ ڳڻين احسانن سببب نهايت محبت ۽ عقيدت وچان منهنجو ڪنڌ ان آڏو جهڪي وڃي ٿو ۽ آءٌ نهايت ادب ۽ تعظيم سان پنهنجي هن محسن استاد کي دل جي سچي عقيدت سان سلام عقيدت پيش ڪندي کيس سندس جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪيان ٿو.



    شايد 1945ع جو دور هو، جڏهن شاعري جي شوق ۽ گل محمد چنه مرحوم جي صحبت ۽ سنگت ۾ مون نوابشاهه ادبي سنگت جو ميمبرشپ فارم ڀريو هو. اياز قادري مرحوم ان وقت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ۽ نورالدين سرڪي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر ۽ ڀايان ٿو ته خزانچي هوندو هو.



    انهن ئي ڏينهن ۾ جمعيت الشعراء سنڌ جي ڏنل هڪ طرح مصرع: “اي جوانو جانبازؤ وک وڌائيندا هلو” تي سرڪي صاحب جو پهريون غزل نوابشاهه مان نڪرندڙ هفتيوار“ آوازِ سنڌ” ۾ ڇپيو هو. مون کي هاڻ ان جا شعر ياد نٿا اچن، مون پنهنجو پهريون غزل سرڪي صاحب جي ان عزل جي تتبع ۾ ساڳي طرح مصرع تي لکيو هو،جيڪو مون پهريون ڀيرو سنڌي اديب سنگت نواب شاهه جي گڏجاڻيءَ ۾ تنقيد لاءِ پيش ڪيو هو. مون کي پنهنجي ان غزل جو هڪ شعر اڄ به ياد آهي :



    جيئن اٿي جهومي وري اڄ پنهنجي ڪائنات،

    زندگي جي ساز تي سي گيت ڳائيندا هلو.



    هي حوالو مون انهي لاءِ پيش ڪيو آهي ته منهنجي شاعراڻي ڏات جو پهريون محرڪ سرڪي صاحب جو اهو پهريون غزل ئي بڻيو هو.



    سرڪي صاحب سان منهنجي غائبانه واقفيت به سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان ٿي هئي ته روبرو واقفيت به سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان ٿي. جڏهن 1964ع ۾ اسان سندس آفيس 17 اورنگزيب مارڪيٽ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي هئي، سنڌي زبان جو مشهور ترقي پسند شاعر، اديب ۽ ماهنامه “سوجهرو” جو چيف ايڊيٽر مان وارو تاج بلوچ صاحب اسان جي برانچ جو سيڪريٽري هوندو هو ۽ نورالدين سرڪي، امرجليل،اقبال جتوئي، اشوڪ ڪمار گنگواڻي، ٺاڪر شرما، ميان گلزار سومرو، سيد نثار علي شاهه ۽ مان ان ادبي سنگت جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جا ميمبر هئاسين. سن 1964ع کان 1967ع تائين آءٌ سنگت جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر هوس، بلڪه 1967ع ۾ سيڪريٽري به ٿي رهيس، انهن ٽن سالن ۾ مون سرڪي صاحب کان گفتگو ۽ ان جي خاموش طرزِ عمل کان تمام گهڻو حاصل ڪيو، سواءِسرڪاري موڪلن جي مون کي ياد ناهي ته ڪو به اهڙو ڏينهن نه گذريو هوندو جڏهن مان اين جي وي هاءِ اسڪول مان نڪري “موڪل بعد” سڌو اورنگزيب مارڪيٽ سرڪي صاحب وٽ نه آيو هوندس. انهن ٽن سالن ۾ مون کي منهنجي فڪري استاد “ليننزم” ماؤزيتنگ، گورڪي، چيخوف، شولو خوف، سجاد ظهير جو ڪتاب، روشنائي،علي سردار جعفري جو ترقي پسند ادب، مجنون گور کپوري ۽ ٻين ترقي پسند ۽ انقلابين جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا. مطالعي بعد اسين انهن تي گفتگو به ڪندا هئاسين. انهن مان مليل انقلابي شعور کي ادبي سنگت جي مختصر ۽ بظاهر ماٺيڻي ۽ محدود عملي ميدان تي ڪيئن آزمائجي، مون پنهنجي فڪري استاد کان اها حڪمت عملي سکي، پروڙي ۽ پنهنجي وس آهر تجربي ۾ آندي. زندگي جي سمورن شعبن جي مقابلي ۾ مان سمجهان ٿو ته اديبن کي ترقي پسند شعوري نظريي ۾ پلٽائي، انهن کي آرگنائيز ڪرڻ هڪ انقلابي ڪارڪن لاءِ نهايت ڪٺن ۽ مشڪل عمل آهي. هن تجربي ۾ مون اهو سکيو ته اديب ۽ مولوي طبقو نهايت انا پرست طبقو ٿيندو آهي. هي اهڙا رڪ ۽ فولاد آهن، جن کي رجائي، ايڪتا ، نظرياتي ۽ عملي وحدت ۾ سموئڻ نهايت مشڪل ڪم هو، پر آءٌ دعوا سان چوان ٿو ته اها سرڪي صاحب جي ڏاهپ، سنجيدگي ۽ نظريي سان ڪمٽمينٽ هئي، جو 17 اورنگزيب مارڪيٽ واري ادبي سنگت هزار اندروني خلفشار، ٻاهرين مخالفتن ۽ سياسي ناموافقتن جي باوجود خالقدنه هال ۾ سن 1966ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ان وقت اسان سڀني جون دليون هڪ ئي جذبي سان هم آهنگ هونديون هيون. اسان سڀئي ذاتي انانيت کان مٿي کڄي هڪ مقصد جي تڪميل لاءِ هٿ هٿ ۾ ملائي، هڪ ئي روح ۽ هڪ ئي جذبي سان اڳتي وڌندا رهياسين. اڄ سنڌ جو اهو ڪهڙو شهر آهي جتي سنڌي ادبي سنگت موجود ناهي. هن سڄي جدوجهد ۾ سرڪي ڪڏهن به پنهنجي راءِ ڪاروباري ڪميٽي تي مسلط نه ڪئي ۽ نه وري ايڏو سينئر هوندي به پاڻ کي مٿڀرو بنايو، بلڪل نه.



    سرڪي صاحب جي زندگيءَ ۾ مون کي وڏ ماڻهپائي ڪڏهن به نظر نه آئي. 1964ع کان اڄ تائين مون هميشه ان کي پرعزم ۽ هڪ جهڙو ڏٺو .ايوب خان کان پرويز مشرف تائين هر دؤر ۾ جڏهن به آءٌ ساڻس مليو آهيان، سندس پيشانيءَ تي مون ڪڏهن به مايوسي، همت شڪني ۽ حالات سبب دلشڪستگي جون ريکائون نه ڏٺيون آهن. هو هڪ اهڙو پروفيسر آهي، جيڪو پنهنجي بلند علمي مرتبي، انقلابي عملي جدوجهد جي باوجود نوجوانن جي ذهني سطح تي هيٺ لهي، سندن تربيت ڪري ٿو. اوهين حيران ٿي ويندؤ ته عمر جي هن اسٽيج تي هئڻ جي باوجود، وڪالت جي مصروف پيشي سان تعلق هوندي به، هر روز ڪيترا ڪلاڪ مطالعو ڪري ٿو. انگريزي لٽريچر، سنڌي ڪتاب، فارسي شاعري به سندس زيرِ مطالع رهن ٿا.



    ذاتي زندگي هجي، يا سندس آفيس جي اسٽاف سان سندس سڀاءُ هجي، يا سندس دوستن سان رويو، مون هميشه کيس جمهوري مزاج جو حامل ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي . هو بلڪل معتدل مزاج وارو انسان آهي. سياست ۾ ٻاهران تبديلي يا انقلاب جي بجاءِ سماج جي اندروني تغير جو قائل آهي. هو جمهوريت ۽ جمهوري ادارن جي استحڪام جو قائل آهي. هو سماجي تبديلي جو طويل، صبر آزما ۽ هيٺان کان مٿي تائين علم، شعور، منظم پلاننگ ۽ منصوبه بندي واري حڪمت عملي سان خاموش سماجي تبديلي جو خواهشمند آهي. هو هميشه چوندو آهي ته انقلاب ٻاهران مسلط نه ٿيندو آهي، اها ته انارڪزم ۽ فرسٽريشن آهي. انقلاب لاءِ اهي اندروني حالتون پيدا ڪرڻيون پونديون، جيڪي پنهنجي اندروني اڀار جي بنياد تي انقلاب جو منطقي نتيجو پيدا ڪن. سياست يا انقلابي هلچل ۾ هو ڊاڙ، ٻٽاڪ ۽ ڇسي نعري بازي کي پسند نه ڪندو آهي.



    محمد ابراهيم جويو سندس قريبي دوست آهي . جويو صاحب جڏهن سرڪي صاحب وٽ آفيس ۾ ايندو آهي ته آءٌ خاموش نگاهن سان ٻنهي ڏانهن نهايت حيرت سان تڪيندو رهندو آهيان . مون کي خبر آهي ته اهي ٻئي زندگي جي مادي نظريي جا قائل آهن، پر منهنجو ويساهه وڌي ويندو آهي انهي ڳالهه تي ته جنهن ڏينهن خدا روحن کي خلقي ڪو الستي عهد ورتو هو، ان ڏينهن ان جاءِ تي اهي ٻئي روح هڪ ٻئي جي بلڪل ڀرسان ۽ بنا وٿي جي هوندا. خدا کي ته خبر ناهي هنن جي روحن ڪهڙو جواب ڏنو پر هڪ ٻئي سان ساٿ نڀائڻ جو الستي عهد ۽ پيمان ضرور ڪيو هوندائون. ٻئي شخصيتون بيحد پياروين، ماکي ۽ مصري کان مٺڙيون ۽ انسان ذات لاءِ سراپا محبت آهن. سنڌ ڌرتي جا هي روشن ضمير، روشن خيال ۽ انسان دوست انسان، زندگيءَ جي راهه تي روشنيءَ جون مجسم علامتون آهن. روشني هميشه اوندهه ۽ انڌوڪار جي دشمن رهي آهي. جهالت، عقيدي پرستي، انسان ذات ۾ مختلف متڀيد، مذهب، طبقن، جاگرافين ۽ ٻين اضافي نسبتن جي بنياد تي انسانن ۾ تفريق ۽ انسان ذات جي وچ ۾ تقسيم در تقسيم، مظلوم قومن تي ظالمن، استحصالين، پرمارن ۽ غاصب قومن جي ظلم، انياءُ، بالادستي ، سندن تهذيب، ڪلچر، ٻولي، پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري، انهن کي غلامي جي زنجيرن، ڳٽن ۽ پنجوڙن ۾ پابند ڪرڻ وارن پاپين جي پاپ نگر ۾ هميشه هنن ساڃاهه وندن انتهائي جرئت، حوصلي، پامردي، ثابت قدمي، اتساهه ۽ ويساهه سان انقلابي فڪر، شعور، سماجي تبديلي جي ساڃاهه جون قنديلون ۽ مشعلون جرڪايون آهن. ذميداري ۽ جوابداري جي سچي احساس سان هنن اسان تائين صداقت جي امانت منتقل ڪئي آهي. اڄ سنڌ ۾ انقلابي سجاڳي ۽ جاڳرتا جي جيڪا لهر اڀريل آهي، سنڌي قوم جي موجوده نسل ۾ آجپي، مزاحمت ۽ انسان دوستي جي جيڪا آرزو، امگ ۽ احساس اسان کي نظر اچي ٿو، سو اهڙن انقلابي، ترقي پسند دانشور جي ڏاهپ ۽ جدوجهد جو نتيجو آهي. هنن اسان کي سکاريو آهي ته سڄي دنيا هڪ عالمگير برادري آهي. قومون، مذهب، مملڪتون، جاگرافي سرحدون، مختلف انسانن ۾ سڃاڻپ جا نالا آهن . نه ته سڀني جي دلين جي رڳن ۽ شريانن ۾ ڊوڙندڙ رت ۽ دلين جي ڌڙڪڻ ساڳي آهي. سڀني کي پاڻ ۾ امن، آشتي، پيار ۽ محبت سان رهڻ گهرجي . جنگ ۽ جدل، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ فطرت انسانيءَ جي خلاف شيطاني منصوبو آهي. زندگيءَ جو عظيم مقصد انسان ذات ۾ صلحِ ڪل، ايڪتا ۽ محبت قائم ڪرڻ آهي. ظلم سان پنهنجي پنهنجي حال ۽ حيثيت آهر مهاڏو اٽڪائي، دنيا تي ڇانيل شر، فساد، دهشت ۽ جنگ جا ڪارا ڪارا ڪڪر هٽائي، هن دورزخ بڻيل ڌرتي کي امن ۽ آشتي جي جنت بنائڻ لاءِ اسان مان هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪردار پنهنجي وس ۽ پهچ، قلم، علم ۽ عمل جي ذريعي ادا ڪرڻ گهرجي.



    نورالدين سرڪي ۽ ان جي حوالي سان ابراهيم جويي جو نانءُ زبان قلم تي آيو آهي ته آءٌ ڀرپور اتساهه سان فقط ايترو چوندس ته سنڌ ڌرتي جي هنن مهان ڏاهن اسان جي ذهنن ۽ ضميرن ۾ نئين سوچ، فڪر ۽ شعور جي جيڪا چڪي لڳائي آهي، سا ضرور هڪ ڏينهن پنهنجي انوکي مهڪار سان سڄي سنسار کي مهڪائيندي. سنڌ ننڊ مان نيڻ مهٽي جاڳي آهي. سنڌ مان هڪ نئين سنڌ اڀارڻ لاءِ اسان کي علم، فڪر، سائنسي شعور، ٽيڪنيڪل ترقي سان هلندڙ دؤر جي روح جي تقاضائن سان هم آهنگ ٿيڻو پوندو. جنهن لاءِ وقت گهٽ، ميدان ڊگهو ۽ وسيع، سخت محنت ۽ جاکوڙ جي ضرورت آهي.



    نوٽ. هي مضمون روزانه عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ سرڪي صاحب جي جنم ڏينهن جي حوالي سان ڇپيو هو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو